مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

فخرِ پاڪستان اَرفع ڪريم رندهاوا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

خدا پاڪ کيس ذهني طور اعلي خوبين سان نوازي ڇڏيو هو ننڍڙي عمر ۾ ئي هن دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيندڙ ڪارناما پڻ ڪري ڏيکاريا جنهنڪري تاريخ کيس فخر پاڪستان طور صدين تائين ياد رکندي. ارفع ڪريم رندهاوا جو جنم 2 فيبروري 1995ع تي فيصل آباد جي هڪ ڳوٺ رام دوالئَ ۾  ٿيو. ننڍپڻ ۾ ئي ارفع ارفع ڳالهائڻ شروع ڪيو سندس ڏاڏي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته ارفع ڏيڍ سال جي عمر ۾ ئي ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي ٻاتائپ واري آواز ۾ نعت پڙهڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. سندس ڏاڏي مطابق ته ارفع ڪريم ٽن سالن جي عمر ۾ ڪلما ۽ آيت الڪرسي ياد ڪري ورتي هئي. 4 سالن جي عمر ۾ هن ڪمپيوٽر هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گهر ۾ پيل ڪمپيوٽر سان کيڏندي رهندي هئي. کيس ڪمپيوٽر سان لڳاءُ هئڻ ڪري ان ۾ ڪافي مهارت به حاصل ڪيائين. ارفع 2004ع ۾ صرف نوَ سالن جي عمر ۾ مائيڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ پروفيشنل (ايم سي پي) بڻجي وئي.

2005ع ۾ مائڪرو سافٽ ڪمپنيءَ جي مالڪ بل گيٽس، ارفع ڪريم سان ڏھ منٽ ملاقات ڪئي ۽ کيس مائيڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ ايپليڪيشن جي ڊگري ڏني. 2006ع ۾ بارسلونا ۾ ٽيڪنيڪي ڊولپرز ڪانفرنس ۾ دنيا جي پنج هزار ماڻهن ڏانهن دعوت ناما موڪليا ويا جن ۾ ارفع ڪريم جو نالو پڻ شامل هو ياد رهي ته ان ڪانفرنس ۾ پاڪستان مان صرف ارفع ڪريم کي گهرايو ويو هو. انهيءَ کان علاوه ارفع صرف ڏهن سالن جي عمر ۾ دبئي ۾ هڪ طيارو اڏايو هو کيس ننڍي عمر واري پائليٽ هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو ۽ سندس نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو. حڪومت پاڪستان طرفان کيس تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ صدارتي ايوارڊ عطا ڪيو ويو. پاڪستان ۾ کيس فاطمه جناح طلائي تمغو، سلام پاڪستان يوٿ ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. لاهور ۾ هڪ سائنس پارڪ جنهن جو نالو ارفع سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ رکيو ويو جيڪو ارفع جي نالي سان منسوب ڪيو ويو.  ارفع ڪريم کي 22 ڊسمبر 2011ع تي  گهر ۾ ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندي اچانڪ مرگهيءَ جو دورو پيو ۽ ڪرسيءَ تان ڪري پئي، کيس لاهور جي سي ايم ايڇ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هوءَ ڪوما ۾ هلي وئي ۽ 14 جنوري 2012ع تي زندگيءَ جي جنگ هارائي وئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو