مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

جيستائين پنجاب سياسي بلوغت حاصل نٿو ڪري، تيستائين پاڪستان جي سياست ائين ئي رهندي

Tufail Magsi

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان جي سياست چئن پرڳڻن جي ڪردارن تي ٻڌل آهي يعني هڪ اهڙو اسٽيج جتي هر ڪردار جو لهجو پنهنجو آهي، پر تماشو ساڳيو ئي آهي. پنجاب جيڪو اڪثريت جي نمائندي هئڻ واري مرض ۾ مبتلا آهي، اڪثر پاڻ کي پاڪستان جي سڄي عقل جو ٺيڪيدار سمجهي ٿو، پر فڪري طور تي سڀني سطحي ۽ بيانياتي طور تي سڀ کان غير سنجيده آهي. پختونخواھ، جتي جذبو، قرباني ۽ نظرياتي ورثو موجود هو، اتي جهاد ۽ انجنيئرنگ اهڙي خرابي پيدا ڪئي جو هينئر سياست نعري کان اڳتي وڌي نٿي سگهي. سنڌ، ٻن الڳ ڪهاڻين جو مجموعو آهي، هڪ ٻهراڙي جاگيرداراڻي سياست ۽ ٻي شهري مهاجر سڃاڻپ جي ڳولها ۾، جن کي ڪڏهن هڪ بياني ۾ نه ڳنڍيو ويو. بلوچستان اهو پرڳڻو آهي جيڪي سڀني کان غريب آهي، مگر فڪري طور تي سڀني کان امير، جتي سوال اٿارڻ جي روايت زنده آهي، پر جواب ڏيڻ وارا سدائين هٿيار بند آيا آهن. پنجاب جي سياست جيڪڏهن طاقت جي نشاني آهي ته اها بصيرت جي نشاني قطعي ناهي، بيٺڪيتي دور ۾ انگريز هتان جي جاگيردار ۽ ڪاروباري طبقي کي سهولت ڏئي ڪري پنهنجو وفادار بڻايو. قيام پاڪستان کانپوءِ اهوئي طبقو اقتدار تي قابض ٿي ويو. هتي سياست عوامي شعور کان نه بلڪه خانداني برتري کان هلي. نوازشريف جهڙو اڳواڻ انهيءَ سياسي مزاج جو تسلسل هو، جيڪو بزنس مين ذهن سان گڏ رياست کي ڪمپني سمجهي هلائيندو رهيو. عمران خان جنهن کي خيبر پختونخواھ سياست جو موقعو ڏنو، ان به بيانو ته نئون ڏنو، پر اهو بيانيو، فڪري سوچ کان وانجهيل ۽ رواداريءَ کان خالي هو.
ٻنهي ليڊرن ۾ جيڪا شيءِ هڪ جهڙي آهي، سا اونهائي کان محرومي ۽ اقتدار جي نشي سان لاڳاپيل آهي، انهن جي سياست ٽڪراءُ سان ٺهي ۽ سوچ ويچار کان خالي رهي. خيبر پختونخواهه جيتوڻيڪ باچا خان جهڙا فلسفي اڳواڻ پيدا ڪيا، پر ان جي روايت کي چيڀاٽيو ويو. جڏهن رياست هتي جهاد جو ٻج ڇٽيو ته سياست بندوق کڻڻ تي مجبور ٿي وئي. عمران خان جو ظهور هڪ قسم جي مزاحمت سمجهي وئي، پر ان جي سياست فڪري ارتقا جي بجاءِ شخصي عقيدت تي بيهي رهي. نتيجو اهو ٿيو ته خيبر پختونخواھ ۾ سياسي شعور نه، بلڪه جوش وڌيو. سنڌ هڪ ٽڪراءُ جو نالو آهي، سنڌ ۾ زرداري خاندان جي سياست زمين، قبيلو ۽ مفاهمت جي آسپاس گهمي ٿي. شهري سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم تعليم يافته مهاجر طبقي کي اميد ڏني، پر اها اميد ستت ئي تشدد، ڀتي خوري ۽ خانداني هڪ هٽيءَ جي حوالي ٿي وئي. سنڌ جي ڪجھه دانشورن ضرور مزاحمتي بيان ڏنا، جيئن جي ايم سيد يا فاطمه ڀٽو، پر اهي خيال سياسي وهڪري ۾ جاءِ نه والاري سگهيا. بلوچستان جيتوڻيڪ سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ٿيو، پر ان جي سياست سڀ کان وڌيڪ فڪري ۽ اصولي رهي، اتي سياست ڪا راند ناهي بلڪه وجودي سوال آهي. بلوچ سياستدان سدائين حقن، وسيلن ۽ خود مختياري جي ڳالھه ڪندا رهيا. اهي نه رياست کان نه وزارتون گهرن ٿا نه اقتدار، بلڪه صرف اهو پڇن ٿا ته اسان ڪير آهيون ۽ اسان کي مسلسل غدار ڇو ٿو سمجهيو وڃي؟ سردار عطاءُ الله مينگل کان وٺي ڊاڪٽر مالڪ بلوچ تائين، انهن جي سياست ۾ هڪ فڪري سوچ نظر اچي ٿي، جيڪا باقي ٻين صوبن مان غائب آهي. جيڪڏهن انهيءَ منظرنامي جي ڀيٽ ڪجي ته بلوچ سياست سڀ کان وڌيڪ نظرياتي ۽ مستقل مزاج آهي. ڇو ته ان جو بنياد بي انصافي جي خلاف فڪري مزاحمت تي ٻڌل آهي. سنڌ جي سياست وچولي درجي جو فڪري شعور رکي ٿي، پر ورهاست پٺيان ورهاست جي سبب اها قوت نه بڻجي سگهي آهي. خيبر پختونخواھ جي سياست مسلسل آزمائشن ۾ رهي ۽ هر ڀيري ڪنهن نئين نعري جي اثر هيٺ پنهنجو مرڪز وڃائي ويٺي ۽ پنجاب جيڪو انهن سڀني تي حڪومت ڪرڻ چاهي ٿو پاڻ سڀني کان گهٽ نظرياتي ۽ سڀ کان وڌيڪ سطحي سوچ جو شڪار آهي. ان سڄي منظر نامي جي پاڙ بيٺڪيتي تاريخ ۾ کتل آهي. انگريز جيڪو طبقاتي تعصب، ادارن اندر مساوات جي کوٽ، لساني ۽ علاقائي ڪشمڪش ٿي، اها اڄ به پاڪستان جي سياست جو بنيادي مزاج آهي. پنجاب کي انگريزن “سپاهي رياست” بڻايو، اتان جي وفادار اشرافيه کي انعام ڏئي پالتو بڻايو. خيبر پختونخواھ کي فرنٽيئر جو درٻان بڻايو، جتي هر دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن جهاد جو تجربو ڪيو ويو. سنڌ کي زرعي ذخيرو ۽ ڪراچي کي ڪاروباري انجڻ بڻايو ويو، پر مهاجرن کي سڃاڻپ جي ڳولا۾ ڇوٽ ڇڏيو ويو. بلوچستان کي صرف قدرتي وسيلن جو ذخيرو سمجهيو ويو، اتان جي سياسي سڃاڻپ کي سدائين دٻايو ويو. اهوئي سبب آهي جو اڄ پاڪستان جي سياست ۾ فڪري اونهائي گهٽ ۽ شخصي عقيدت، علاقائي بالادستي ۽ مفاد پرستي وڌيڪ آهي. جيستائين اها بيٺڪيتي ذهنيت ۽ مرڪزيت جو جنون ختم نٿو ٿئي، سياست جو توازن بحال نٿو ٿي سگهي ۽ جيستائين پنجاب سياسي بلوغت حاصل نٿو ڪري، بلوچستان کي انصاف نٿو ملي، پختونخواھ جي طرف نٿو ڏٺو وڃي، سنڌ کي سڃاڻپ نٿي ملي، تيستائين پاڪستان جي سياست نامڪمل ۽ اڻبرابري جو شڪار رهندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو