شبنم گل جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”اڌوري ڪٿا“ جو جائزو
انسان جي نفسيات جو فارمولو ڪونهي، هر دور ۾ سندس طرز عمل، انداز، وهنوار الڳ الڳ رهيو آهي، نارميلٽي هر سماج جي پنهنجي آهي، تنهنڪري ڪرداري نفسيات، وهنواري نفسيات نارمل فارمولائيزڊ ناهي، فرائيڊ انهيءَ ڪري چيو هو ته نارمل ڪابه شيءِ ناهي، هر انسان ۾ ٿوري ٿوري چريائپ موجود آهي. وليم ونڊت چيو هو ته ابتدائي ذهني فرق جا نشان ته پروٽوزوا (هڪ گهرڙي وارا جاندار) ۾ به ملن ٿا. معنيٰ دنيا جي ڪثرتي وجود ۾ بظاهر هڪ جهڙائي آهي، پر وجودي طور هڪ وجود ٻئي وجود کان منفرد آهي. بلڪل اهڙي طرح ذهني طور به فرق آهي، معنيٰ هر ماڻهو جي نفسيات الڳ آهي، پر هتي سماج چريا ٿيندا آهن، سماج بيمار به ٿيندا آهن، توهان اڄ جنهن رجحان کي، جنهن ائبنارملٽي کي سڀاڻي ڏسڻ ٿا چاهيو ته اڄ انهيءَ جي ديڳ چاڙهيو، 20 سالن کانپوءِ توهان کي اهو سماج ملندو. گهٽ ۾ گهٽ ضياءُ شاهي جي پوکيل ٻج کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪيئن نه هن لبرل، امن پسند، ترقي پسند ۽ باشعور سماج کي جاهل ۽ جنوني بڻايو. اڄ جو سماج ڏسي ڪو به عقل ۽ شعور وارو ماڻهو انهيءَ کي نارمل نه چوندو. هن سماج ۾ ڪيترائي نفسياتي مونجهارا پيدا ٿيل آهن. انهن تي لکڻ وارو ڪوبه سماجي سائنسدان ناهي. اهڙي صورتحال ۾ شبنم گل قلم کڻي انهن مونجهارن کي پنهنجي افسانن ۽ ڪهاڻين ۾ ڪردارن ذريعي نروار ڪيو آهي.
ڪتاب اڌوري ڪٿا آهي، جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ڪابه ڪهاڻي دنيا ۾ مڪمل ناهي، ڪوبه ڪردار آخري ڪردار ناهي، زندگي هڪ اڌوري ڪٿا آهي، هزارين سالن کان انسان ساڳيون ساڳيون لاشعوري ڪٿائون ورجائيندو آهي، پر نه هو پاڻ کي سمجهي سگهيو آهي نه وري زندگي جي منجهيل سٽ کي سلجهائي سگهيو آهي.
شبنم گل جو ادبي سفر زندگي جي رمزن جو شاهد آهي، هن اهو دور ڏٺو جيڪو قدرن ۽ تهذيب واري سفر جي ڪٿا هئي. هن هي دور به ڏٺو جيڪو ويڪائو وکر جو دور آهي، نفسياتي مسئلن ۾ جڪڙيل پيچيدگين جو دور آهي. هن ڪتاب ۾ شبنم گل پنهنجي ڪهاڻين جو مقدمو لکيو آهي جنهن ۾ هن ڪهاڻين ۾ موجود نفسياتي مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي. جنهن سان پڙهندڙ کي آساني ٿئي ٿي ته هو روزمره جي مسئلن کي نفسيات جي روشني ۾ پرکي سگهي ٿو.
ڪهاڻي “واسو” هن ڪهاڻي ۾ ٽيڪنيڪ ريلئسٽڪ بيانيه آهي، جنهن ۾ نفسياتي تجسس سان گڏ خوف موجود آهي. پڙهندڙ جنات، وهم ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. آهستي آهستي حقيقت کلي ٿي. هي ڪهاڻي اسان جي سماج جي عام ڪهاڻي آهي. اسان جي سماجي جهالت جي ڪهاڻي آهي. 21 هين صديءَ جي دنيا جيڪا شعوري طور سائنسي شعور جي صدي آهي، اتي اسان جي ماڻهن کي ايترو جاهل رکيو ويو آهي جو هو بيماري کي جن ڀوت جو واسو سمجهن ٿا. جهالت جي رسمن واري بيانيي جي پوئيرواري ڪن ٿا. اها هر گهر جي ڪهاڻي آهي ته هيسٽريا، بائيپولر ڊس آڊر، يا وري شيزوفرينيا کي جن يا لڳت جو مسئلو چئي ڀوپن، عاملن يا درگاهن تي مريضن کي وٺيو وڃن ٿا. ٻئي پاسي راءِ اها به آهي ته اصل پيراسائيڪولاجي ۾ اڃان ڪا خاطر خواهه تحقيق ناهي ٿي. سائنسدان صرف ڪمرشل دنيا کي وڌاءُ ڏيڻ لاءِ نيون ايجادون ڪن پيا، پر هنن پيراسائيڪولاجي ۾ ڪا به تحقيق نه ڪئي آهي. ڪجهه رايا اهي به آهن ته پيراسائيڪولاجي جهڙي ڪابه شيءِ ناهي. آئون سمجهان ٿو ته علمي بحث ٿيڻ گهرجي. اها اسان جي گهٽ علمي آهي ته اسان اڃان سماج کي سواليه ڇڏي ڏنو آهي.
انهيءَ موضوع تي ڪهاڻي “ڪروڌڻ” ڏاڍي اهم آهي. هن ڪهاڻي ۾ ٽيڪنڪ طور علامتي ۽ اڳواڻ اشارن(Foreshadowing) تي ٻڌل آهي. باهه صرف حادثو ناهي، پر ڪردار جي اندروني ڪاوڙ جو علامتي نتيجو آهي. هن ڪهاڻي ۾ منفي سوچ يا منفي جملن جو اثر ڏيکاريو ويو آهي، اها عام چوڻي آهي ته ماڻهو جي سوچ جو اثر ان جي روزمره زندگي تي ٿيندو آهي. شبنم گل جو چوڻ آهي ته “منفي سوچ نسل درنسل سفر ڪري ٿي” سائنسي طور انهيءَ تي تحقيق ٿي آهي اليڪٽران مادي ۽ لهر جي صورت ۾ ظاهر ٿي سگهي ٿو، جنهن لاءِ ڪيٿوڊ تجربو ڪيو ويو. معنيٰ اليڪٽران انساني نظر جي مداخلت سان پنهنجو رويو مٽائي ٿو. انهيءَ تجربي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ته آخر اليڪٽران جي معروضي حالت ڪهڙي آهي، جيڪڏهن مادي ناهي ته پوءِ پيراسائيڪولاجي جو وجود آهي، فلسفي ۾ مابعد الطبعيات تي اڄ نئين سر بحث جي ضرورت آهي، پر جيڪڏهن اليڪٽران صرف مادي آهي ته پوءِ انرجي ڪٿان پيدا ڪري ٿو؟ آخر ۾ اهو سوال اهم آهي ڇا انرجي ۽ مادو ٻئي هڪ مواد جو اظهار آهن؟ بدقسمتي سان اسان وٽ اهو بحث ئي ناهي. اسان جي سماج ۾ سوال ئي ناهن. ماڻهو روزمره جي مسئلن ۾ ايترا منجهيل آهن جو هنن وٽ الله جي آسري کانسواءِ يا پيري مريدي، وسوسن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. دنيا سماجي مسئلن مان نڪري ڪائنات کي تسخير ڪري پئي، پر اسان جي سماج ۾ هٿ وٺي مونجهارا پيدا ڪيا ويا آهن. جيئن حڪمرانن جي عياشي نسل در نسل هلندي رهي. انهيءَ ڪري ڪهاڻي ڪروڌڻ ۾ جيڪي نفسياتي مسئلو کنيو ويو آهي، اهو اسان وٽ پراڻي روايتن ۾ ڪجهه جملا منفي طور موجود آهن، جيڪي نسل در نسل روايتن ۾ هلندا رهن ٿا، پر ماڻهن کي اها خبر ناهي ته منفي جملا منفي سوچ زندگي تي ڪيڏو اثر وجهن ٿا. اهڙي وراثت جو سلسلو ڪهاڻي “ورثو” ۾ موجود آهي، هن ڪهاڻي ۾ ماورائي ٽيڪنڪ استعمال ٿيل آهي. ماحول، مزار، ڀوئر ۽ ڪردار جي ڪيفيت گڏجي هڪslow گهري فضا ٺاهين ٿا. واقعي کان وڌيڪ احساس ۽ فضا اهم آهي، جيڪا جديد نفسياتي ڪهاڻي جي خاصيت آهي. ڊاڪٽر جنگ وراثتي لاشعور جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن کي اجتماعي لاشعور به چئجي ٿو. جنهن مطابق ڪنهن به قوم جو، خاندان، قبيلي جو هزارين سالن کان لاشعوري ورثو نسل در نسل منتقل ٿيندو رهندو آهي. سنڌي ماڻهن جي لاشعوري نفسياتي ورثي تي اڃان ڪنهن ڪم نه ڪيو آهي، گذريل ڏينهن ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ هڪ تحقيق ڪئي وئي هئي. ڊاڪٽر مقصود انصاري سنڌي ماڻهن جي ڊي اين اي تي تحقيق ڪئي هئي جنهن ڏاڍا حيران ڪن نتيجا سامهون آندا هئا. هن چيو ته مختلف نسل سنڌي قوم ۾ موجود آهن، انهن جي نفسياتي ساخت به الڳ الڳ آهي، ڊي اين اي ۾ انهن جا واضح اشارا ملن ٿا.
علميات ۾ اهو بحث ٿيندو رهيو آهي ته ماڻهو ڇا ڄاڻي سگهي ٿو، علم حاصل ڪرڻ جا ڪهڙا طريقا آهن، هڪ عقل ذريعي علم حاصل ڪجي ٿو، ٻيو تجربن ذريعي، ٽيون وجدان ذريعي.
ڇا وجدان جي ڪا حقيقت آهي يا وري وهم آهي، ان جو ڪو حتمي جواب سائنس نٿي ڏئي، پر برگسان، ڪانٽ، علامه اقبال، وجدان کي فوري ادراڪ يا حقيقت تائين رسائي جو ذريعو سمجهن ٿا. هاڻي خواب يا حقيقت ۾ اهڙو بحث ٿيل آهي، جنهن ۾ ڪردار کي محسوس ٿيندو آهي ته ساڻس ڪجهه خراب ٿيڻ وارو آهي. وجدان جي حقيقت سائنسي طور ثابت نه ٿي آهي، پر لکين انسانن جي وهنوار ۽ ڪيفيتن جا مسئلا اڃان سائنسي طور ثابت نه ٿيا آهن.
ڪهاڻي “ٻار کي سمجهي سگهون ها!” ڏاڍي شاندار ڪهاڻي آهي، اڄ جي دور ۾ اسان جو سماج صرف مقابلي بازي ۽ چٽاڀيٽي تي يقين رکي ٿو. ٻار جي نفسيات ڇا آهي؟ سندس گهرجون ڪهڙيون آهن. ان جو فطرت سان ڪهڙو تعلق آهي، مٽِ سان سندس رشتو ڪهڙو آهي. اسان جي من گهڙت سماج ۾ ڪير به ٻار جي شخصيت سازي ڏانهن ڌيان نٿو ڏي. هن ڪهاڻي ۾ به ٻار کي مقابلي بازي ۾ منجهائي ڊپريشن جو شڪار ڪيو وڃي ٿو. ايتري قدر جو ڊاڪٽر جي مشوري کي ڇڏي وري به ان تي تجربا ڪيا وڃن ٿا. جنهن جو انجام ٻار جي فراريت ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
هن ڪهاڻي ۾ اهو پيغام آهي ته ٻار مارڪيٽ جو وکر ناهي، ٻار اسان جي خواهشن جو سامان ناهي، اسان هن کي پوزيشن کڻڻ، سٺيون مارڪون کڻڻ جي ريس جو گهوڙو سمجهي هڪليون ٿا، پر ٻار جي نفسيات کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. ٻار کي فطرت کان پري نه ڪريو، هن کي مٽيءَ سان کيڏڻ ڏيو. هن کي ڊوڙون پائڻ ڏيو هن کي سنگيتن سان راند ڪرڻ ڏيو. هن جو ننڍپڻ هن کي جيئڻ ڏيو. ٻار جي مزاج کي ڏسي ان مطابق ان کي بنجڻ ڏيو. هونئن به ڪمرشل ڊجيٽل دور انسان کي مارڪيٽ ۾ ڊوڙندڙ گهوڙو بنائي ڇڏيو آهي. پئسن ڪمائڻ جي مشين، اسٽيٽس بنائڻ وارو ڀوت بنائي ڇڏيو آهي. جنهن ڪري اهڙي ٻار جي اندر انسان نه، پر مشين پلجي ٿي. اهوئي سبب آهي جو احساس جو رشتو ختم ٿي ويو آهي، بي رحمي وڌي ويئي آهي.
ڪهاڻي “بدلو” ۾ سڌي حقيقت نگاري تي ٻڌل آهي، روزمره آفيس جي ماحول ۽ ڪردارن جي حرڪتن ذريعي سماجي ناانصافي ڏيکاري ويئي آهي. ڪهاڻي خواب يا حقيقت ۾ ابهام يا ٻڏتر واري نفسيات موجود آهي. هن ڪهاڻي ۾ خواب ۽ حقيقت جي سرحد کي ڌنڌلو ڪرڻ سان پڙهندڙ پاڻ نتيجو ڪڍڻ تي مجبور ٿئي ٿو.
ڪهاڻي سفيد رنگ ۾ علامتي رنگ جو استعمال ڪيل آهي. سفيد رنگ کي خودي ۽ خالي پڻي جي علامت طور پيش ڪيل آهي. داخلي مونولاگ ذريعي ذهن کي کوليو ويو آهي. مجموعي طور هر ڪهاڻي ڪو نه ڪو نفسياتي مونجهارو کڻي اچي ٿي ڪردار جيئرا جاڳندا آهن، روزمره جي حالتن ۾ اسان کي هر طرف اهڙا ڪردار ملندا. شبنم گل جي ڪهاڻين ۾ خوبصورت مڪالما موجود آهن، جن ۾ فڪري پسمنظر سان گڏ جمالياتي حظ به موجود آهي:
* آفيس ۾ دوستي جو مطلب گڏيل ڪرپشن.
* ڪيترائي معاملا انساني سوچ کان مٿانهان آهن.
* اسان ۽ پويان بيٺل نسلن دنيا کي رهڻ جي قابل نه ڇڏيو آهي.
* محبت ڇڪتاڻ جو سبب بڻجندي آهي.
* ڪائنات جي دهشت اڳيان بيٺو هو.
* زندگي جون ڪي حقيقتون تڪليف ڏيندڙ آهن، پر اميد جي سهاري انهيءَ اونداهي مان نڪري سگهي ٿو.
شبنم گل هڪ سوچيندڙ ۽ نفسياتي مسئلن کي سمجهندڙ ليکڪه آهي، جنهن ڪري هن پنهنجي چوڌاري موجود سماج مان ڪردار ۽ مسئلا چونڊيا آهن. انسان جو جياپو جهڙي طرح هن دور ۾ ڏکيو ٿيو آهي، انسان مصنوعي صورتحال ڏانهن وڌيو آهي ته نفسياتي ۽ جسماني روڳ وڌي ويا آهن، پر ڪمرشل دور جي پنهنجي نفسيات آهي، هن دور جو انسان سان واسطو ئي ڪونهي. سرمائي جي هوس ۽ طاقت جي نشي تي ٻڌل چند ٽرالينئر جي دنيا آهي. انسان هڪ ڊگهي سرنگ ۾ وڃي چڪو آهي.
ڪيئن رشتا، گهر، تهذيب ۽ قدر وکري ويا آهن جو انسان هوس ۾ جانور کان بدتر ٿي ويو آهي، اهڙي صورتحال ڪهاڻي “ٻٽو معيار” ۾ موجود آهي. جديد دور غير اصولي ۽ پابندين کان آجو آهي، ڪهاڻيون بني غيرت ۽ “محرومي” اهڙي محرومي جي ڪٿا آهن جن ۾ ماڻهو احساس محرومي جي ڪن ۾ گوتا کائي باءِ پولر ڊس آرڊر جو شڪار ٿين ٿا. احساس محرومي بنيادي طور ٻئي جي منفي مقابلي بازي مان جنم وٺي ٿي. زندگي سڀني جا رستا الڳ الڳ ٺاهي ٿي. ڪنهن کي ڪهڙو دڳ ملي ٿو ته ڪنهن کي ڪو دڳ ملي ئي ڪونه ٿو. اهڙا ڪردار توهان کي پنهنجي آسپاس جام ملندا. مون ته اهڙا به ڪردار ڏٺا آهن جيڪي توهان سان ڪڏهن مليا ئي ڪونه هوندا، پر توهان جي شهرت ۽ ڪاميابين تي گهر ويٺي کامندا ۽ پچندا ۽ پري کان پيا دشمني پاريندا. وري اهڙا ڪردار به توهان کي ملندا جيڪي پرپٺ توهان جا دلداه هوندا.
هي زندگي آهي! ائين ئي سماجي جوڙجڪ مان نفسياتي مونجهارا جنم وٺندا آهن.
مان سمجهان ٿو ته ڊجيٽلائزڊ موضوع نفسياتي بيمارين جو دور آهي. جنهن ۾ ماڻهو جي ذهن کي واهيات ۽ ڇسن ڪمن ۾ مصروف رکيو ويو آهي، سوشل ميڊيا هاڻي نوان آبسيسو ۽ هيسٽريائي مريض پيدا ڪيا آهن. ڪهاڻي ”تضاد“ ۽ صدمو ٻڌائي ٿي ته ڪيترو نه ماڻهو کي معمولي غير تعميري تضادن ۾ منجهايو ويو آهي. هڪ دور هو جڏهن انڊيا جا ڊراما سنڌ ۾ ڏاڍا مشهور ٿيا هئا. عورتن جي ذهن کي منشتر ڪري سازشن ۾ لڳائڻ، گهر ٽوڙڻ، رشتا تباهه ڪرڻ، مارڪيٽ جو وکر بنائڻ، عزت، قدر سڀ تباهه ڪرڻ هنن ڊرامن جو مقصد هو. ڇو ته نظرياتي دور جي طاقت اها نه رهي ته ڪمرشلزم جو بنيادي نقطو اهو هو. ته ماڻهن کي ذهنن کي ڪيئن تباهه ڪيو وڃي. انهن کي ڪمرشل دور جو بهترين غلام ڪهڙي ريت ٺاهيو وڃي. اهو ميڊيا ذريعي امير دنيا جي پاليسي سازن شروع ڪيو. اڳ غريب ماڻهو جو استحصال ٿيندو هو، جنهن ڪري انقلاب ايندا هئا. هاڻي غريب ماڻهو کي دنيا کان ئي بيدخل ڪيو ويو آهي، ان جو ذڪر ئي ناهي. توهان اسٽيٽس جي بيماري ۾، واهيات منفي مقابلي بازي ۾ مري رهيا آهيو، پر ٻئي تي رعب ويهارڻو آهي، ڇو ته توهان هاڻي علم کان وانجهيل آهيو. جيئڻ جو مقصد صرف ٻئي کي ڪيرائڻ ان تي رعب ويهارڻ آهي. پوءِ نفسياتي مرض نه ٿين ته معجزو ٿيندو.
عالمي نفسياتي ادارن جي انگ اکرن موجب پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو مريض ڪنهن نه ڪنهن نفسياتي روڳ ۾ ورتل آهن. انهن مان گهڻا سائڪوسز ٿي ويا آهن ته گهڻا نيروسز جا شڪار آهن. ڊپريشن ۽ اينگزائٽي جون دوائون ماڻهو پنهنجي ليکي وٺي کائڻ وارن جو تعداد تمام گهڻو آهي.
شبنم گل انهن نفسياتي مسئلن کي سمجهي ٿي، هن عام گهريلو سماجي مسئلن جو ويجهڙائي کان مطالعو ڪري ڪهاڻين جو روپ ڏنو آهي.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟