مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پروفيسر امين مغل- لاجواب ۽ بيمثال شخصيت

Azhar Azad Mughal

استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

1995ع ۾، لنڊن ۾ غير معمولي سخت سردي هئي ۽ آسمان تي ڪڪر ڇانيل هئا. فضا ۾ اداسي ايتري گهري هئي جو ان کي محسوس ڪري پئي سگهجو. ان وقت نه موبائيل فون هئا ۽ نه ئي لينڊ لائين جي گھنٽي ڪڏهن وڳي هئي. ان دوران مون پنهنجي فليٽ جي دروازي تي هڪ زوردار کڙڪو ٻڌو. مرحوم راحت سعيد، جيڪو هڪ ثقافتي ۽ سياسي ڪارڪن ۽ ان وقت رسالي “ارتقا” جي ايڊيٽرن مان هڪ هو، هڪ اهڙي معزز شخص سان گڏ آيو هو، جنهن جي لباس جي نفاست ۽ چمڪندڙ گهري مرڪ منهنجي دل کي هڪدم ڇهي ورتو. هڪ ئي پل ۾، انهن ٻنهي ڪمري کي پنهنجي گرمجوشي ۽ محبت سان پُر ڪري ڇڏيو. اهو معزز شخص جنهن کي راحت سعيد پاڻ سان گڏ وٺي آيو هو، اهو هو پروفيسر محمد امين مغل.
راحت سعيد ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پاڪستان واپس هليو ويو، پر مغل صاحب ۽ مان پهرين ئي ملاقات کان تمام گهرا دوست بڻجي وياسين. جڏهن منهنجي والدين 1999ع جي خزان ۾ لنڊن جو دورو ڪيو ته مغل صاحب ۽ منهنجي والد جيڪي هڪٻئي کي اڳيئي سڃاڻندا هئا، هر روز ملڻ جو فيصلو ڪيو. هو يا ته منهنجي گهر تي ناشتي کان وٺي رات جي مانيءَ تائين گڏ ويهي دنيا جي هر موضوع تي ڳالهائيندا هئا يا ڪڏهن ڪڏهن شهر جي تاريخي جڳهين جو سير ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي امڙ ۽ مامو پڻ انهن سان گڏ هوندا هئا.
منهنجي لنڊن مان وڃڻ کانپوءِ به، جڏهن به مان شهر ۾ هوندو هئس، مغل صاحب ۽ مان هر ٻي شام گڏ گذاريندا هئاسين. اڪثر اسان سندس گهر تي يا منهنجن دوستن جي گهرن تي گڏجي ويندا هئاسين، جيڪي سالن کانپوءِ اسان جا گڏيل دوست بڻجي ويا. اهو سلسلو ٽن ڏهاڪن تائين هلندو رهيو، جيڪو هڪ سال اڳ تائين جاري هو. هن جي تيزيءَ سان خراب ٿيندڙ صحت جي ڪري، اسان جي روبرو ملاقاتن جو سلسلو گهٽجي ويو. ان هوندي به، اسان فون تي هڪٻئي سان ڳالهائيندا رهندا هئاسين ۽ هر ننڍي وڏي ڳالهه تي بحث جاري رهندو هو، جهڙوڪ: اسان جا گڏيل واقفڪار يا سندس اهي پراڻا دوست ۽ ساٿي جن سان مان ڪڏهن نه مليو هئس ۽ اهي ڪتاب جيڪي هو پڙهي رهيو هو، يا اهي نوان خيال جيڪي عمر جي هن آخري حصي ۾ به هن جي ذهن ۾ ايندا رهندا هئا.
مغل صاحب ۽ مان ذاتي طور تي هڪٻئي جي تمام ويجهو هئاسين، پر مان چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو ته مان انهن اڻ ڳڻين ماڻهن مان صرف هڪ آهيان، جيڪي هر عمر، جنس، عقيدي، قوميت، مختلف سماجي پسمنظر ۽ الڳ سياسي نظرين رکڻ جي باوجود کيس وسيع علم، گهري بصيرت، تکي تجزيي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سندس سنجيده مزاح جي هڪ عظيم ذريعي طور ڏسندا هئا.
13 آگسٽ تي پاڪستان ۾ سندس لاڏاڻي جي خبر ملڻ کانپوءِ، اسان جي گڏيل دوستن ۽ کيس چاهيندڙن جي فون ڪالز جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو. مان هميشه اهو سوچيندو هوس ته هن ۾ اها ڪهڙي ڳالهه هئي جنهن کيس نرم دلين ۽ بي چين ذهنن لاءِ هڪ مقناطيس بڻائي ڇڏيو هو.
اديب، سياسي ڪارڪن، دانشور ۽ شاگرد، جهڙوڪ: اسڪالر اعجاز احمد، نامور شاعرائن ۽ شاعرن جهڙوڪ فهميده رياض ۽ علي سردار جعفري، سياستدانن ايل ڪي آڏواڻي ۽ خان عبدالولي خان، فلمساز ضياءُ سرحدي ۽ صحافي توڙي انساني حقن جي علمبردار آءِ ايم رحمان اهي سڀ جڏهن به لنڊن ۾ هوندا هئا ته مغل صاحب کي ڇو ڳولهيندا هئا؟
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته رحمان صاحب هڪ ڀيرو لنڊن ۾ کيس هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر پڻ بڻايو هو، پر ايسٽ يورپين اسٽڊيز جو پروفيسر ٽريور ٿامس، صحافي ۽ مصنف نواب سعيد حسن خان ۽ صحافي توڙي تاريخدان ڊيوڊ پيج کيس پنهنجي محفل ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ باقاعدي درخواست ڇو ڪندا هئا؟ اهو ڇو هو ته جڏهن هن پاڻ ڪو هڪ ڪتاب به شايع نه ڪرايو هو، تڏهن به ڪيترائي نامور ليکڪ ۽ شاعر پنهنجي ڪتابن جا ديباچا يا توثيق کيس لکڻ لاءِ چوندا هئا؟ هن جي حياتيءَ ۾ ئي ڪجهه نامور شاعرن هن تي اردو، پنجابي ۽ انگريزيءَ ۾ نظم ڇو لکيا؟ هو لنڊن ۾ ڏکڻ ايشيا جي ڪنهن به اهم علمي سيمينار جي صدارت ڪرڻ يا ڪنهن سنجيده ڪتاب جي مهورت لاءِ سڀ کان وڌيڪ گهربل مقرر ڇو هوندو هو؟ انهن اٿاريل سوالن جا طويل جواب ٿي سگهن ٿا. تنهن هوندي به، منهنجي ذهن ۾ پنج بنيادي سبب اچن ٿا. پهريون سبب اهو آهي ته مغل صاحب نه صرف مختلف علمي شعبن جو وسيع مطالعو ڪندڙ هو، پر سندس يادداشت به شاندار هئي (ڪنهن هاٿيءَ جهڙي تيز يادداشت)، جنهن سڄي ڄمار سندس ڀرپور ساٿ ڏنو. ٻيو ته، هو پنهنجي خيالن جي مسلسل اصلاح ڪندو رهندو هو ۽ مطالعي، مشاهدي توڙي غور ۽ فڪر ذريعي حاصل ٿيندڙ نئين علم جي بنياد تي هر قسم جي پراڻي عقيدي يا تعصب کي الڳ ڪري ڇڏيندو هو. هو صرف ڪتابن جو ئي نه، پر ڪيترن ئي موضوعن جو هڪ زنده حوالو هو. ٽيون سبب اهو هو ته سندس اندر فلسفي، تاريخ، سياست، سماج، ثقافت ۽ ادب جي معاملن تي پنهنجي تحريرن، گفتگو ۽ تقريرن ۾ تکي تجزيي جي بنياد تي هڪ مدلل ۽ واضح بحث ڪرڻ جي حيرت انگيز صلاحيت هئي.
جيتوڻيڪ هن پنهنجي عملي زندگيءَ جا 30 سال لاهور ۾ ۽ 40 سالن کان وڌيڪ لنڊن ۾ گذاريا، پر چوٿون سبب 1950ع کان وٺي 1980ع واري ڏهاڪي جي شروعات تائين پاڪستان جي سياست ۾ علمي آزادين ۽ شهري حقن لاءِ ادا ڪيل ڪردار مان مقصد وارا سبق حاصل ڪرڻ جي مغل صاحب ۾ بيپناھ صلاحيت هئي. ان کان علاوه، هو دنيا جي تازين حالتن کان، خاص ڪري ڏکڻ ايشيا تي پنهنجو خاص ڌيان رکي پاڻ کي باخبر رکندو هو. آخري ڳالهه اها ته، سندس ديانتداري، عاجزي، انسانيت ۽ رواداريءَ هن جي عالمي سڃاڻپ ۾ وڌيڪ واڌارو ڪيو.
مغل صاحب پنهنجي ڪيريئر جي شروعات هڪ استاد ۽ صحافي طور ڪئي. هن لاهور ۽ لنڊن ٻنهي شهرن ۾ اخبارن ۽ هفتيوار رسالن، بشمول “ويوپوائنٽ” ۽ “آواز” جي ادارت ۽ گڏيل ادارت ڪئي. هو لاهور جي اسلاميه ڪاليج ۾ پڙهائيندو هو، جتان کيس جنرل ايوب خان جي دورِ حڪومت ۾ نوڪريءَ تان برطرف ڪيو ويو. جنهن جي رد عمل ۾ هن لاهور ۾“شاهه حسين ڪاليج” جو گڏيل بنياد وڌو. پاڻ هڪ مارڪسسٽ هو ۽ پابندي مڙهيل ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي هدايتن تي، نيشنل عوامي پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ ان جو پنجاب جو سيڪريٽري جنرل بڻيو.
ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت به مٿس ڪا مھربان نه هئي، پر هن سڀ کان بدترين حالتن جو مقابلو جنرل ضياءُ الحق جي آمريت واري دور ۾ ڪيو. جيل جون سختيون ۽ تشدد برداشت ڪرڻ کانپوءِ، هو پنهنجي بيمار ڀاءُ جي عيادت ۽ ڪجهه سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ برطانيا هليو ويو، پر هو نه ڪڏهن واپس آيو ۽ نه ئي پنهنجي وفات تائين پاڪستاني شهريت تان هٿ کنيائين. 12 آگسٽ 2026ع تي 91 سالن جي عمر ۾ ھن جي ساھ جو سڳو ٽٽي پيو. هو پنهنجي عاجزيءَ جي ڪري پنهنجي لکڻين کي صرف “شخصي خيال” چوندو هو. هن جون ڪجهه لکڻيون، جهڙوڪ: ڀڳت سنگهه تي لکيل مضمون يا ثقافت ۽ ادب تي سندس ڪجهه ٻيا مقالا، گهرو نظرياتي مواد فراهم ڪن ٿا. سندس صحافتي تحريرون ۽ ادارتي مضمون پڻ هڪ وڏي تاريخي دور تي پکڙيل آهن. انهن مان ڪجهه انٽرنيٽ تي موجود آهن، جهڙوڪ: سندس ڪجهه تقريرون ۽ ڳالهيون، پر اڪثر لکڻيون دستياب ناهن. اميد آهي ته ڪو اسڪالر سندس ڪم کي ڳولهي لهندو ۽ کيس نوجوان نسل لاءِ هڪ جڳهه تي گڏ ڪندو. پروفيسر امين مغل صاحب سيالڪوٽ جي ضلعي ڪوٽلي لوهاران ۾ پيدا ٿيو، ۽ جبل پور (جيڪو هاڻي مڌيه پرديش، هندستان ۾ آهي)، سيالڪوٽ ۽ لاهور ۾ تعليم حاصل ڪيائين. اهي ٽي نظريا جيڪي هن هميشه پنهنجي دل جي ويجهو رکيا، تن ۾ ڪتابن کي هٿي ڏيڻ، ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ عوامي خدمت شامل هئي. ڪيترن ئي سالن تائين، هن لنڊن جي مقامي اسپتالن ۾ رضاڪاراڻي طور خدمتون سرانجام ڏنيون، پنهنجي ڪتابن جي ذخيري جو هڪ وڏو حصو باغ (آزاد ڪشمير) جي هڪ لائبريريءَ کي عطيو ڪيائين ۽ پنهنجي وصيت ۾ لکيائين ته سندس جيڪا به معمولي بچت آهي، اها پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ امن لاءِ ڪم ڪندڙ ڪنهن به تنظيم کي ڏني وڃي.
هڪ طرف مغل صاحب جي علمي ۽ تنقيدي بصيرت ۽ ٻئي طرف سڀني لاءِ سندس محبت ۽ همدردي، هميشه سندس هن منفرد علمي ورثي کي زنده رکندي.
حوالو: بوڪس اينڊ آٿرس (ڊان)
تاريخ: 23 آگسٽ 2026
موضوع:In Memoriam: the matchless professor
ليکڪ: حارث خليق

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو