سماج ۾ جنسي تعلقات جا نفسياتي اثر!
Muhi uddin Jokhio
تعليمدان، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار
ڇا تهذيب جي تباهي جو بنيادي ڪارڻ جنسي شهوت آهي، جنهن جا چٽا اثر اسان جي خطي ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا؟ ڇو ته هتي هر روز ڪنهن نه ڪنهن نياڻي يا ٻار کي جنسي ذيادتي جو شڪار بڻائي موت جي ننڊ سمهاريو وڃي ٿو يا معاشري ۽ مذهب جي لڳايل سخت پابندين جو نتيجو آهي؟ يا هي ڪو نفسياتي ۽ ذهني مسئلو آهي؟ معاشري ۾ وڌندڙ اهڙا واقعا اهو سوال پيدا ڪن ٿا ته آخر جنسي ڇڙواڳي ۽ تهذيب جي تباهي جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ افسوس! ته اسان وٽ فقط واقعن تي بيجا تنقيد ڪئي وڃي ٿي، جنهن جو ڪوبه حل نٿو نڪري ۽ هر انسانيت لڄائيندڙ واقعي بابت بس دل ڏاريندڙ شاعري ۽ آزاد نظم ئي ملندا، پر ڪابه تحقيقي ڳالهه ۽ مسئلي جو بنياد ۽ حل نه ملندو. نتيجو اهو نڪرندو جو اسان جو معاشرو ڏينهون ڏينهن پستي ۽ تباهيءَ جي طرف تيزي سان وڌندو ويندو ۽ پوءِ اسان لاءِ ان بدحاليءَ کي روڪڻ مشڪل ئي نه، پر ناممڪن بڻجي ويندو. بيشڪ سخت قانون سازي هجي، پر ڇا فقط قانوني سختي جنسي شهوت کي روڪي سگهي ٿي؟ ڇا سختي معاشري کي تڪميل ڏئي سگهي ٿي؟ نه، جيستائين معاشري جي فردن ۾ جنسيات جو شعور نه وڌندو، تيستائين ڪوبه قانون اهڙن واقعن کي روڪي نٿو سگهي.
هتي اسان جي معاشري جي قابل اسڪالرن کي اهڙن واقعن جو دقيق نظر سان مطالعو ڪري ڪي نتيجا اخذ ڪرڻ گهرجن ته جيئن اسان جو نوجوان طبقو ۽ ايندڙ نسل صحيح طريقي سان مسئلن جي نوعيت کي سمجهي، پنهنجو پاڻ کي ۽ سماج کي بچائي سگهن، پر افسوس، جنهن قوم ۾ سوچڻ ۽ سوال ڪرڻ حرام ۽ بنيادپرستي ۽ رجعت پرستي عام هجي، اتي تخليقي ۽ تحقيقي ذهن تمام گهٽ ئي بچندا آهن. مجبورن اسان کي يورپ جو مثال وٺڻو پوندو، جتي جنسيات جو موضوع وڏي اهميت رکي ٿو. يورپ ۾ ٻين شعبن وانگر جنسيات به هڪ مستقل سائنس جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي ۽ هن تي روز نيون تحقيقون ٿين ٿيون. يورپين جي تحقيق ۾ دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته هنن جي مطابق جنسي تعلقات جو دارومدار محض جذبي جي تسڪين تائين محدود ناهي هوندو. انهن جي تحقيق هيءَ آهي ته ڪنهن به قوم جي تهذيب ۽ تمدن جو هن سوال سان گهرو تعلق هوندو آهي ته هن قوم جنسي تعلقات کي آزاد ڇڏي ڏنو هو يا ان تي پابنديون لڳايون هيون. جيڪڏهن پابنديون لڳايون هيون ته اهي ڪهڙي نوعيت جون هيون. اهڙي ريسرچ ڪندڙ محققن ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي جي ڊاڪٽر ڊي.جي. اَن ون جو نالو خاص شهرت رکي ٿو. هن دنيا جي اسي (80) غير مهذب قومن جو مطالعو ڪيو، جنهن جو هن بنيادي سوال اهو متعين ڪيو ته انساني زندگيءَ ۾ جنسيات ۽ ڪلچر جو ڪهڙو تعلق آهي؟
هن محقق دنيا جي سورهن مهذب قومن جو به مطالعو ڪيو آهي ۽ پنهنجي تحقيقاتي نتيجن کي پنهنجي ڪتابSex and Culture ۾ پيش ڪيو آهي. هن نتيجو اهو ڪڍيو، جنهن کي هن پنهنجي ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته: “انسان جو ڪهڙو به گروهه هجي، ان جي تمدني سطح جو انحصار ٻن شين جي مٿان هوندو آهي: هڪ انهن ماڻهن جو نظام ۽ ٻيو اها توانائي جيڪا انهن حدن ۽ قانونن جي بنياد تي حاصل ٿيندي آهي، جيڪي حدون ۽ قانون ان گروهه جنسي تعلقات تي عائد ڪيا آهن.” وڌيڪ لکي ٿو ته جنسي جذبات محض هڪ حيواني جذبي جي تسڪين جو نالو نه آهن، بلڪه قومن جي تهذيب ۽ تمدن جو دارومدار ان جذبي جي حدبندي ۽ تاديب تي قائم آهي. هتي اسان سگمنڊ فرائيڊ جي تحقيق جو ڪجهه مطالعو ڪريون ٿا. هو لکي ٿو ته: “اسان جو عقيدو هي آهي ته انساني تهذيب جي عمارت قائم ئي ان طرح ٿي آهي جو ماڻهو پنهنجي جذبن جي تسڪين ۾ ايثار ۽ قربانيءَ کان ڪم ورتو آهي ۽ هيءَ عمارت ڏينهون ڏينهن بلندين ڏانهن وڃي رهي آهي، ڇو ته هر فرد پنهنجي جذبات کي انسانيت جي گڏيل مفاد خاطر قربان ڪندو رهي ٿو. انهن جذبن مان جنسي جذبات کي خاص اهميت حاصل آهي. جڏهن انهن جي اڻ ڍنگي ۽ ڇڙواڳ تسڪين ئي زندگيءَ جو مقصد نه بڻجي وڃي ته اهي پنهنجو رخ ٻئي طرف موڙي وٺندا آهن ۽ اهڙي طرح هر فرد جي فالتو توانائي جنسي گوشن کان هٽي انهن گوشن جي طرف منتقل ٿي ويندي آهي، جيڪي تمدني ۽ تهذيبي حوالي سان تمام گهڻا قيمتي هوندا آهن، جنهن کي نفسيات جي زبان ۾ ‘سبليميشن’ چيو وڃي ٿو.”
هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر تهذيب ۽ تمدن جو دارومدار ان جذبي جي حدبندي تي قائم ڪيئن آهي؟ ان ڳالهه جو به جواب ڊاڪٽر اَن ون ڏئي ٿو. چوي ٿو ته: “جنسي تعلقات جي پابندين سان هڪ قسم جي ذهني ۽ اعصابي بيچيني پيدا ٿيندي آهي، جنهن سان جذباتي توانائيءَ ۾ به بيچيني پيدا ٿيندي آهي. ان کانپوءِ اها گڏ ٿيل معاشرتي توانائي پنهنجي ظاهر ٿيڻ جا مختلف رستا تلاش ڪندي آهي.” هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته نفسياتي تحقيقات مان ظاهر آهي ته جنسي تعلقات جي مٿان حدون ۽ پابنديون لاڳو ڪرڻ جو نتيجو هي هوندو آهي ته ان قوم ۾ سوچ ۽ لوچ وڌي ويندي آهي. ان سان گڏوگڏ خوداحتسابي جي صلاحيت به وڌي ويندي آهي. دنيا جون ڪيتريون ئي قومون فقط ان غلطيءَ جي ڪري تباهه ٿي ويون ته هنن جنسي جذبن جي تسڪين اڻ ڍنگي ۽ غير مهذب انداز سان ڪئي. اسان جي سامهون رومين جو مثال آهي، هنن به ائين ئي ڪيو. حيوانن وانگر بنا قانون جي جنسي جذبن جي تسڪين ماڻيندا رهيا. نتيجو اهو نڪتو ته انهن وٽ ڪنهن ٻئي ڪم لاءِ ڪا به قوت باقي نه بچي. اهڙي صورتحال اسان لاءِ به خطري جي گهنٽي آهي. انساني معاشرو حيوانن وانگر جيڪڏهن جنسي شهوت کي پورو ڪندو رهيو، پوءِ ڀلي اهو عورت ۽ مرد جي عارضي رضامنديءَ سان ڇو نه هجي، اهو عمل تهذيب ۽ تمدن کي باهه لڳائي ڀسم ڪري ڇڏيندو. قديم دور کان مذهبي ۽ سماجي طور تي مرد کي سمورين صفتن سان نوازيو ويو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو عورت مرد جي زيردست ٻانهي ٿي، هن جي مُک کي ڇڏي فقط هن کي جنسي تسڪين پهچائيندي رهي. ان کي ئي تهذيب جي وڏي ۾ وڏي تباهي چئبي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟