نون سائنس جي استادن جون ڀرتيون ۽ پاس ٿيڻ لاءِ مارڪن ۾ نرمي
هينئر تازو ئي سنڌ صوبي ۾ نون سائنس جي استادن جي حوالي سان نون استادن جي آسامي متعارف ڪرائي وئي آهي، جيڪا اسان جي صوبي لاءِ تمام وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته خاص سائنس جي مضمون جي آسامي آئون سمجهان ٿي ته سڄي ملڪ ۾ به نه هوندي، پر سنڌ صوبو هي اعزاز حاصل ڪري چڪو آهي جيڪا اسان سنڌين جي تمام گهڻي خوش قسمتي آهي. اسين نوان سائنس جا اميدوار استاد حڪومت جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون، جو خاص طور تي سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير محترم سائين سردار شاهه صاحب جن جا، بلاول ڀٽو زرداري صاحب جا، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صاحب جا جو هنن سنڌ صوبي ۾ سائنس جي استادن جون آساميون متعارف ڪرائي اصل سائنس جي تعليم جو ڏيئو ٻاريو آهي ۽ الله ڪندو ته هي قدم سائنس جي ترقيءَ ڏانهن هڪ مثبت قدم ثابت ٿيندو. اسان کي خوشي انهيءَ ڳالهه جي آهي جو شروع ۾ جڏهن هي آساميون متعارف ڪرايون ويون ته سيٽون صرف 1237 هيون جيڪي يقينن اٽي ۾ لوڻ برابر هيون، پر اسين تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جو سيد سردار شاھ صاحب ۽ سيد اويس قادر شاهه صاحب ۽ سڀني سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن اسان نوجوانن کي مايوس نه ڪيو ۽ سيٽن ۾ 8000+ سيٽن جو اضافو ڪري سڀني پاس نوجوانن کي آفر آرڊر ڏيڻ جي خوشخبري ٻڌائي، پر بدقسمتي سان پاس مارڪن جو ڪٽ آف رکيو ويو آهي 55 يعني 55 يا ان کان مٿي اسڪور کڻڻ وارو اميدوار نئين سائنس استاد جي آسامي لاءِ اهل سمجهيو ويندو ۽ 55 کان گهٽ مارڪون کڻڻ وارا فيل سمجهيا ويندا. آئون سمجهان ٿي اها نوجوانن سان سراسر ناانصافي آهي. ڇاڪاڻ ته سڄي پاڪستان ۾ ايم سي ڪيوز ٽيسٽ 50 مارڪن تي پاس سمجهي ويندي آهي. هينئر تازو ئي خود سنڌ حڪومت ٽيچنگ لائسنس جون به پاس ٿيڻ جون مارڪون 50 رکيون آهن، پوءِ خدارا نون سائنس جي استادن جي آسامين لاءِ به پاس ٿيندڙ مارڪون 50 ڪيون وڃن، اهو اسان جو سائين سردار شاهه صاحب جن سان نماڻو عرض آهي. ماضي ۾ ڏٺو وڃي ته 2021ع ۾ “پي ايس ٽي” ۽ جي ايس ٽي جون ڀرتيون سنڌ حڪومت 40 کان به گهٽ مارڪن تي ڪري چڪي آهي، جنهن جي ڀيٽ ۾ نون سائنس استادن جي ٽيسٽ به تمام مشڪل ۽ معياري هئي.” آءِ بي اِي جهڙي معتبر اداري ٽيسٽ ورتي ۽ اسان سان بي واجبي اها ٿي ته ٽيسٽون ٽن مختلف ڏينهن تي ورتيون ويون. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها جو ٽيسٽ هڪ ڏينهن تي ئي ورتي وڃي ها ته جيئن سڀني لاءِ ساڳيو معيار هجي ها، پر خير اهڙين ڏکين ٽيسٽن باوجود اسان “50 ۽ 50” کان مٿي مارڪون حاصل ڪيون آهن، پر افسوس “55” جي حد مقرر ڪرڻ سان اسان جا ڪيترائي نوجوان مايوسي جو شڪار آهن. سو اسان جو سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪريو، 50 اسڪور تمام سٺو آهي، جتي ڪٿي 50 اسڪور کڻڻ وارو اهل سمجهيو ويندو آهي. توهان به هٿ هلڪو ڪيو پاليسي ۾ نرمي آڻيو، نون سائنس استادن جي آسامي لاءِ جنهن اميدوار 50 يا 50 کان مٿي اسڪور کنيو آهي، انهن کي اهل ڪري ڪامياب اميدوارن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو. آخر ۾ وري اهو ئي عرض ڪنديس ته نون سائنس استادن جون ۽ “ارلي چائلڊ ٽيچرز” جون پاس ڪندڙ مارڪون 50 ڪري اميدوارن جي مايوسي ختم ڪئي وڃي. مون کي اميد آهي ته سنڌ حڪومت هميشه عوامي رهي آهي ۽ سائين سردار شاهه صاحب به عوامي ليڊر آهي، ڪڏهن به عوام کي مايوس نه ڪيو اٿن. اميدون الله پاڪ ۾ آهن ۽ ٻيو سنڌ حڪومت ۾. اميد آهي ته سائين سردار شاهه ۽ سائين اويس قادر شاهه جلد اميدوارن جون اميدون پوريون ڪري انهن جي لاءِ خوشخبري جو اعلان ڪندا.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟