مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

خالص اقتدار جي سياست ۾ صحافي، دانشور، اديب بنا ضرورت لھيو پون، هتي هر فن مولا جي لوڌ لٿل آهي

Shabir Khokharr تجزيه نگار، ليکڪ، ڪالم نويس، سينئر صحافي

ايم فل اسڪالر، شاعر، تجزيي نگار، نقاد، محقق، اٺ ڪتابن جو ليکڪ، مضمون نگار، ڪالم نويس.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

جڏھن بنا نمائندگي واري مخالف ڌر، دانشور ھر معاملي ۾ تحريڪ ھلائڻ ۾ دير نه ڪن يا ٺيڪو کنيو بيٺا ھجن ته پوءِ نمائنده حڪمران پارٽي ڇو جوابداري محسوس ڪندي؟؟ بالغ ووٽ، جمھوريت جي حمايت ڪندڙ دانشور وحدت سنڌ جو فرض بالغ ووٽرن کي ادا ڪرڻ ڇو نه پيا ڏين، ھر معاملي ۾ تحريڪ ھلائڻ جو ٺيڪو مخالف ڌر يا دانشور ڇو ٿا کڻن، جن وٽ سنڌ جي ڪا به نمائندگي ناهي. مخالف ڌر، دانشورن کي وحدت سنڌ ريلي، مارچ، تحريڪ ھلائڻ بجاءِ بالغ ووٽ، اشرافيه جمھوريت خلاف تحريڪ هلائڻ کپي جنھن وحدت سنڌ جو سوال پيدا ڪيو آهي، جيڪا سسٽم ھلائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. مخالف ڌر پنھنجي پنجاھ سالن جي سياست جي غلط گس کي درست ڇو نه پئي ڪري؟ روايتي سياست تان دستبردار ڇو نه پئي ٿئي؟؟ ھو سنڌ جي نمائندگيءَ لاءِ سياست ڇو نه پئي ڪري رڳو مخالف ڌر جو ٺيڪو ڇو کنيو آهي؟
سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ پارٽي جھندن جي ڪھڙي ضرورت آهي؟؟ پنھنجي سياست چمڪائڻ لاءِ جھندا کڻي آيا آهن، الڳ الڳ جھندن ما ثابت ٿيو ته ھيءَ قوم ھڪ ناھي، ھن مارچ ۾ اڪثر ماڻهو پ پ جا ووٽر آھن جيڪي رڳو احتجاج لاءِ قوم پرستي اختيار ڪن ٿا، باقي سياسي مفادن لاءِ ووٽ پ پ کي ڏيندا آهن، جيڪا قوم ووٽ جو استعمال ذاتي مفادن لاءِ ڪري ۽ احتجاج لاءِ قوم پرستي اختيار ڪري، اقتدار لاءِ ھڪڙي پارٽي ۽ مخالف ڌر لاءِ ٻئي پارٽي سان گڏ بيھي، اھڙي قوم ڪڏھن به محفوظ ۽ مضبوط نٿي بڻجي سگھي. پنجاھ سالن کان روايتي سياست ناڪام ٿي چڪي آهي، پر ڪو سبق حاصل نٿو ڪيو وڃي، سياست ۾ سياسي نمائندگي اھميت رکي ٿي جيڪا قوم پرست جماعتن کي حاصل ناھي. مارچ ۾ ڪوبه واضح پيغام وارو پلي ڪارڊ، پمفليٽ نظر نه آيو، الڳ الڳ جھندا ڏسي مايوسي ٿي.
ھن روايتي سياست سان ڪجھه حاصل نه ٿيندو، اقتدار جي سياست اشرافيه حوالي باقي احتجاج لاءِ قومپرستن کي استعمال ڪرڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، قوم کي درست گس ملڻ کپي.
وحدت سنڌ قلم ڪانفرنس سرڪاري، درٻاري اديبن، دانشورن جو فورم آهي جيڪو ادب، صحافت کي اشرافيه حوالي ڪرڻ چاھي ٿو، اشرافيه جي سرپرستي ۾ اشرافيه جي بيانيي پٺيان لڳائڻ جي مھم جو حصو آهي، جيڪو سنڌ خاطر سرڪاري تقريبن پروگرامن جو بائيڪاٽ نه ڪري سگھي. ھمعصر درٻاري سرڪاري اديب، دانشور ڀلي ڪانفرنس ڪن، ادبي ميلا مچائين، سرڪاري تقريبن ۽ پروگرامن جي رونق بڻجن منھنجي لاءِ انھن جي ھجوم کان الڳ ٿي بيھڻ، اختلاف راءِ رکڻ ڪافي آهي. سنڌ وطن جنھن جو اقتدار اشرافيه حوالي باقي نالي جي مالڪي، مخالف ڌر جي ڪردار، قوم پرستي، جدوجھد، مارچ ريلين، پولنگ اسٽيشنن، ڪانفرنس لاءِ مظلوم طبقو، ھجوم ھر وقت حاضر آهي. سنڌ جي حڪمران پارٽي سنڌي قوم جي اشرافيه، مخالف ڌر به سنڌي قوم پرست، مظلوم به سنڌي باقي ظالم ڪير جنھن جي خلاف تحريڪ هلائي وڃي؟ سرڪار سان به گڏ مخالف ڌر ۾ به شامل سنڌ جو خدا حافظ. وحدت سنڌ قلم ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورا اديب دانشور صحافي سنڌ خاطر حڪومت جي سرپرستي تان دستبردار ٿيڻ، بائيڪاٽ ڪرڻ بجاءِ وحدت سنڌ جي نالي ڪانفرنس ڪري رسمي طور سنڌ سان پنھنجي وفاداري ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حقيقت سڀني جي سامهون آهي عملي طور ھو سرڪاري سرپرستيءَ جو انڪار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، پنھنجا ذاتي مفاد ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن. حڪومت سان به گڏ ۽ مخالف ڌر جي صف ۾ به شامل آهن.
ھمعصر سياست پنھنجي سرپرستي سان ادب ۽ صحافت کي پنھنجي باندي بڻائي رکيو آهي، اھڙو ادب ۽ صحافت مظلوم طبقن کي ڪو فائدو ڏيڻ بجاءِ پنھنجي سياست لاءِ استعمال ڪري ٿو. حڪمران پارٽي حڪومت سان گڏ مخالف ڌر به پنھنجي مرضيءَ جي پنھنجي ھٿ وس مقرر ڪري ڇڏي آهي جيڪا پڻ حڪومت جي سرپرستي مطابق ڪردار ادا ڪري ٿي، حڪومت کي مخالف ڌر مان به ڪو خطرو ناهي، اھوئي سبب آهي جو پنجاھ سالن کان ڪا تبديلي نه پئي اچي سگھي، جيڪا مخالف ڌر پنجاھ سالن ۾ ڪا نمائندگي حاصل نه ڪري سگھي ھر تڪ تي حڪمران پارٽي ڪامياب ھجي سمجھو ته مخالف ڌر حڪمران پارٽي جي “بي ٽيم” جو حصو ٿي سگھي ٿي. حڪمران پارٽي ادب، صحافت، دانشورن کي ھجوم جي پويان ھلڻ تي لڳائي ڇڏيو آهي. جڏھن ته ادب، صحافت ۽ دانشورن جو ڪم ھجوم کان الڳ ٿي بيھڻ آهي، پر افسوس اشرافيه اقتدار تي قبضي برقرار رکڻ لاءِ ھر شيءِ کي پنھنجي سرپرستيءَ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
جيڪو نعرو مظلوم هڻي ٿو اھو ساڳيو نعرو حڪمران پارٽي جا اڳواڻ ھڻڻ تي مجبور آهن، رڳو مظلومن کي گمراھ ڪرڻ واسطي اھڙا حربا استعمال ڪيا وڃن ٿا. ھر دور ۾ ڪجھه غير معمولي فرد ھجوم پٺيان ھلڻ کان انڪار ڪندا آھن پنھنجو الڳ گس اختيار ڪندا آھن، تاريخ ۾ الڳ جڳھه والارڻ وارا بلڪل نرالا هوندا آهن. ڀٽائي پنھنجي دور ۾ روايتي ادب کان الڳ رستو اختيار ڪيو، اردو ادب ۾ نذير اڪبر آبادي، حسن منٽو اھڙا نالا آهن جن پنھنجو الڳ گس اختيار ڪيو. افسوس! سرڪاري اديب ڪانفرنس ۾ ڪوبه واضح بيانيو جاري ڪري نه سگھيا، نه وري حڪمران پارٽي کي پنھنجي حمايت تان دستبرداري يا بائيڪاٽ جي تنبيھه ڪري سگھيا. سنڌ ۾ ڪنھن به سياسي پارٽي وٽ درست ايجنڊا ناھي رڳو روايتي سياست تي گذارو آهي، سموريون کاٻي ڌر جون سياسي پارٽيون ھڪڙي پارٽي اڳواڻ جي مرضيءَ سان ھلڻ تي مجبور آهن، مرڪزي ڪميٽي ۾ شامل اڳواڻن جي صلاح، مشاورت، گڏيل موقف اختيار ڪرڻ، گڏيل موقف تي جدوجھد ڪرڻ جو ڪو مثال نٿو ملي. ھر پارٽي ھڪڙي قيادت تي انحصار ڪندڙ آھي، جيڪو عمل سياسي پارٽين جي ناڪامي جو وڏو سبب ٿي سگهي ٿو.
ھر پارٽي رڳو مظلوم ڪارڪن ڀرتي ڪرڻ کي ڪافي سمجھي ٿي، جيڪي پارٽي جي جلسي، احتجاج جو ڪم سرانجام ڏيئي سگھن، ڪابه پارٽي ڪڏھن ڪنھن سياسي شعور، الڳ موقف رکندڙ دانشور يا فرد کي پارٽيءَ ۾ شموليت لاءِ رسمي دعوت يا مذاڪرو، تقريب جو بندوبست نٿي ڪري، نه وري ڪڏھن اھڙي ضرورت جو اظھار ڪيو آھي. سڀ کان وڏو الميو پارٽي جي شخصي سڃاڻپ، ھڪ شخص جي ھدايت موجب ھلڻ جي پابندي، جنھن ۾ گڏيل فيصلي جي ڪابه گنجائش نٿي رکي وڃي، جنھن جي ڪري اھڙين سياسي پارٽين ۾ ڪوبه سياسي شعور رکندڙ فرد شموليت اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌ ۾ اھڙين نظرياتي شخصي سياسي پارٽين جي کوٽ ناهي، ھر شھر ۾ ھر پارٽيءَ جا ڪجھه ڪارڪن ملي سگھن ٿا.
دانشورن جي غلطي جو ھڪڙو مثال اقتدار، سياست ۾ حصيداري کان پري، پر ان تي ڳالھائڻ، مداخلت ڪرڻ ۾ سدائين اڳڀرو، بنا پڇڻ جي صلاحون ڏيڻ، ڪانفرنس، سيمنارن جي انتظار ۾ ننڊون ڦٽائڻ ھنن کان ڪو سکي، فل سوٽ، ٽاءِ ٻڌڻ ۾ به شرم نه ڪندا پنھنجي ثقافت به وساري ويھندا، رڳو تقرير ۾ سنڌ سنڌ عملي طور انگريز نظر ايندا. دانشورن جي حمايت يافته جمھوريت، جنھن جي بحاليءَ لاءِ ايم آر ڊي تحريڪ جي پڻ حمايت ھئي، اھا جمھوريت اڄ صوبائي تقسيم تي راضي ٿي وئي آهي، دانشور جون دانھون ڪڍي ڇڏيون آهن، پر بيوقوف پنھنجي حمايت واپس وٺڻ لاءِ تيار نه آهن. دانشور سياست کي دليلن سان منھن ڏيڻ ۾ وقت پيا وڃائين صوبائي تقسيم کي رڳو سياسي چال، عياري، لابنگ اصل طاقت سان سمجھوتي يا سازباز، سان منھن ڏيئي سگھجي ٿو جيڪو ڪم صرف حڪمران پارٽي ڪري سگھي ٿي باقي مخالف ڌر موقعي مان فائدو حاصل ڪندي سياست پئي چمڪائي، نوجوان جذباتي وابستگيءَ رکن ٿا.
سياسي معاملن ۾ دانشورن جو ڪھڙو حصو پتي جو ھو بنا سڏ جي ويٺا دليل ڊوڙائيندا وتن، جيستائين سياسي پارٽيءَ طرفان ڪو مذاڪرو يا سيمينار سڏائي راءِ وٺڻ جو سڏ نٿو ڪيو وڃي تيستائين دانشور چپ رھي نٿا سگهن يا پنھنجي ليک تائين محدود رھي سگھن. سياست ۾پنھنجي حصيداري جي گھر ڪرڻ بدران تجويزن، صلاحون ڏيڻ لاءِ تيار بيٺا آهن. اڄ دانشورن کي پنھنجي تمام تاريخي غلطين جو اعتراف ڪرڻ سان گڏ انھن غلطين جي ازالي طور ميڊيا اڳيان انھن فيصلن، عملن کان لاتعلقي، دستبرداري جو اعلان ڪرڻ کپي جيڪي غلطيون ھنن ماضيءَ ۾ ڪيون بنا سبب، عذر پيش ڪرڻ جي مڪمل اعتراض ڪرڻ کپي.
ايم آر ڊي تحريڪ جي حمايت، سرڪاري پروگرامن جو بائيڪاٽ نه ڪرڻ جي غلطي سميت مڃڻ کپي ته دانشورن جي وقت جي حڪومت سان مصلحت غلط ھئي، بالغ ووٽ جي حمايت، جمھوريت جي غير مشروط حمايت، اشرافيه جي اقتدار جي حمايت به غلط ھئي. دانشور جن وزيرن، صلاحڪارن کي پنھنجي پروگرامن جي صدارت جو شرف بخشڻ تي سرھا ٿيندي ڏٺا ويا آھن، اڄ اوچتو انھن جي پارٽي جا چيئرمين، ميمبر غدار نڪري پيا، ڇا اھي وزير، ميمبر پنھنجي سياسي پارٽي تان استعيفيٰ ڏئي سگھندا سنڌ جي مفادن تي ذاتي مفاد قربان ڪري سگھندا؟ ڇا سنڌ سنڌ ڪري پنھنجي سياست چمڪائڻ وارو سوال نامي جي جواب ۾ پنھنجي تقرير جو اعتراف ڪري سگھيو يا وڪيل جي معيار تي پورو لھندي سوال نامي جي جواب ۾ پنھنجي اصل موقف، تقرير تان دستبرداري اختيار ڪري پنھنجي جان بچائي ورتي؟؟
سمورن قومپرستن، دانشورن جنرل پرويز مشرف جي مخالفت ڪئي، ضلعي حڪومت، بي اي جي شرط، انتخابي سڌارن جي، ان جي باوجود مشرف انھن کي ڪڏھن بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي سان لاڳاپن جو الزام نه ڏنو، پر جنھن پارٽي جي اقتدار لاءِ سنڌي قوم، دانشورن ايم آر ڊي تحريڪ ھلائي ان پارٽي ھنن تي اھڙو بھتان ھڻي ڇڏيو جنھن جو ڪو ازالو يا تدارڪ نٿو ٿي سگهي. جن تان زندگي سموري صدقي ٿيا انھن جي ھٿان اڄ غداريءَ جو الزام لڳو ، ان کان وڌيڪ تاريخ جو ستم، جبر ڏاڍ ڪھڙو ٿيندو؟ سنڌي دانشور ڪٿي ڪنڌ کڻڻ جھڙو ناهي رھيو، ھو پنھنجي وابستگي تي ڪيترو شرمسار ٿيندو، ڪھڙو ازالو تدارڪ ڪري سگھندو؟ جنھن تعلق، وابستگي تي سڄي عمر ڀروسو ڪيو اڄ ان عمر ڀر جي وابستگي تي پڇتائڻ کانسواءِ وٽس ڪجھه نه بچيو آهي. سرڪاري دانشورن سرڪاري سھولت ڪار ويچارا سنڌ تان صدقي پيا ٿين ھڪڙي دانشور جي گھر اچي ميڙيا ته ھاڻي ھڪڙي طرف سنڌ جو سوال ٻئي طرف پنھنجي سرڪار سان وابستگي ڪٿي متاثر نه ٿي پوي، ڪٿي سنڌ سان گڏ سرڪار نه ڊھي پوي، پر سنڌي اديبن کي گھڻو فڪر پنھنجي سرڪاري تقريبن ۽ پروگرامن جو آھي، ڇا ھو سنڌ خاطر سرڪاري تقريبن پروگرامن جو بائيڪاٽ ڪري سگھندا؟ اديبڙا پھريون دفعو وڏي آزمائش ۾ اچي پيا آهن، ڄڻ مڇيءَ جون ڍنڍون سڪڻ تي ھجن، مڇيءَ جي زندگي جو سوال ھجي. دانشور جمھوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ جي حمايت، آمريت جي خلاف سرگرم نظر اچن ٿا، پر ڪڏھن به سنڌ خاطر سرڪاري تقريبن، پروگرامن جو بائيڪاٽ ڪندي نه ڏٺا آهن. ھي معاملو ھنن دانشورن، ماھرن جي وس جو ناھي، خالص اقتدار جي سياست آھي، جيڪو رڳو حڪمران پارٽي حل ڪري سگهي ٿي نه ڪي مخالف ڌر جون پارٽيون، مخالف ڌر رڳو پنھنجي سياست چمڪائڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهي. خالص اقتدار جي سياست جي معاملي ۾ به صحافي، دانشور، اديب بنا ضرورت جي لھي پون ٿا، رڳو پنھنجي مھارت ڏيکارڻ لاءِ ھر فورم تي ڳالھائڻ لاءِ تيار ويٺا آهن. ڪجھه معاملا سياسي پارٽين لاءِ مخصوص ھوندا آھن جيڪي انھن کي حل ڪرڻا پوندا آهن انھن تي ڇڏيل ھجڻ کپن، پر افسوس ھتي ھر فن مولا جي لوڌ لٿل آھي جيڪا ھر معاملي ۾ ڄنگھه اڙائي ويٺل آهي. نتيجي ۾ معاملا وڌيڪ الجھي وڃن ٿا، جن کي سلجهائڻ مشڪل ٿيو پوي. سڌريل ملڪن ۾ ھر شعبي جا ماھر پنھنجي پنھنجي شعبي تائين محدود سرگرمين تائين نظر ايندا، پر اڻ سڌريل ملڪن ۾ ھر شعبي ۾ مداخلت ڪرڻ جو منفي حد تائين رجحان موجود آهي. اديب دانشور اصل ۾ درٻار جي پيداوار ھجڻ ڪري اڄ به ھنن جي نفسيات ۾ درٻاري باقيات، درٻاري پڻو اڃان تائين موجود آهي، سرڪاري وابستگي ھنن لاءِ ھڪڙو اعزاز رھيو آھي ان ڪري وقت جا اڪثر اديب دانشور سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ شھرت حاصل ڪندا آهن ۽ آخر تائين ھو درٻار کي ترجيح ڏيندا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو