مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

خوف کان ڀڄڻ بجاءِ ان جو مقابلو ڪرڻ سان ئي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا

Hazoor Bux Malik تعليمدان، ليکڪ، ڪالم نگار

بي.ايس (P.S)، سماجي مسئلن تي آواز اٿاريندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

“خوف جي منهن تي پير رکڻ سکو، نه ته سڄي زندگي خوف جا نانگ ڏنگيندا رهندا.” هي فقط هڪ جملو نه، پر زندگيءَ جو اهڙو اصول آهي جيڪو انسان جي قسمت بدلائي سگهي ٿو. دنيا ۾ بيشمار ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي وڏي صلاحيت، علم ۽ قابليت هوندي به صرف خوف سبب پنهنجي منزل تائين نه پهچي سگهيا آهن. جڏهن ته ڪي ماڻهو محدود وسيلن ۽ سخت حالتن باوجود صرف پنهنجي همت، حوصلي ۽ بي خوفي سبب تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکي ويا. انسان جي زندگيءَ ۾ خوف فطري احساس آهي، پر جڏهن اهو احساس انسان تي حڪمراني ڪرڻ لڳي ته پوءِ اهو خوف انسان کي غلام بڻائي ڇڏي ٿو. خوف انسان جي سوچ کي محدود ڪري ڇڏيندو آهي، سندس اعتماد کي ڪمزور ڪندو آهي ۽ کيس هر نئين قدم کان روڪيندو آهي. ڪيترائي ماڻهو ڪاروبار شروع ڪرڻ کان ڊڄن ٿا، ڪيترائي حق ڳالهائڻ کان، ڪيترائي ناڪاميءَ کان ۽ ڪيترائي رڳو ماڻهن جي تنقيد کان خوف کائين ٿا. نتيجي ۾ هو سڄي زندگي انهن موقعن کان محروم رهجي وڃن ٿا، جيڪي سندن قسمت بدلائي سگهيا ٿي. مشهور آمريڪي صدر فرينڪلن ڊي. روزويلٽ چيو هو: “اسان کي صرف هڪ ئي شيءِ کان ڊڄڻ گهرجي ۽ اهو آهي خوف.” هن قول مان خبر پوي ٿي ته گهڻين حالتن ۾ اصل دشمن مسئلو نه هوندو آهي، پر ان مسئلي بابت اسان جو خوف هوندو آهي. مشهور ڏکڻ آفريڪي اڳواڻ نيلسن منڊيلا چيو هو: “مون سکيو ته بهادري خوف جو نه هجڻ ناهي، پر خوف تي فتح حاصل ڪرڻ آهي.” هيءَ حقيقت هر انسان لاءِ سبق آهي. بهادر ماڻهو به خوف محسوس ڪندا آهن، پر هو ان خوف کي پنهنجي فيصلي تي حاوي ٿيڻ نه ڏيندا آهن. زندگيءَ جي هر وڏي ڪاميابي ڪنهن نه ڪنهن خطري سان جڙيل هوندي آهي. جيڪڏهن رائيٽ برادرز جهاز اڏائڻ جي ڪوشش کان ڊڄي وڃن ها، جيڪڏهن ٿامس ايڊيسن هزارين ناڪامين کانپوءِ مايوس ٿي وڃي ها، يا جيڪڏهن عبدالستار ايڌي غربت ۽ وسيلن جي کوٽ کان ڊڄي وڃي ها ته شايد دنيا اڄ انهن کي ياد نه ڪري ها. تاريخ هميشه انهن ماڻهن جا نالا سنهري اکرن سان لکي ٿي، جيڪي خوف کي شڪست ڏئي اڳتي وڌن ٿا. مشهور آمريڪي ليکڪ مارڪ ٽوئن چيو هو: “بهادري خوف جي مزاحمت ڪرڻ آهي، خوف تي قابو حاصل ڪرڻ آهي، نه ته خوف جو نه هجڻ.” اسان جي سماج ۾ به ڪيترائي نوجوان صرف ان ڪري پوئتي رهجي وڃن ٿا، جو هو ماڻهن جي ڳالهين کان ڊڄن ٿا. هو سوچين ٿا ته جيڪڏهن ناڪام ٿي وياسين ته ماڻهو ڇا چوندا؟ جيڪڏهن ڪاروبار نه هليو ته ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن امتحان ۾ ناڪام ٿياسين ته عزت گهٽجي ويندي. حقيقت اها آهي ته جيڪي ماڻهو توهان جي ناڪاميءَ تي کلندا آهن، اهي توهان جي ڪاميابيءَ ۾ به توهان سان گڏ نه هوندا. تنهنڪري زندگي ٻين جي سوچ مطابق نه، پر پنهنجي مقصد مطابق گذارڻ گهرجي. ونسٽن چرچل جو قول آهي: “ڪاميابي آخري منزل ناهي، ناڪامي به آخري فيصلو ناهي؛ اصل اهميت اڳتي وڌڻ جي همت ۾ آهي. ” هي قول ٻڌائي ٿو ته ناڪاميءَ کان ڊڄڻ بدران ان مان سکڻ گهرجي، ڇو ته هر ناڪامي مستقبل جي ڪاميابيءَ جو بنياد بڻجي سگهي ٿي. اسلام به مسلمانن کي خوف بدران الله تي ڀروسو ڪرڻ جي تعليم ڏني وئي آهي. قرآن پاڪ ۾ بار بار مؤمنن کي صبر، ثابت قدمي ۽ توڪل اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جيڪو انسان پنهنجي رب تي يقين رکي ٿو، اهو دنيا جي وڏين کان وڏين مشڪلاتن کي به منهن ڏئي سگهي ٿو. مشهور چيني فلسفي لائو زو چيو هو: جيڪو ٻين کي فتح ڪري ٿو، اهو طاقتور آهي، پر جيڪو پنهنجي نفس ۽ خوف تي فتح حاصل ڪري ٿو، اهو سڀ کان وڌيڪ مضبوط آهي.” نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته انسان جا گهڻا خوف حقيقت نه، پر ذهن جي پيداوار هوندا آهن. اسين ڪيترائي اهڙا خطرا تصور ڪري وٺندا آهيون، جيڪي حقيقت ۾ هوندا ئي ناهن. جڏهن ماڻهو عملي قدم کڻي ٿو ته کيس خبر پوي ٿي ته سندس خوف حقيقت کان گهڻو وڏو هو. هر صبح پاڻ کان هڪ سوال ضرور پڇڻ گهرجي: “ڇا مان خوف جي ڪري بيٺو آهيان، يا حقيقت ۾ ڪا رڪاوٽ موجود آهي؟” جيڪڏهن جواب صرف خوف آهي ته پوءِ ان خوف جي منهن تي پير رکڻ ئي ڪاميابيءَ ڏانهن پهريون قدم آهي. زندگي ڪنهن جو انتظار نٿي ڪري. وقت گذري ويندو، موقعا ختم ٿي ويندا، عمر اڳتي وڌندي رهندي. آخر ۾ انسان کي سڀ کان وڌيڪ افسوس انهن غلطين جو نه هوندو جيڪي هن ڪيون، پر انهن موقعن جو هوندو جيڪي هن صرف خوف جي ڪري وڃائي ڇڏيا. تنهنڪري اچو ته خوف جي زنجيرن کي ٽوڙي، پنهنجي اندر اعتماد پيدا ڪريون، پنهنجي مقصدن تي يقين رکون ۽ هر مشڪل کي چئلينج سمجهي اڳتي وڌون. ڇو ته خوف کان ڀڄڻ سان خوف ختم نٿو ٿئي، پر ان کي منهن ڏيڻ سان خوف پاڻ ختم ٿي وڃي ٿو. آخر ۾ آمريڪي ليکڪ سوزن جيفرز جا هي لفظ هر انسان لاءِ مشعلِ راهه آهن: “Feel the fear and do it anyway” “خوف محسوس ڪريو، پر پوءِ به پنهنجو قدم اڳتي وڌايو.” ياد رکو، جيڪي ماڻهو خوف جي منهن تي پير رکي اڳتي وڌندا آهن، سي ئي پنهنجي قسمت پاڻ لکندڙ هوندا آهن. باقي جيڪي خوف جي غلامي قبول ڪندا آهن، سي سڄي زندگي حالتن، ماڻهن ۽ وقت جي “نانگن” کان ڏنگبا رهندا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو