مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مخالف ڌر جي سياست کان پڇاڻو، اختلاف نئين بيانيي جي دريافت

Shabir Khokharr تجزيه نگار، ليکڪ، ڪالم نويس، سينئر صحافي

ايم فل اسڪالر، شاعر، تجزيي نگار، نقاد، محقق، اٺ ڪتابن جو ليکڪ، مضمون نگار، ڪالم نويس.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

مخالف ڌر جا اڳواڻ ھر مسئلي تي سياست پيا چمڪائين، اصل اقتدار واري سياست ڇو نه پيا ڪن؟ جنھن سان اشرافيه کي اسيمبلي مان ٻاهر ڪڍي نئين حڪومت آڻي ادارن کي سڌاري سگھجي ٿو. سڀ کان وڏو خطرناڪ، ڀيانڪ، غلط بوگس پرفريب، مخالف ڌر جي سياست جو بيانيو آهي، جيستائين ان بيانيي کان انڪار نه ڪبو تيستائين ڪجھه به حاصل نه ٿي سگھندو . تنقيد طنز، سوال، پڇاڻو، اختلاف راءِ جو درست ۽ دليل تي ٻڌل جواب ڏيڻ بدران الزامن جا تير وسائي، ايجنٽ جا ٺپا ھڻڻ ۾ دير نٿا ڪن، انھن کان ڪير پڇي ڏسي ته تنقيد تي مايوسي پکيڙڻ جو الزام لڳائيندڙ پاڻ پنجاھ سالن جي سياست ۾ ڪرپٽ حڪمران پارٽي کي ھڪڙي تڪ تي به ڇو نه پيا ھارائي سگھن؟ انقلاب ايندو، صبح ٿيندو جا سبز باغ ڏيکاريندڙ پنجاھ سالن جو حساب ڏين قوم کي روڊن تي گھليندڙن ڇا ڏنو آهي؟ کاٻي ڌر جي سياست مڪمل طور ناڪام ثابت ٿي آهي، پنھنجي ناڪامي جو اعتراف ڇو نٿا ڪن. ٽن پيڙهين جو ذھن صاف ڪندڙ ھڪڙي سوال تي پنهنجا حواس ڇو خطا ڪيو ويهن؟ روايتي سياست جو راڳ ڳائيندڙن کانسواءِ ھنن وٽ ڪھڙي سياست بچي آهي؟ ھي مخالفن جي سوالن جا جواب ڇو نٿا ڏيئي سگھن؟ پنھنجي ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ بجاءِ ڏاھپ، قائد انقلاب جا اسٽيڪر مٿي تي چنبڙائي ويٺا آهن ڇو؟ سال ۾ ھڪڙو جلسو ڪري چون ٿا مخالف ھنن جي جلسي کان ڊنل آهن! سياست ادب ۽ صحافت جو برين واش ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ھاڻي ڪنھن ڪم جو ناھي رھيو، ٽن پيڙهين جي برين واش کانپوءِ ادب ۽ صحافت بي اثر ٿي پيا آهن، پھريان سياست جو برين واش ڪرڻو پوندو، ان لاءِ سڀ کان پهرين روايتي سياست جو انڪار. معصوم ٻارن، نياڻين جو سياسي استعمال نامنظور، نڪور ذھنن جو برين واش نامنظور، ٽن پيڙهين جي غلامي نامنظور. مخالف ڌر جي سياست، نظرين ۽ جذبن جي استعمال سبب ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي. ھن اقتدار جي سياست کي اشرافيه حوالي ڪري ڇڏيو آهي، پاڻ رڳو مظلومن کي گھلڻ ۾ پوري آهي. بي رحم جذبن کان مٿانھين ۽ زميني حقيقتن تي ٻڌل سياست نه هجڻ جي ڪري ادب پنھنجي اهميت وڃائي ويٺو آهي. ادب، صحافت ۽ سياست ھٿان شڪست کائي چڪو آهي. سياست ھن جو برين واش ڪرڻ کانپوءِ ھن کي پنھنجو غلام، پوئلڳ ۽ ڪارڪن بڻائي رکيو آهي. ھاڻي سياسي قيادت ادب کي پنھنجي باندي بڻائي ڇڏيو آهي. ڪوبه ھن جو انڪاري ٿيڻ تي قبول نٿو ڪيو وڃي، ان کي منحرف، باغي، عجيب سمجھي مذاق بڻايو وڃي ٿو. مخالف ڌر جي سياست، ادب ۽ صحافت کي پنھنجي سياست لاءِ استعمال ڪري چڪي آهي. ھاڻي ادب ۽ صحافت گھڻي ڀاڱي ان جا پوئلڳ ۽ غلام ڪارڪن بڻجي ويا آهن. سياست جو غلط بيانيو ھن جي دماغ ۾ويھاريو ويو آهي، تنھنڪري ھيءَ ڪابه نئين ڳالھه قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
پليجي جڏھن شيخ اياز جي ترقي پسند تحريڪ، سياست تان دستبردار ٿيڻ تي ان کي غدار چئي ان کان وڏي شاعر جو لقب واپس ورتو. استاد بخاريءَ کي وڏو شاعر قرار ڏنو ته ان وقت مون پليجي جي مخالفت ڪئي ان جي جواب ۾ ھڪ نظم لکي، مضمون لکيو. ھن جي “سجاڳ ٻار تحريڪ”، “سنڌي شاگرد تحريڪ” ۽ “سنڌياڻي تحريڪ” جي پڻ پنھنجي لکڻين ۾ مخالفت ڪئي ته ٻارن، شاگردن ۽ مظلوم عورتن کي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ درست عمل ناھي. تاريخ اھڙن سياستدانن کي معاف نه ڪندي، پر افسوس عيار، چالاڪ سياستدانن کي رڳو پنھنجي سياست چمڪائڻ لاءِ مظلوم ورڪر کپن جن کي سڄي ڄمار روڊن تي گھلڻ ھنن جي ضرورت آھي. اقتدار تي اشرافيه جو قبضو ميراث بڻجي چڪو آهي. مخالف ڌر جي سياست تي اشرافيه جا ٺيڪيدار قابض آهن. ادب ۽ صحافت جو ھنن برين واش ڪري ڇڏيو آهي. ھاڻي سڀ ڪجھه ھنن جي ھٿ وس آھي. مخالف ڌر، ميڊيا ۽ ادب رڳو ڊرامو آهي. سنڌ ۾ گذريل پنجاھ سالن کان ڪوبه دانشور ناھي جيڪو کاٻي ڌر جي سياست جي برين واش تحريڪ کان بچي سگهيو ھجي، جن دوکو کائي پاڻ سنڀاليو يا دستبردار ٿيا انھن تي مختلف الزام لڳا جنھن مان ڪافي ملڪ ڇڏي ويا، ڪي اين جي اوز ۾ ھليا ويا. سنڌ کي جيترو نقصان مخالف ڌر جي غلط بيانيي سان پھچي رھيو آھي، ايترو نقصان دشمن کان به نه پھتو آهي. تنھنڪري سڀ کان اول روايتي بيانيي کان انڪار ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ سان ويڌن اھا آھي ته جيڪي به مخالف ڌر جون سياسي، غير سياسي ڌريون آھن انھن مان ڪنھن وٽ به درست ايجندا ناھي، غلط گس واري جدوجھد سان ڇا حاصل ٿيندو؟ سڀ کان پهريان ان روايتي سياست کان انڪار ڪرڻ جي ضرورت آهي. مخالف ڌر جي سياست سنڌ جي مظلومن کي پنجاھ سالن کان بنا منزل جي گھليو آهي اهو اعزاز کين حاصل ٿيو آهي، باقي کين ڇا کپي!؟ مخالف ڌر پنجاھ سالن کان احتجاج، تقريرن جلسن جي سياست بجاءِ پنھنجي تڪ ۾ ووٽ بينڪ تي ڌيان ڏيڻ يا اقتدار جي سياست لاءِ آئيني رعايت، سھولت، تحفظ حاصل ڪرڻ لاءِ اشرافيه وانگر اصل سياست ڪن ھا ته اڄ اسيمبلي ۾ ھجن ھا! مخالف ڌر جي اڳواڻ کان ڪير پڇي ته جيڪي مسئلا ٻڌايو ٿا انھن جي حل لاءِ ڇا ڪرڻو آهي؟ ھن جي پارٽي سياست وٽ ڪوبه درست گس ناھي، ھن جي تقرير، مناظرو ڪافي ناهي، درست ايجندا ڇو نه پيو اختيار ڪري، روايتي سياست تي تنقيد جو دليل سان جواب ملڻ گهرجي، جتان جي سياست ڪرپٽ ھجي وري ادب ۽ صحافت تي غالب ھجي اھڙي حالت ۾ ادب ڪنھن به ڪم جو ناھي. ھي پنھنجي روايتي بيانيي جا عقيدي جي حد تائين پابند ڏسجن ٿا، ان بيانيي سان اختلاف، تنقيد، تبصري کي به قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، ادب ۽ صحافت کي به پنھنجو ھم خيال بڻائي ويٺا آهن. نئين ڳالھه، نئون خيال، نئين راءِ ۽ نئين فڪر کي شڪ جي نگاھ سان ڏسن ٿا. پنھنجي فورم تي به رڳو ھم خيال ادب، صحافت، فڪر جي ڪتابن تي تبصرو ڪندا، باقي مخالف بيانيي لاءِ سمورا دروازا بند ڪيو ويٺا آهن. ايتري حد تائين جو سوال، تنقيد طنز، تبصري کي نظرانداز ڪرڻ کي ڪافي سمجھن ٿا. اھڙي حالت ۾ انھن کي منھن ڏيڻ ۾ وقت درڪار آھي.
نئين بيانيي جي دريافت:روايتي بيانيي سان اختلاف راءِ جو اظهار، تنقيد، طنز، تبصرو، انڪار، سوال پڇاڻو ڪرڻ اھڙو رجحان ھڪ نئين بيانيي جي دريافت جا اھڃاڻ آھن، جيڪي پنھنجي جڳھه والارڻ لاءِ ھٿ پير ھڻي رھيا آھن. روايتي بيانيو پنھنجي خوف سبب زوال طرف ڌڪيو ويندو آهي، جنھن کي ھو پڻ نظرانداز ڪري ڇڏيندو آهي. ٽي اڳواڻ سنڌ جي ٽن پيڙهين جو برين واش ڪري ويا، ھاڻي سنڌ سئو سالن کانپوءِ ڪا ٻي ڳالھه سمجھي سگھندي؟ في الحال ادب صحافت ۽ سياست تي ڳالھائڻ سان ڪو فرق نٿو پوي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو