تازو سنڌ ۾ مڙئي پوندڙ برساتن جي ڪري به مينهن جي پاڻي شهري زندگيءَ کي تمام گھڻو متاثر ڪيو آهي. تنهن مان اسان کي گھرجي ته اسين ايندڙ وڏن برساتي سلسلن کي ڪيئن منهن ڏئي سگھنداسين. ڇاڪاڻ ته ايندڙ سانوڻيءَ جي مينهوڳي موسم لاءِ اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن ته ايندڙ جولاءِ کان وسندڙ مينهن جا سلسلا اڳ وسندڙ مينهن جو رڪارڊ ٽوڙيندڙ هوندا. جڏهن ته هن کان اڳ ۾ هيڪاندين برساتن جي ڪري، سموري سنڌ کي جيڪو نقصان رسيو، تنهن کي اڃان تائين اسين پورو ڪري نه سگھيا آهيون ته مٿان وري، نئون سلسلو شروع ٿيڻ وارو آهي ۽ ان کان سواءِ سکر بيراج جا دروازا پڻ جھري رهيا آهن. تن جي ڪري پڻ سنڌ ۾ وڏي نقصان جو انديشو آهي. انهن سڀني کان بچڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي هنگامي بنيادن تي تڪڙا اپاءَ هينئر ئي کڻڻ گھرجن ته جيئن متوقع ٻوڏن کي بروقت ڪنٽرول ڪري سگھجي.