مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

رهبر جي تدفين جون تياريون ۽ دنيا جي حڪمرانن لاءِ سبق

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

شهيد سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنائي جي جنازي نماز ۽ تدفين جون تقريبون 4 کان 8 جولاءِ جي وچ ۾ تهران، قم ۽ مشهد ۾ منعقد ٿينديون. تدفين خميس 8 جولاءِ تي مشهد ۾ ڪئي ويندي. جڏهن ته عراق جي شهرن بغداد، ڪاظمين، ڪربلا ۽ نجف ۾ به تعزيتي ميڙاڪا منعقد ڪيا ويندا. 6 جولاءِ تي تهران ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 8 جولاءِ تي سڄي ايران ۾ سوڳ جو ڏينهن به ملهايو ويندو. شهيد سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنائي جي آخري رسمن ۽ تدفين جو سرڪاري شيڊيول جاري ڪرڻ بعد سندن ميزبانيءَ ۾ ايران جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جنازو منعقد ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ سڄي دنيا مان سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ شرڪت ڪندا. جنازي ۽ تدفين جي شيڊيول مطابق 4 کان 5 جولاءِ تي تهران جي ‘امام خميني گرائونڊ مصلي’ ۾ عوام لاءِ آخري ديدار ۽ الوداعي تقريبون ٿينديون. 6 جولاءِ تي تهران ۾ مرڪزي جنازي نماز ادا ڪئي ويندي. 7 جولاءِ تي مقدس شهر قم ۽ مسجد جمڪران ۾ جنازي نماز جو تاريخي اجتماع منعقد ٿيندو ۽ 9 جولاءِ تي اباڻي شهر مشهد ۾ هڪ عظيم الشان جنازي جي جلوس کانپوءِ، سندن وصيت موجب کين امام رضا رضي الله تعاليٰ عنه جي روضي ۾ دفنايو ويندو. سيد آيت الله علي خامنائي اي سان گڏ سندن خاندان جي چئن ماڻهن (ڌيءَ ، نياڻو، ننهن ۽ پوٽي) جي جنازي نماز به ادا ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ پوري ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا انتظام تمام سخت ڪيا ويا آهن. ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي ۽ مسلح فوجن کي متحرڪ ڪيو ويو آهي. آيت الله سيد علي خامنائي جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت عالمي شخصيتون ايران پهچي رهيون آهن. ايراني خابرو اداري ‘ارنا’ موجب برگيڊيئر جنرل محمد اڪرمي نيا ٻڌايو ته رهبر معظم سيد علي خامنائي جي ڪيترن ڏينهن واري آخري رسمن دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ غير معمولي حفاظتي اپاءُ ورتا پيا وڃن. هن چيو ته مختلف ملڪن مان اعليٰ حڪومتي، مذهبي ۽ سياسي وفدن جي آمد جي توقع آهي، جنهن سبب سيڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي. برگيڊيئر جنرل محمد اڪرمي نيا موجب ايراني فوج جي زميني، بحري ۽ فضائي فوجن کي هاءِ الرٽ تي رکيو ويو آهي، جڏهن ته سرحدي علائقن ۽ حساس تنصيبن تي سيڪيورٽي وڌيڪ مضبوط ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪنهن به ممڪن خطري جو بروقت ۽ موثر انداز ۾ مقابلو ڪري سگهجي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايران جو فضائي دفاعي نظام به مسلسل ملڪ جي فضائي حدون جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن به غير معمولي سرگرمي تي فوري رد عمل ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي. تجزيه نگارن موجب علائقي ۾ تازي ڇڪتاڻ ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب ايران پنهنجي اعليٰ قيادت جي آخري رسمن دوران ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کان بچڻ لاءِ غير معمولي حفاظتي قدم کڻڻ لاءِ مڪمل تياري ڪئي آهي ۽ شهيد آيت الله علي خامنائي جي جنازي نماز ۽ سوڳ جون تياريون ڀرپور نموني سان جاري آهن. جنهن جو سلسلو عراق تائين پکڙجندو. ايراني اعليٰ اختيارين جو چوڻ آهي ته سوڳ جي انهن عالمي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ بين الاقوامي مهمانن، سربراهن، مملڪتي وفدن جي آمد جو سلسلو 3 جولاءِ 2026 کان شروع ٿي ويندو، تهران جي مشهور هنڌن ‘انقلاب روڊ’، ‘لشڪري روڊ’ ۽ ‘آزادي روڊ’ تي 6 جولاءِ تي جنازي نماز جو تاريخي اجتماع ٿيندو، جنهن ۾ ايراني اعليٰ اختيارين جي دعويٰ موجب ڏيڍ کان ٻه ڪروڙ ماڻهن جي شرڪت جي توقع آهي. مهمانن جي رهائش لاءِ 1500 اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ هاسٽلون تيار ڪري ڇڏيون آهن. ان کان علاوه تهران جي ويجهڙائي وارن علائقن ۾ به وڌيڪ 800 کان وڌيڪ تعليمي ادارن کي عارضي رهائشگاهن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سوڳ جي انهن وڏين تقريبن دوران شهر ۾ ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ متبادل روٽس جو باقاعدي اعلان به ڪيو ويو آهي. شهيد آيت الله سيد علي خامنائي جي جسد خاڪي کي عراق جي مقدس شهرن نجف، ڪربلا، ڪاظمين ۽ گاديءَ جي هنڌ بغداد نيو ويندو، جتي پڻ لکين عراقي شهرين جي شرڪت ۽ وڏا تعزيتي ميڙاڪا متوقع آهن. عراق مان واپسي تي 9 جولاءِ تي ايران جي شهر مشهد ۾ شهيد آيت الله سيد علي خامنائي جي الوداعي تقريب منعقد ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ سندس جسد خاڪي کي حضرت امام رضا رضي الله تعاليٰ عنه جي روضي مبارڪ اندر دفنايو ويندو. انهن سمورن پروگرامن جي نشريات سڌيءَ ريت ٽي وي تي ڏيکاري ويندي جنهن سبب پوري دنيا اندر هڪ ڀيرو ٻيهر سوڳ واري صورتحال ڏسڻ ۾ ايندي. سندس شهادت نه رڳو ڪيترين دلين کي سوڳوار بڻايو، پر دنيا جي ضمير کي به لوڏي ڇڏيو. انقلاب جي دشمن سمجهيو هو ته سيد علي خامنائي جي شهادت سان انقلابِ اسلامي جو چراغ وسامي ويندو، پر هي انقلاب اڃان وڌيڪ مضبوط ٿي ويو ۽ دنيا ڏٺو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ذليل ۽ خوار ٿي ايران جي پيرن ۾ ڪري معافيون وٺي ڀڄي ويا. رهبر جي شهادت ايران جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو، انهن جو هي قافلو ڪربلا جي واقعي وانگر تاريخ جي ورقن ۾ لکجي ويو، جتي امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه پنهنجن ٻاهتر جانثارن سميت شهادت قبول ڪئي. هن ايراني انقلاب جون پاڙون به ڪربلا جي سر زمين ۾ کتل آهن. جيستائين ڪربلا جو پيغام زنده آهي، تيسين حسينيت جو فڪر دلين ۾ ڌڙڪندو رهندو ۽ انقلابِ اسلامي به رهبر جي ڏسيل راهه تي هلندي پنهنجي سموري عظمت سان قائم ۽ دائم رهندو. رهبر جي شهادت سڄي دنيا جي دلين تي ڏک جا گهرا نشان ضرور ڇڏيا آهن، پر ساڳئي وقت هن ايمان، استقامت ۽ شعور کي سگهارو بڻايو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو