ساروڻيون استاد حضور بخش راهيءَ جون
پنهنجي شهرن، پنهنجي ڌرتيءَ تان ڌڪاريا ٿا وڃون
ڇو ڪلاشن ڪوف جي آڏو بيهاريا ٿا وڃون
يا ٻڏڻ گهرجي اي راهي يا هجون سڀ جيل ۾
فيصلو ڪرڻو ئي پوندو هونءَ به ماريا ٿا وڃون.
1975ع ۾ جڏهن مان ادبي دنيا ۾ قدم رکيو ان وقت صرافه بازار سکر ۾ چار شاعر سونارڪي ڪم سان لاڳاپيل هئا. رفيق الدين رفيق، اردو جو مشهور ۽ جهونو شاعر هو ۽ ملنسار شخصيت جو مالڪ هو، بزم احباب ذوق ادب ۽ بزم ارباب قلم سان واڳيل هي هڪ بهترين ۽ مشهور شاعر هو. رفيق صاحب ڪانٽي تي منشي هو، چوندا هئا ته هي به سونارڪو ڪم ڪندو هو، جڏهن ضعيف ٿيو ته خود صرافه جي صدر هن کي ڪانٽي منشي ڪري رکيو هو.
ولي دائود پوٽو: ولي صاحب کي سونارڪو دڪان هوندو هو، جتي هو پاڻ به سونا ڳهه ٺاهيندو هو، جڏهن به هن سان ملڻ وڃبو هو ته ٽي مسودا ڏيکاريندو هو اڻ ڇپيل، پر مرڻ گهڙيءَ تائين ڪتاب ڇپائي نه سگهيو.
رياض قمر: پاڻي پت سان وابسته مشهور ۽ تمام سٺو شاعر هو، جنهن جا ٽي ڪتاب ڇپيل آهن، رياض قمر صاحب ڇلائيءَ جو ڪم ڪندو هو، مگر بعد ۾ هو ڪوئيٽا شفٽ ٿي ويو. جيئن ته هن جا مائٽ اڄ به صرافه بازار سکر ۾ موجود آهن، تنهنڪري هي جڏهن به سکر ايندو هو ساڻس ملاقات ٿيندي رهندي هئي.
حضور بخش راهي: سنڌي، اردو ۽ سرائيڪي زبان جو بهترين شاعر هو، جنهن کي سچل، بيدل ۽ سرائيڪي زبان جي بهترين شاعر جو ايوارڊ به مليل هو.
انهن سڀني شاعرن سان منهنجا سٺا لاڳاپا هئا، پر شاگرد جي حيثيت سان منهنجي راهي صاحب سان وابستگي تمام گهڻي هوندي هئي.
منهنجي دڪان تي هڪڙي بينچ پيل هوندي هئي، جنهن کي اسان اسڪول آف ادب سڏيندا هئاسين. ڇاڪاڻ جو راهي صاحب ان بينچ تي پنهنجي ادبي شاگردن کي سکيا ڏيندو هو. راهي صاحب جو ادبي حلقو تمام وسيع هو، جن کي ٻن درجن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
محمد پناهه بلوچ: نئين پنڊ ۾ رهندڙ هي مڪمل راهي صاحب جو شاگرد ۽ سٺو شاعر هو، ڪيترن ئي ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو هو.
ظفر کوسو: قريشي ڳوٺ جو رهندڙ راهي صاحب جي سينيئر شاگردن مان هو ۽ پيشي جي لحاظ کان استاد هو، پر پوءِ هي مولوي ٿي ويو، سموري شاعري ڇڏي نعت منقبت لکڻ لڳو، پر پوءِ شاعريءَ جي فيلڊ ئي ڇڏي ويو.
سرفراز صدف: مان 1975ع ۾ باقاعده راهي صاحب کان شاعريءَ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي. هن وقت منهنجا ٽي ڪتاب ڇپيا آهن ۽ چوٿون ڪتاب ڇپائي هيٺ آهي.
مشتاق ڀٽي: سرائيڪي ۽ اردو زبان جو بهترين شاعر جنهن کي سرائيڪي وسيب مان اهو چئي ٺڪرايو ويو هو ته وڃي نثر لک، اهو به انهيءَ بينچ تي راهي صاحب کان سکيا وٺندو هو.
مشتاق ڀٽي: مزاحمتي شاعر هو سندس شاگردن ۾ سراج دل مهر هڪ سٺو شاعر آهي ۽ سٺو نالو ڪڍيو اٿس.
عبدالعزيز عادل کوکر: پراڻي سکر ۾ رهندڙ عادل صاحب پيشي جي لحاظ کان استاد هو. مخمور ادبي سنگت ۽ سنڌي ادبي سنگت جي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو، سندس هڪ ڪتاب ڇپيل آهي.
راڻو ڀٽار: پراڻي سکر ۾ رهندڙ هي شخص کير جو ڪاروبار ڪندو هو ۽ ڄنگهن کان معذور هو، ڪڏهن ڪڏهن منهنجي دڪان تي ايندو هو، پر معذوري سبب اسان سڀ جمعي ڏينهن حاضري ڏيندا هئاسين. سندس هڪ ڪتاب “تون هوا مان ڪڪر” ڇپيل آهي.
سرور توقير: ادبي گهراڻي سان وابسته هي شخص رياض قمر جو سڳو ڀائيٽو ٿئي، سندس شاعريءَ جي شوق ۾ خاڪيءَ جهڙن شاعرن هن کي کائڻ پيئڻ تي رکي ڇڏيو هو. هي رياض قمر جي چوڻ تي راهي صاحب جي شاگرديءَ ۾ آيو، اردو ادب ۾ سٺو مقام حاصل ڪري رهيو آهي، سندس شاعري ننڍن بحرن ۾ خوبصورت لڳندي آهي.
علي شير الخيري: اردو نعت، منقبت ۽ سلام جو هي شاعر طريقت جي لحاظ کان نقشبندي سلسلي سان تعلق رکندو هو ۽ پنهنجي مرشد “الخير” جو خليفو هو ۽ سٺي شاعري ڪندو هو.
غلام محمد اداسي: پيشي جي لحاظ کان گرلز هاءِ اسڪول پراڻي سکر ۾ آفيس سپرنٽيڊنٽ آهي. هي راهي صاحب جو شاگرد ۽ ڪيترن مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو آهي. اداسي صاحب بيدل ڪانفرنس ۾ به مون سان گڏ شرڪت ڪندو رهيو آهي.
ان کان علاوه راهي صاحب جي حلقي ۾ ٻيا به ڪيئي شاعر هوندا هئا، جيڪي شاگرد ته ٻين جا هئا، پر هو راهي صاحب کان به ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه پرائيندا هئا انهن ۾: غلام مرتضيٰ اختر زيدي، نياز رجباڻي، نظام الدين شمسي، غلام محمد غازي ۽ شڪارپور کان عبدالمجيد عبد سومرو. سن 1988ع ۾ اسان شاگردن گڏجي ڪري مهراڻ هوٽل ۾ “هڪ شام راهيءَ جي نانءُ” جي عنوان سان پروگرام رکيوسين، ان دور ۾ سنڌي ۽ اردو گڏيل مشاعرا ٿيندا هئا، هي پروگرام به اسان اردو، سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ رکيو، جيڪو تمام گهڻو ڪامياب ثابت ٿيو.
انهيءَ سال نومبر ۾ بزم احباب ذوق ادب جي طرفان اسلاميه هاءِ اسڪول شهيد گنج ۾ مشاعرو ڪوٺايو ويو، دستور موجب اسان به شرڪت ڪئي. ان پروگرام ۾ مرحوم عصمت سعيدي صاحب هڪ رٿ پيش ڪئي، جنهن ۾ اهو چيو ويو ته “جيئن ته راهي صاحب جو تلميذي سلسلو تمام وسيع آهي، تنهنڪري اڄ کان حضور بخش راهي کي استاد حضور بخش راهي لکيو، پڙهيو ۽ پڪاريو وڃي.” هيءَ رٿ تاڙين جي گونج ۾ منظور ڪئي وئي. ان کانپوءِ سکر شهر ۾ ٻه ادبي استاد هئا: استاد سعيد پيلي ڀيتي ۽ استاد حضور بخش راهي.
راهي صاحب غريب خاندان سان تعلق رکندڙ هو، سندس وڏا ٻيڙائت هئا، يعني ٻيڙيون ٺاهيندا هئا، ان ڪري ننڍپڻ کان ئي درياءَ سان واسطو رهيو هئس، پر ڳوٺاڻي ماحول کان شهر اچي منشي گيري ڪرڻ لڳو. تمام ٿوري پگهار مشڪل گذر تنگدستيءَ ۾ وڪوڙيل انسان کي جيڪي مسئلا هوندا آهن اهي سڀ هن سان به رهيا. اهوئي سبب آهي جو راهي صاحب جي شاعريءَ ۾ مزاحمت جو عنصر گهڻو نظر اچي ٿو.
سن 2000ع ۾ سندس ڀاءُ رحيم بخش ميراڻي هڪ ڪتاب “سهڻا سڙهه سنگهاڙ جا” ڇپايو جنهن جو سمورو ڪم يعني پروف ريڊنگ کان وٺي ٽائيٽل تائين غلام محمد غازيءَ سرانجام ڏنو ۽ ڪتاب تي تذڪرا، ڊاڪٽر ادل سومرو، ميڊم امينا لالائي ۽ ساجد شاهه جهڙين مهان شخصيتن لکيا. “سهڻا سڙهه سنگهاڙ جا” جي مهاڳ تي قلم کڻندي ادل سومرو راهي صاحب جي شاعري کي چئن خوبين ۾ ورهائي هرهڪ خوبيءَ تي الڳ تبصرو ڪري ٿو، هتي مان اهي مختصرن بيان ڪريان ٿو.
سادگي ۽ سونهن: تخليقي اظهار ۾ جيڪڏهن سادگيءَ واري سونهن هوندي ته اهو جلد پڙهندڙن کي متاثر ڪري سگهندو. راهي صاحب جي اها خوبي آهي ته هن نهايت ڳوڙهن ۽ ڳنڀير مسئلن کي به اهڙي سلوڻي انداز ۾ بيان ڪيو آهي جو پڙهڻ سان ڳالهه دل تائين پهچي وڃي ٿي.
ائين کڻي چئجي ته سڄڻن جي سار ۾ هن ساڻيهه کي به ڪونه وساريو آهي.
ثقافتي روايتن جو شعور: سڄاڻ ۽ باشعور شاعر پنهنجي ديس جي مختلف بهتر روايتن جا امين پڻ هوندا آهن ۽ پنهنجن تخليقن وسيلي انهن کي اجاڳر ڪندا رهندا آهن. حضور بخش راهي به اسان کي ان ڏس ۾ اڳڀرو نظر اچي ٿو. هن پنهنجي ديس جي ماڳ مڪانن ۽ آسپاس جي ثقافتي لڳ لاڳاپن جو ذڪر نهايت عمده فنڪاري سان ڪيو آهي.
نئين صنفن جي آجيان: هونئن ته ڪيترائي شاعر آزاد نظم لکي رهيا آهن، پر تمام ٿورن شاعرن ان صنف سان نڀايو آهي. فني اعتبار کان اهوئي شاعر بهتر آزاد نظم لکي سگهي ٿو، جنهن کي پابند شاعريءَ تي مهارت حاصل هجي.
حضور بخش راهيءَ جا آزاد نظم ان ڪري فني معيار تي پورا آهن جو هو هڪ نهايت پختو ۽ استاد شاعر آهي. عصري حالتن کان باخبر رهندڙ هن ڀلوڙ شاعر جي شاعري ۾ فڪري لهرون به آهن، جيڪي اسان جي ذهني ماٺار ۾ هلچل پيدا ڪرڻ جي سگهه رکن ٿيون.
استحصالي قوتن لاءِ ڌڪار: هر روشن خيال انسان دوست شاعر وانگر، راهيءَ جي تخليقن ۾ معاشري جي استحصالي ڦورو ڪردارن لاءِ نفرت جو اظهار ٿيل آهي. هن اهڙي سڃاڻپ ڪرائي سجاڳي ۽ بيداريءَ جو گس ٻڌايو آهي. استحصال ڪندڙ ڪهڙي به روپ ۾ هجن، راهيءَ وٽ سڀئي ڌڪار لائق آهن، عوام کي نشي ۽ ٻين براين جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيندڙ سياست جي نالي ۾ ٿيندڙ ماڻهن جون ننڊون ڦٽائيندڙ ڌاڙيل راهيءَ وٽ سڀ قابل نفرت آهن.
پروفيسر محترمه امينا لالائي پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿي:
راهي صاحب هڪ ادارو آهي، اهو ادبي ادارو جنهن جا ڪيترائي شاگرد آهن، سُر مهراڻ ۾ راهي صاحب جو ڪتاب “سهڻا سڙهه سنگهاڙ جا” سنڌي ماڻهن لاءِ دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. سکر کان اچ شريف ۽ اچ کان سکر ۽ سکر کان شاهبندر، ڪوٽڙي، هالا بيتن جي صورت ۾ هڪ ٽرانسپورٽ ڏيکاري وئي آهي، شايد ان وقت جي ٽرانسپورٽ ڏيکاري وئي آهي، جڏهن ريلوي سرشتو نه هو.
ساجد شاهه: پنهنجي مضمون “متان ڏيو ميارون” ۾ لکي ٿو، ڏهاڪو کن سال اڳ سنڌي ادب ۽ خاص ڪري سنڌي شاعريءَ لاءِ اونداهو ڏهاڪو ثابت ٿيا، جنهن ۾ سڄون ساريون ادبي تنظيمون گوڏن ڀر وهجي ويون.
استاد راهي جي شاعري پڙهي لڳي ٿو ته اها برف ڳرڻ شروع ٿي آهي، سندس مشاهدو غضب جو آهي، هي سموري شاعري انهن حالتن جو ڀرپور اظهار آهي جنهن ۾ شاعر پنهنجي قوم کي چالاڪ ۽ حرفتي دشمنن جي ظاهر توڙي اڻ ڏٺن ۽ روز تنگ ٿيندڙ گهيرن ۾ ڏسي ٿو ۽ پنهنجي ماڻهن جي خوفناڪ ۽ موتمار اڻ ڄاڻائي پنهنجي قومي ۽ طبقاتي شعور جي کوٽ، ڳوٺن توڙي شهرن مٿان سڪرات جهڙي حالتن تي لڇي ۽ پڇي ٿو. سندس اها پيڙا ۽ آنڌ مانڌ ٻولي ۽ فن جي قالب ۾ پلجن ٿا ته پوءِ اهي سٽون دشمن لاءِ ڪٽار ۽ دوستن لاءِ پهو ٿابت ٿين ٿيون. هي هئا ڏاهن جا خيال.
استاد راهي پنهنجي انفرادي جاکوڙ، مطالعي ۽ مشاهدي ۽ قلم جي پورهئي سان اسان کي خيال ڏنا آهن، جنهن ۾ آٿت آهي، صلاح آهي ۽ جدوجهد ڪرڻ جو درس آهي.
راهي صاحب سنڌي اردو سرائيڪيءَ جي استاد شاعر کان علاوه ايندڙ وقت جو شعور رکندڙ تمام سٺو شاعر هو، هن جي شاعريءَ ۾ ماضيءَ جا قصا حال جون مستيون ۽ مستقبل جو پيشنگويون ٿيون آهن. هو لفظن سان وڙهندڙ مجاهد هو هن جي هٿ ۾ بندوق نه، پر قلم جي ڪلاشنڪوف ۽ لفظن جو بارود هو. زمين سان محبت ڪندڙ هو هڪ سچو انسان هو، هن جي دل ۾ بهار جا نغما به هئا ته مهراڻ جون موجون به ته انسانيت جا ساز به سندس ڌرتيءَ جي محبت هن قطعي مان ظاهر ٿئي ٿو.
خدا کان ٿو گهران تو لاءِ تنهنجي بهتري سنڌڙي،
رهي شل تنهنجي دنيا تي سدائين سروري سنڌڙي،
جڏهن جنت ۾ هوندس مان اتي الله کي چوندس،
ورائي واڳ ڏي ٻيهر وسايان مان وري سنڌڙي.
سنڌو درياءَ جي غير عادلاڻه ورڇ ۽ موجوده وقت ۽ حالات جي تشريح ڪندي چوي ٿو:
انياءُ آهي اهڙو ساگر کسي ويا،
سنڌو جي سونهن وارو منظر کسي ويا.
پاڻي نه آهي ويتر، سوڙها سُڪي ويا،
ننڍڙا ها کارڙن تي کوهر کسي ويا.
محدود ٿي ويو آ درياهه شاهه ڀي،
ڇُلندي هئي اڳي جا ساڃر کسي ويا.
بهڻيون جڏهن نه آهن، ڄانگا ڪٿي رهن،
سي جانور جهنگن جا، اڻٽر کسي ويا.
ڪونهين اڏار تترن، ڪاڏي ويا پکي،
چئبو ته پوءِ انهن کان، کنڀ پر کسي ويا.
ٻيلا ٻري رهيا هن، ساوڪ سڙي وئي،
ڌرتي جي راهي سائي، چادر کسي ويا.
انسانيت سان پيار ڪندڙ هي شخص آخري ڏينهن ۾ الائي ڇو دل برداشت رهڻ لڳو، هن جا گهر وارا ٻڌائين پيا ته راهي صاحب پنهنجو مواد ساڙي ڇڏيو هو. منهنجي آخري ملاقات عجيب قسم جي ماحول ۾ ٿي، سندس ڏاڙهي وڏي، چئي بس هيءَ زندگي آهي، زور ڀرڻ تي بس هڪ شعر ٻڌايائين جيڪو اڄ به مون کي چڱي طرح ياد آهي:
لمحو لمحو سورن ۾ آ، لمحو لمحو يار ڏکيو،
ان ڪاروبار تي لعنت آ
جنهن رات سمهاريو پيٽ بکيو.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟