ملڪي حالتون نه سياست جي ڪنٽرول ۾ آهن، نه رياست جو وس ٿو هلي، پر اهو رينگٽ پيو ٿو هلي (۽ هلندو رهندو). ڳالھ اها به منجهائي ٿي ته رياست کي بيروني طاقتون ٿيون هلائين يا اهي ڪرتا ڌرتا اندروني طاقتن جي هٿ وس آهن، پر ملڪي سياسي، معاشي، سماجي اندروني ۽ بيروني مسئلن کي ڏسي اهو نتيجو ڪڍجي ته هي رياست بي پيري آهي، ۽ جي چاهي ته ڪهڙي مهل ۽ ڪهڙو به قبلو مٽائي ته مٽائي ٿي سگهي، ڪو چوڻ وارو ڪونهين. هڪ ڳالھ سمجهڻ جهڙي آهي ته هن رياست سان بغاوت سياست جي وس جي ڳالھ ناهي. ان ڪري جيڪا سياست عوامي هجي اها رياست جي عزت جو خيال رکي نه ته انهن جي عزت نه رهندي، پر ٻئي پاسي ائين لڳندو آهي ته هن رياست جو ڪوبه پير فقير آهي جيڪو هن رياست کي ڪنٽرول ڪيو ويٺو آهي، پر جي سڀ ائين ناهي ته آخر ڇاهي، ماڻهو ڪيڏانهن وڃي، يا مسئلا ڪڏهن حل ٿيندا يا ملڪ خطرناڪ موڙ کان ڪڏهن اڳتي هلندو يا نڪري پوندو.