سياست، سياستدان ۽ نظام
Shahryar Rahman
ليکڪ، محقق
نومبر 2026ع ۾ پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات کانپوءِ لطيف کوسي ساڻس 28 هين ترميم بابت ڳالهه ٻولهه جو اعتراف ڪيو آهي. لطيف کوسو نه ته پنهنجي مرضيءَ سان ملاقات لاءِ ويو هوندو ۽ نه ئي سندس بيان بنا سبب آهن. سلمان صفدر ۽ لطيف کوسي جون ملاقاتون بظاهر ڪيسن بابت هيون ۽ کين هدايتون پڻ ڏنيون ويون هيون ته ٻاهر اچي سياسي ڳالهه ٻولهه نه ڪن، پر لطيف کوسي 28 هين آئيني ترميم بابت ٿيل ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪري ڇڏيو. ظاهر آهي ته کوسي صاحب جو اهو بيان هڪ پيغام هو. اهم ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي قيادت سان ڳالهين جو سلسلو جاري هو جنهن کي هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو هو پس پرده رابطا جاري هئا ۽ محسن نقوي توڙي بئريسٽر گوهر مسلسل رابطي ۾ هئا. باني پي ٽي آءِ جي موقف ۾ نرمي محسوس ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ هن ڳالهين ۽ مذاڪرات لاءِ پنهنجن ماڻهن کي اجازت ڏني. هر ڳالهه سندس رضامنديءَ سان ئي ٿي. اها باني پي ٽي آءِ جي موقف ۾ هڪ وڏي تبديلي آهي. اها تبديلي خيبر پختونخواهه ۾ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ محسوس ڪئي وئي. ڇاڪاڻ ته بظاهر پارٽيءَ جي حڪومت ختم ڪرڻ کانپوءِ نه پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ ڪي احتجاج ٿيا ۽ نه ئي ڪي پي ڪي ۾ ماڻهو وڏي انگ ۾ ٻاهر نڪتا. اها صورتحال ان دعويٰ جي بلڪل ابتڙ هئي ته هي پارٽي ۽ جيل ۾ بند ان جو اڳواڻ ماڻهن کي ملڪ بند ڪرڻ لاءِ ٻاهر آڻي سگهن ٿا ۽ سندن پاڪستان ۾ مڪمل اڪثريتي ووٽ آهن. ٿي سگهي ٿو ته ووٽ هجن، پر پارٽيءَ لاءِ ماڻهن جو وڏي انگ ۾ نڪرڻ ۽ ملڪ بند ڪرڻ شايد هاڻي ممڪن نه رهيو آهي. ماضيءَ ۾ 2014ع کانپوءِ اهڙا منظر ڏسڻ ۾ آيا، پر ان وقت پارٽيءَ کي مدد پڻ حاصل هئي 2022ع کانپوءِ به اهڙا منظر ڏسڻ ۾ آيا جن مان لڳو پئي ته پارٽيءَ کي وڏي عوامي حمايت حاصل آهي ۽ ماڻهو وڏي انگ ۾ ٻاهر نڪري سگهن ٿا، پر حقيقت ۾ ان وقت به ڪجهه اهم رٽائرڊ شخصيتن جي مدد حاصل هئي جڏهن اداري پنهنجي اندر احتساب ڪيو ۽ ملوث ماڻهن کي سزائون ڏنيون ويون ته صورتحال تبديل ٿي وئي. منهنجي خيال ۾ پارٽي ۽ ان جي اڳواڻ لاءِ اصل ڌڪ تڏهن ثابت ٿيو جڏهن ڪي پي ڪي ۾ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ماڻهو ٻاهر نه نڪتا منهنجي نظر ۾ اهائي صورتحال هئي جنهن اڳواڻ کي ڳالهين لاءِ مجبور ڪيو باني پي ٽي آءِ جي ڀينرن کي به آزاد ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه وقت اڳ سندس ڀاڻيجو پڻ آزاد ٿيو. اسلام آباد مان خبرون آهن ته غير سياسي رهڻ ۽ بيان بازيءَ کان پري رهڻ جي خاطري ڪرائڻ کانپوءِ ئي باني جي ڀينرن کي آزاد ڪيو ويو. ياد ڪيو اهو وقت جڏهن هيءَ پارٽي پاڪستان ۾ فيصلا ڪندڙ اختيار رکي پئي. 2022ع کانپوءِ جيڪڏهن سنجيده سياست ڪئي وڃي ها ته اڄ ملڪ ۾ سياسي قوتون وڌيڪ طاقتور هجن ها. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو هو جو نفرت انگيز بيانيي کي برداشت ڪندي گڏجي هلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. نفرت ايتري ته پيدا ڪئي وئي جنهن جو پاڪستان ۾ ڪو مثال نٿو ملي. مقصد هڪڙو ئي هو ته ادارن کي مجبور ڪيو وڃي ته اهي اڳ وانگر سياسي مدد ڪن سوشل ميڊيا ذريعي ماڻهن کي ذهني طور مفلوج ڪيو ويو. جيڪڏهن ان کي مثبت ڪمن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ها ته پاڪستان جي سياست کي وڏو فائدو پهچي ها. بهرحال نظريو اهو رکيو ويو ته جيڪڏهن اسان جي مدد خاطر مخالف ڌر کي جيلن ۾ بند نه ڪيو ويندو ۽ اسان جي مدد نه ڪئي ويندي ته پوءِ اها قانوني هجي يا غير قانوني ته توهان ملڪ دشمن آهيو پوءِ اسان 9 مئي جهڙا واقعا ڪنداسين.
2022ع کان 2026ع تائين سندن سياست جو جائزو وٺون ته انهن ادارن کي اشتعال ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ظاهر آهي ته ان جو نقصان اهو ٿيو جو 2008ع کانپوءِ پاڪستان ۾ جيڪو سياسي ماحول ۽ گنجائش پيدا ٿي هئي، اها ختم ٿي وئي. هن وقت اسان سياسي ۽ حڪومتي سطح تي جيڪو ڪجهه ڏسي رهيا آهيون اهو دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ٿئي ها ته رد عمل به ڪجهه اهڙوئي هجي ها جيڪڏهن ڪا پارٽي سياست ۽ جمهوريت جي نالي تي پنهنجن ئي ادارن تي حملي آور ٿئي ٿي ته ان جو رد عمل آمريڪا ۾ به اهڙو ٿي سگهي ٿو ۽ آفريڪا ۾ به، پر پاڪستان جي سياست کان وڌيڪ هن انتشار واري سياست جو شڪار اهي ماڻهو ٿيا جيڪي جذباتي ۽ انقلابي ڳالهين ۾ اچي روڊن تي نڪتا انهن جي برين واشنگ ڪري کين استعمال ڪيو ويو اڄ اهي نوجوان جيلن ۾ آهن. جڏهن ته قيادت مفاهمت ذريعي پنهنجن عزيزن کي جيلن مان آزاد ڪرائي رهي آهي. 2018ع کانپوءِ سياست ڪمزور ٿيندي نظر آئي ۽ 2022ع تائين حڪومت سازيءَ ۾ ادارن کي استعمال ڪندي سياسي مخالف ڌر کي پنهنجي مرضيءَ موجب هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هڪ وقت تائين ته شيون صحيح هلنديون رهيون، پر پوءِ ادارن کي سياسي پارٽيءَ وانگر هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ادارن جي ساک تبديل ڪرڻ جا قدم کنيا ويا. ظاهر آهي ته پاڪستان جي تاريخي ۽ وراثتي مجبوري اهڙي آهي جو ڪنهن اداري کي سياسي ونگ وانگر ڪم ڪرڻ اهو به محض هڪ سياسي پارٽيءَ لاءِ قبول نٿو ڪري سگهجي. مڪمل سوچ ۽ منصوبي تحت ادارن کي سياست ۽ حڪومتي ڪمن ڪارين ۾ شامل ڪيو ويو جنهن کي ادارن پڻ پنهنجي لاءِ صحيح نه سمجهيو. 2022ع کانپوءِ هڪ اهڙو محاذ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جو شايد ڪو مثال نٿو ملي. هڪ اداري خلاف محض ان لاءِ پروپيگنڊا ڪئي وئي ته ان مخالف ڌر کي قانون کان مٿانهون ٿي دٻائڻ کان انڪار ڪيو ۽ حڪومتي پارٽيءَ جي حق ۾ بي اعتماديءَ جي رٿ ناڪام نه ڪرائي. ظاهر آهي ته اسان جي تاريخ ادارن جي سياسي مداخلت کي سٺو عمل نٿي سمجهي، پر ڇا اسان جي سياستدانن يا اقتدار ۾ رهندڙ حڪمرانن ڪڏهن اها ڪوشش ڪئي آهي ته عوامي بالادستي قائم ٿئي؟ ڇا 2016ع کانپوءِ جي صورتحال کي ڏسندي ۽ وري 2018ع جي چونڊن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ڇا اسان ان کي جمهوريت يا عوامي بالادستيءَ لاءِ کنيل قدم چئي سگهون ٿا؟ ڇا ان سڄي عمل ۾ اهو اڳواڻ شامل نه هو جيڪو اڄ جمهوريت جو چيمپيئن بڻيو ويٺو آهي؟ جڏهن توهان کي علم هو ته اتحادي حڪومت ڪڏهن به پائيدار ناهي ٿيندي ته پوءِ توهان کي اقتدار وٺڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي؟ اها به اهڙي صورتحال ۾ جڏهن توهان کي خبر هئي ته سياست ۽ عوامي بالادستيءَ جي اصولن کي لتاڙي توهان لاءِ اقتدار جو رستو ٺاهيو ويو آهي. هاڻي ڏسو ته هتي سموريون شيون مئنيج ٿيل هيون. پوءِ جڏهن اتحادي ساٿ ڇڏي ويا ۽ بي اعتماديءَ جي رٿ آندي وئي ته توهان رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. توهان ان مينڊيٽ ۽ جمهوري اصولن جو سهارو وٺي تحريڪ شروع ڪئي. مطلب ته توهان پنهنجي حق ۾ ٿيل سازشن کي صحيح سمجهي رهيا هئا پوءِ اهي قانون جي خلاف هجن يا اخلاقيات جي. بهرحال! پاڪستان جي سياست جيڪا 2008ع کانپوءِ ڪجهه طاقتور ٿيڻ شروع ٿي هئي توهان ان کي زمين بوس ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۾ 2013ع کانپوءِ سياسي قوتن ۾ اضافو ٿيو چين به پاڪستان سان سفارتڪاريءَ ۾ سياسي طور وڌيڪ سرگرم ٿيو هو مطلب ته پاڪستان ۾ عوامي بالادستيءَ جي اهميت کي چين به محسوس ڪري رهيو هو. ظاهر آهي ته اها سياسي بالادستيءَ جي شروعات هئي ڇاڪاڻ ته 2008ع کانپوءِ پرامن ۽ بغير ڪنهن مداخلت جي حڪومتن پنهنجو آئيني مدو پورو ڪيو هو. يقينن اها سياستدانن جي ئي ڪاميابي ۽ حڪمت عملي هئي جنهن کين غير سياسي مداخلت کان بچائي رکيو. اهو چوڻ ته ان وقت پاڪستان ۾ مڪمل سياسي بالادستي قائم ٿي چڪي هئي اهو به درست نه هوندو، پر سياست ان کان اڳ ڪڏهن به ايتري پائيدار نه رهي هئي جيتري 2008ع کانپوءِ نظر آئي. 1947ع کان وٺي ڪابه هڪ حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو نه ڪري سگهي هئي، پر اها روايت 2008ع کانپوءِ تبديل ٿيندي نظر آئي. چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن ڪو مريض گهڻي عرصي تائين بيمار رهي ته پوءِ دوا کان وڌيڪ کيس احتياط جي ضرورت هوندي آهي، پر پاڪستان جي بيمار جمهوريت جيئن ئي ٿوري صحتياب ٿيندي آهي ته وري ان کي آزمائي بيمار ڪيو ويندو آهي. 2014ع ۾ رياست جي هڪ اهم اداري جي اڳوڻي سربراهه سان اجائي ضد ڪري کيس ڪيسن ۾ الجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ نتيجي ۾ 2014ع جو ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻو به انهن ئي هنيو جيڪي اڄ جمهوريت ۽ سياسي حقن جون ڳالهيون ڪن ٿا. بهرحال ڌرڻي دوران صوبائي حڪومت جو سمورو ڌيان ڌرڻي ڏانهن هو ۽ نتيجي ۾ پشاور پبلڪ اسڪول جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو ان کانپوءِ ڌرڻو ختم ٿيو ۽ حڪومت بچي وئي.
مان 2008ع کان پاڪستان جي سياسي مسئلن جي شروعات جو ذڪر ان ڪري ڪريان ٿو. ڇاڪاڻ ته سياسي اعتبار کان 1947ع کان 1970ع تائين پاڪستان انتهائي ناڪاميءَ جو شڪار رهيو وري 1971ع کانپوءِ ڪجهه عرصي تائين مڪمل سياسي بالادستي رهي، پر ان کانپوءِ 2008ع تائين سياست سياستدانن بدران ٻين جي هٿن ۾ رهي. مسئلو اهو به رهيو آهي ته سياستدان جڏهن اقتدار ۾ هوندا آهن ته کين ادارن جا سربراهه به پنهنجي مرضيءَ جا گهرجن. 2023ع جي شروعات تائين پاڪستان جي سياسي ۽ اهم اداري جي پاليسيءَ مان واضح موقف نظر اچي رهيو هو ته سياستدان پاڻ ويهي مسئلا حل ڪن. اسان ڏٺو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي حڪومتن کي برقرار رکيو ويو ان کانسواءِ پس پرده ڳالهيون به ٿيون ۽ چونڊن جي تاريخ تي اتفاق پڻ ٿيو، پر ضد ۽ هٺ ڌرميءَ معاملن کي خراب ڪري ڇڏيو. جڏهن ڪو سياسي اڳواڻ سياسي عمل مان گذرڻ کي ئي شڪست سمجهي ۽ مطالبو ڪري ته ادارو محض سندس لاءِ ئي مصالحت ڪرائي ته ظاهر آهي ته اهو ممڪن ناهي سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن وٽ عوام جي حمايت هڪ امانت هوندي آهي انهن کي سفارتڪاري ۽ سياسي حڪمت عمليءَ ذريعي معاملن کي اڳتي وڌائيندي فيصلا سازيءَ جو رستو ڪڍڻ گهرجي ته جيئن جمهوريت زنده رهي. جيڪڏهن اسان 2023ع کي ياد ڪريون ته ان وقت ادارا به عوامي حمايت کي نظر ۾ رکندي سياسي پارٽيءَ لاءِ گنجائش برقرار رکڻ جي موڊ ۾ هئا کين ان ڳالهه تي اعتراض نه هو ته اهوئي اڳواڻ ٻيهر وزيراعظم ٿئي جيڪو 2018ع کانپوءِ اقتدار ۾ آيو هو، پر اداري اندر پنهنجا فيصلا مڃرائڻ لاءِ سربراهه جي مقرريءَ ۾ خوفناڪ رنڊڪون وجهڻ ظاهر آهي ته پاڪستان لاءِ انتهائي حساس معاملو هو هڪ ايٽمي ملڪ پنهنجي اداري اندر بغاوت برداشت نٿو ڪري سگهي. پوءِ ظاهر آهي ته پاڪستان جي سياست ايتري مضبوط ناهي جو اداري کانسواءِ هلي سگهي ۽ سياسي ڪارڪنن کي اداري مٿان حملن لاءِ استعمال ڪيو ويو اهو سڀ ڪجهه اداري اندر اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو جيڪا ڪو به ملڪ برداشت نٿو ڪري سگهي اداري اندر بغاوت ڪرائي انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا ظاهر آهي ته ناڪام ٿيڻي هئي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان اهڙي سازشي انقلاب جو متحمل نٿو ٿي سگهي. 2026ع ۾ اڄ اسان جيڪا سياسي صورتحال ڏسي رهيا آهيون اها 2023ع ۾ ڪيل سياسي غلطين جو رد عمل آهي هن وقت سياست ڪمزور آهي ۽ ان جو بنيادي ڪارڻ غلط سياسي فيصلا آهن. جيڪڏهن 2022ع کانپوءِ سوشل ميڊيا جي حمايت ۽ عوامي مقبوليت کي عوامي بالادستيءَ لاءِ استعمال ڪندي سياسي عمل کي مناسب طريقي سان اڳتي وڌايو وڃي ها ته اڄ ملڪ جي سياسي صورتحال بلڪل مختلف هجي ها. اڄ پاڪستان ۾ نون صوبن بابت بحث ٿي رهيو آهي ۽ ارڙهين آئيني ترميم ۾ تبديلين جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. ظاهر آهي ته ان جا به ڪي سبب آهن. ڇا صوبن ارڙهين ترميم کانپوءِ اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا آهن؟ پنجاب ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪو اثرائتو مڪاني حڪومتن جو نظام قائم نه ٿي سگهيو آهي. ڇا سنڌ جي عوام کي وفاق کان ملندڙ وسيلن جو حقيقي فائدو پهتو آهي؟ ڇا سنڌ جي صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بهتري آئي آهي؟ يا پوليس جو نظام بهتر ٿيو آهي؟ عملي طور سنڌ اڄ به جاگيردارن جي هٿ ۾ آهي. موجوده حڪمران جماعت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڪمزور ڪندي جرڳن ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي روايت کي هٿي ڏئي ٿي. ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ڪرپشن وڌيڪ آهي. پوليس سميت هر اداري ۾ بدلين ۽ مقررين جا اگهه مقرر آهن. گاديءَ جو هنڌ ڪراچيءَ تي خاص ڌيان ڏئي ان کي ترقي ڏياري سگهجي ٿي، پر ان لاءِ ڪرپشن جو خاتمو ضروري آهي.
ڪراچي جنهن کي مني پاڪستان چيو وڃي ٿو بدانتظامي ۽ ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي. پاڪستان جا ٻيا ادارا ۽ قوتون به ڪراچيءَ جي انتظامي خرابيءَ جو سبب آهن. سياسي لحاظ کان موجوده صوبائي حڪومت وٽ مڪمل اختيار آهن انهن کي گهرجي ته هر يو سي ۽ ضلعي ڪائونسل ۾ گهربل فنڊ جاري ڪن ته جيئن ڪراچيءَ جي هر گليءَ تائين بهتر انتظامي سهولتون مهيا ٿي سگهن. خراب ڪارڪردگيءَ جي ڪري ٻين اسٽيڪ هولڊرن اهو طئي ڪيو آهي ته وسيلا ۽ فائدا هيٺين سطح تائين پهچائجن. جنهن جي لاءِ نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ بابت بحث جاري آهي. هڪ ٻي ڳالهه سمجهڻ به ضروري آهي ته سنڌ ۾ حڪمران جماعت جو مسئلو نون صوبن جي مخالفت ڪرڻ جو اهو سبب ناهي جيڪو قومپرست ڌرين جي سوچ ۾ نظر اچي ٿو حڪمران پارٽيءَ کي خبر آهي ته جيڪو ڪجهه هن وقت اختيار ۾ آهي نون انتظامي يونٽن جي قيام سان ان جي ورڇ ڪرڻي پوندي. عوام کي حل گهرجي عوام کي رليف کپي. ان جي لاءِ نون صوبن ٺاهڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. ياد رکو ته جڏهن ڪو نظام ڪرپشن جي ور چڙهي ويندو آهي ته ان جي تبديليءَ لاءِ ڪوششون به شروع ٿي وينديون آهن. ڏسڻو اهو آهي ته عوام ڇا ٿي سوچي؟
هي مضمون ڪيئن رهيو؟