ناٽڪ: سمنڊ جا راهي
Kamran Jatoi انجنيئر، تعليمدان، مفڪر، ليکڪ
اليڪٽريڪل انجنيئر (فلسفو، سائنس، اينٿروپالاجي پسنديده موضوع)
اصل ناٽڪ جو انگريزي نالو : Riders to the Sea، سال 1903ع ۾ لکيو ويو ۽ 1904ع ۾ ڇپيو
* ڪردار:
* موريا: ٻُڍڙي عورت
* بارٽلي: سندس پُٽ
* ڪيٿلين: سندس ڌيءَ
* نورا: سندس ننڍي ڌيءَ
* مرد ۽ عورتون
(منظر: اولهه آئرلينڊ جو هڪ ٻيٽ، سادو گهر، جنهن ۾ جهوپڙي نما رڌڻو، ديوارن سان مڇي مارڻ جا ڄار، تيل وارا برساتي ڪپڙا ۽ سُٽ ڪتڻ جو چرخو وغيره پيل آهن. هڪ پاسي سفيد ڪاٺ جا نوان تختا رکيل آهن. ويهن سالن جي ڪيٿلين اٽو ڳوهي پورو ڪري ٿي ۽ پوءِ تندور ۾ مانيون هڻي ٿي. پوءِ واندي ٿي هوءَ هٿ اُگھي چرخي تي ويهي ٿي ۽ تکو تکو سُٽ ڪتڻ لڳي ٿي. سندس ننڍي ڀيڻ، نورا، دروازي مان ڪنڌ اندر ڦيري نهاري ٿي.)
نورا : (آهستي، ڊڄندي) امڙ ڪٿي آهي؟
ڪيٿلين: اندر ليٽيل اٿئي. الله ڪري ڪا کيس ننڊ اچي وڃي ته من ساهي پٽي.
(نورا لڪندي اندر اچي ٿي ۽ پنهنجي شال جي ڀروٽي مان ڪپڙن جي هڪ ٻڌل ڳٺڙي ڪڍي ميز تي رکي ٿي.)
ڪيٿلين: (چرخو روڪڻ کانسواءِ) اها وري ڇا کڻي آئي آهين؟
نورا: پادري صاحب ڏئي ويو آهي، چيائين پئي ته پري اتر واري ڪناري تي ڪنهن مئل ماڻهوءَ جي لاش تان هڪ وڳو ۽ جوراب لاٿا اٿائون، اهوئي پڪ ڪرڻ لاءِ ڏئي ويو آهي ته متان اهي اسان جي ڀاءُ مائيڪل جا هجن… جيستائين امڙ ٻاهر سمنڊ ڏانهن نهاري، تنهن کان اڳ پاڻ کي هي چڪاسڻا آهن.
ڪيٿلين: (چرخو هڪدم روڪي، اڳيان جهڪندي) مائيڪل جا ڪپڙا ڪيئن ٿيندا، نورا؟ هو پري اتر جي ان انڌاري سمنڊ تائين ڪيئن لڙهي ويندو؟
نورا: پادري چيو ته سمنڊ جي لهرن جا اهڙا ڪم هوندا آهن. چيائين ته جيڪڏهن مائيڪل جا هجن ته امڙ کي آٿت ڏجو ته مڙهہ کي ڪفن ۽ مٽي نصيب ٿي وئي، پر جي سندس نه هجن ته امڙ اڳيان ذڪر به نه ڪجو، متان مائي رڙيون ڪري پنهنجو هانءُ ئي لاهي ويهي.
(هوا جو هڪ تکو جهوٽو لڳي ٿو ۽ اڌ بند دروازو کڙڪاٽ سان کلي پوي ٿو.)
ڪيٿلين: (ڳڻتيءَ مان ٻاهر نهاريندي) تو پادريءَ کي چيو ڪونه ته هُو بارٽليءَ کي اڄ گهوڙا وٺي ميلي تي وڃڻ کان روڪي؟
نورا: پادريءَ چيو مان ته ڪونه روڪيندومانس، پر توهان کڻي فڪر نه ڪريو. امڙ سڄي رات دعائون پئي گهريون آهن، رب سائين ائين بي واهو ڪونه ڇڏيندس، جڏهن ته پٺيان اڪيلو پٽ اٿس.
ڪيٿلين: نورا، ٻاهر پٿرن وٽ وِير ڪيئن آهي؟
نورا: سمنڊ جو چاڙهه خراب ٿو ڏسجي، اولهه کان گجگوڙ پئي اچي ۽ جڏهن سنئين وِير مُڙندي ته سمنڊ اڃان به وڌيڪ ڏهڪائيندڙ ٿي پوندو. (ڳٺڙي ڏانهن وڌندي) چئين ته هاڻي کوليان ان کي؟
ڪيٿلين: متان امڙ جاڳي پوي ۽ اسان جي ڏسڻ کان اڳ ئي مٿان اچي بيهي. (ميز تي ايندي) اسان وري روئڻ ويهنديون سين ته وقت نڪري ويندو.
نورا: (اندرئين دروازي تي ڪن رکي) هوءَ کٽ تي پاسا پئي مٽائي، هاڻي اندر ايندي.
ڪيٿلين: مون کي ڏاڪڻ ڏي، مان هي ڪپڙا مٿي ڪاٺين واري پرڇ ۾ لڪائي اچان ته جيئن سندس نظر ئي نه پوي. جڏهن وِير مڙندي ته هوءَ پاڻهي ڪناري ڏانهن ويندي اهو ڏسڻ لاءِ ته ڪو لاش ته لڙهي ڪونه آيو آهي.
(اهي ڏاڪڻ رکي ڪپڙا مٿي لِڪائين ٿيون، ايتري ۾ پوڙهي موريا اندرئين ڪمري مان ٻاهر اچي ٿي.)
موريا: (ڪيٿلين کي مٿي ڏسي چڙ مان) اڄوڪي ڏينهن لاءِ اڃان ڪاٺيون گهٽ آهن ڇا جو مٿي چڙهي وئي آهين؟
ڪيٿلين: ماني پئي پچي (ڪاٺيون هيٺ اڇلائيندي) ۽ جي بارٽلي وِير مڙڻ تي سمنڊ پار ويو ته کيس باھہ جي لوڙ پوندي.
موريا: (باھہ جي ڀرسان ويهندي) هو اڄ ڪاڏي ڪونه ويندو، هوا جو رُخ ڏِسڻو اٿس. پادري کيس هرگز وڃڻ ڪونه ڏيندو.
نورا: هو کيس ڪونه روڪيندو امڙ. مون ٻاهر ميربحرن کي چوندي ٻڌو آهي ته هُو اڄ ضرور ويندو.
موريا: پر هُو پاڻ ڪيڏانهن ويو آهي؟
نورا: ڪناري ڏانهن ويو آهي، اهو ڏسڻ لاءِ ته ڪا ٻيڙي رواني ٿئي پئي يا نه. وِير پئي مُڙي، هُو بس هاڻي ايندو ئي هوندو.
ڪيٿلين: مون کي پٿرن تان ڪنهن جي لنگهڻ جو آواز پيو اچي.
نورا: (ٻاهر نهاريندي) هائو، هو تڪڙو تڪڙو اچي پيو.
بارٽلي: (اندر اچي، چوڌاري نهاريندي، غمگين آواز ۾) ڪيٿلين، اها نئين رَسِي ڪٿي آهي، جيڪا بازار مان ورتي هئي سين؟
ڪيٿلين: نورا، کيس اها رَسِي ڏي؛ اها اتي اڇن تختن جي ڀرسان ڪليءَ تي ٽنگيل آهي. مون اڄ صبح ئي اتي رکي هئي، ڇاڪاڻ جو ٻاهر ڪارن پيرن وارو سوئر ان کي چٻاڙي رهيو هو.
موريا: بارٽلي پُٽ، اها رَسِي اتي ئي رهڻ ڏي. مان توکي سچ پئي ٻڌايان، ان جي هن گهر ۾ ضرورت پوندي. جيڪڏهن سڀاڻي تنهنجي ڀاءُ مائيڪل جو لاش لڙهي ڪناري تي آيو ته کيس ڪفن دفن لاءِ گهرج پوندي. ڇاڪاڻ ته مان ان لاءِ سفيد تختا پهرين ئي وڏي قيمت تي وٺي رکيا آهن.
بارٽلي: (رَسِيءَ مان لغام ٺاهيندي) مون وٽ گهوڙي لاءِ لغام ڪونهي، مون کي هاڻي جلدي ڪرڻي پوندي. هيءَ آخري ٻيڙي آهي، جيڪا وڃي پئي، جنهن کانپوءِ ٻن هفتن تائين ڪابه ٻيڙي ڪونهي ۽ بازار ۾ گهوڙن جو وڪرو تمام سٺو ٿيندو.
موريا: جيڪڏهن مائيڪل جو لاش آيو ۽ گهر ۾ تابوت ٺاهڻ لاءِ ڪو مڙس ماڻهو نه هوندو ته لوڪ ڪهڙيون ڳالهيون ڪندو؟
بارٽلي: نون ڏينهن کان اسين ڪناري ڏانهن نهاريندا رهيا آهيون، هاڻي لاش ڪٿان ايندو؟ ۽ ٻاهر هوا به تيز آهي.
موريا: هوا سمنڊ کي وڌائي پئي ۽ رات جو چنڊ جي سامهون هڪ ڌنڌلو تارو اڀريو هو. پُٽ! تنهنجي بازار ۾ کڻي سئو گهوڙا هجن يا هزار، پر هڪ اڪيلي پٽ جي مقابلي ۾ انهن گهوڙن جي ڪهڙي حيثيت آهي؟
بارٽلي: (ڪيٿلين کي) تون روز هيٺ وڃي چيڪ ڪجانءِ ته ٻڪريون فصل ۾ نه گِهڙن ۽ جي ڪو واپاري اچي ته سوئر کي سٺي قيمت تي وڪڻي ڇڏجانءِ.
موريا: مائي نياڻي وري سوئر جو سودو ڪيئن ڪندي؟
بارٽلي: (ڀينرن کي) جيڪڏهن اولهه جي هوا ائين ئي لڳندي رهي ته سمنڊ جو گاهہ گڏ ڪري رکجو. هاڻي اسان جا ڏينهن ڏکيا آهن، گهر ۾ ڪم ڪندڙ اڪيلو مڙس ٻاهر وڃي رهيو آهيان.
موريا: پٽ، جنهن ڏينهن تون به باقي سڀني وانگر ٻڏي وئين، تنهن ڏينهن اسان تان ڇانوَ ئي کڄي ويندي. مان ته اڳ ئي پوڙهي آهيان ۽ پنهنجي آخري آرامگاهه ڏانهن پئي وڌان، اسين نياڻيون ڪيئن زنده رهنديون سين؟
(بارٽلي پنهنجو پراڻو ڪوٽ لاهي نئون ڪوٽ پائي ٿو.)
بارٽلي: (نورا کان پڇندي) ٻيڙي ڪناري تي آئي آهي ڇا؟
نورا: هائو، هوءَ پنهنجا سڙهه هيٺ پئي ڪري.
بارٽلي: مون وٽ اڌ ڪلاڪ آهي. مان ٻن ٽن ڏينهن ۾ موٽي ايندس، پر جي هوا خراب ٿي ته شايد چار ڏينهن به لڳي وڃن.
موريا: (باهه ڏانهن منهن ڪري، شال مٿي تي رکندي) ڏسو هن سخت دل کي، جيڪو پنهنجي پوڙهي ماءُ جي هڪ به ڳالهه نٿو ٻُڌي ۽ سمنڊ جي سامهون پيو وڃي!
ڪيٿلين: امڙ، سمنڊ تي وڃڻ جوان مڙسن جو ڪم آهي، تون ته ساڳي رٽ لڳايو ويٺي آهين، تنهنجي ڳالهه ڪير ٻڌندو؟
بارٽلي: (رسي کڻندي) مان هاڻي نڪران ٿو. ڳاڙهي گھوڙي تي چڙهي ويندس ۽ سفيد گهوڙو پٺيان ڊوڙندو ايندو، الله واهي اٿو.
(هو ٻاهر نڪري وڃي ٿو.)
موريا: (دروازي ڏانهن رڙ ڪندي) هُو هليو ويو! مولا پناهه ڏي، اسين کيس ٻيهر ڪڏهن ڪونه ڏِسنداسين. هُو هليو ويو ۽ جڏهن رات جو اوندهه ٿيندي ته منهنجي گهر ۾ ڪو به پُٽ ڪونه هوندو.
ڪيٿلين: هُو جڏهن دروازي تان مڙي نهاري رهيو هو، تڏهن تو کيس دعا ڇو نه ڏني؟ اڳي ئي گهر ۾ ڏک گهٽ هئا، جو تنهنجي منحوس اڳڪٿي ٻُڌِي هُو ٻاهر ويو؟
(موريا چمٽو کڻي باهه کي اٿلائڻ لڳي ٿي.)
نورا: امڙ، تون مانيءَ تان باهه هٽائي رهي آهين.
ڪيٿلين: (رڙ ڪندي) او خدايا! نورا، اسين بارٽليءَ کي مانيءَ جو ٽڪر ڏيڻ ته وساري ويٺيون سين!
نورا: هو رات ٿيڻ تائين بکيو رهندو، صبح کان ڪجهه به ڪونه کاڌو اٿس.
ڪيٿلين: (تندور مان ماني ڪڍندي) هُو يقينن بُک مَري ويندو. جنهن گهر ۾ هڪ پوڙهي عورت هميشه ڏُکن جون ڪهاڻيون ٻڌائيندي رهي، اتي عقل ڪم ڪونه ڪندو آهي. (موريا کي ماني ڪپڙي ۾ ويڙهي ڏيندي) تون هاڻي تڪڙو وڃ، هيٺ چشمي واري کوهه وٽ بيهجانءِ. هو جڏهن اتان لنگهي ته کيس هيءَ ماني ڏئي پنهنجي زبان سان “خدا حافظ” چئجانس، ته جيئن تنهنجي مٿان اها بددعا ٽُٽي پوي ۽ سندس ذهن کي به سڪون ملي.
موريا: مان سندس پهچڻ کان اڳ اتي پهچي سگهنديس؟
ڪيٿلين: ها، جيڪر تون هاڻي تڪڙو نڪرين ته.
موريا: (ڏڪندي بيهي ٿي)، پر منهنجا پير هاڻي ساٿ نٿا ڏين.
ڪيٿلين: نورا، کيس لَٺ ڏي، متان پٿرن تي تِرڪي پوي.
نورا: ڪهڙي لَٺ؟
ڪيٿلين: اها جيڪا مائيڪل وٺي آيو هو.
موريا: (لٺ کڻندي) دنيا جو دستور آهي ته پوڙها پنهنجن پُٽن لاءِ شيون ڇڏي ويندا آهن، پر هن بدنصيب گهر ۾ جوان مڙس پوڙهن لاءِ لَٺيون پُٺيان ڇڏي وڃن ٿا!
(هوءَ آهستي ٻاهر هلي وڃي ٿي، نورا ڏاڪڻ ڏانهن وڌي ٿي.)
ڪيٿلين: ترس نورا، متان هوءَ جلدي واپس مُڙي اچي. هوءَ ڏاڍي ڏُکويل آهي، خدا کيس پناهه ڏي.
نورا: هوءَ وئي ڇا؟
ڪيٿلين: ها، هلي وئي. هاڻي تڪڙو ان ڳَٺڙيءَ کي هيٺ اُڇلاءِ.
نورا: (ڳَٺڙي کڻي اچي ٿي) پادريءَ چيو هو ته جيڪڏهن اهي مائيڪل جا ڪپڙا آهن ته اسين سڀاڻي ساڻس ڳالهائينداسين.
ڪيٿلين: کيس اهي مليا ڪيئن هئا؟
نورا: چيائين پئي ته صبح صادق جو ٻه ميربحر ٻيڙي کڻي پئي ويا، ته اتر جي ڪارين پهاڙين وٽ انهن مان هڪ چَپُو ۾ لاش اٽڪي پيو.
ڪيٿلين: (ڳٺڙيءَ جي رسي ڪٽڻ جي ڪوشش ڪندي) نورا، چاقو ڏي مون کي. لوڻياٺي پاڻيءَ سڄي رسي ڳاري ڇڏي اٿس، ڳنڍ کلڻ جهڙي ناهي.
نورا: (چاقو ڏيندي) مون ٻُڌو آهي ته ڊونيگال هتان تمام پري آهي.
ڪيٿلين: ها، تمام پري، هڪ واپاري چيو هو ته جيڪڏهن ڪو پيدل هلي ته کيس ست ڏينهن لڳي ويندا.
نورا: ۽ هڪ لڙهندڙ لاش کي ڪيترو وقت لڳندو؟
(ڪيٿلين ڳَٺڙِي کولي جوراب جو هڪ ٽڪرو ٻاهر ڪڍي ٿي. ٻئي ڀينرون ان کي غور سان نهارين ٿيون.)
ڪيٿلين: (ڏڪندڙ آواز ۾) او مالڪ سائين! اهو چوڻ ڪيڏو ڏکيو آهي ته هي سندس ئي آهي يا نه؟
نورا: مان ڪليءَ تان سندس وڳو کڻي اچان ٿي ته جيئن ڀيٽي سگهون. (ڳولي ٿي) اهو هتي ناهي، ڪيٿلين!
ڪيٿلين: ها، بارٽلي صبح جو اهو پاتو هو، ڇاڪاڻ ته سندس پنهنجو وڳو لوڻ جي ڪري خراب ٿي ويو هو، پر هتي قميص جو هڪ ٽڪرو پيل آهي، جيڪو ساڳئي ٿانَ جو هو، مون کي اهو ڏي.
(نورا کڻي اچي ٿي ۽ اهي ڪپڙي جي ڀيٽ ڪن ٿيون.)
ڪيٿلين: ڪپڙو ته ساڳيو آهي، نورا؛ پر بازار ۾ ان جا وڏا ٿانَ هوندا آهن، ڪنهن ٻئي جو به ٿي سگهي ٿو.
نورا: (جوراب جا ٽانڪا ڳڻيندي، هڪدم رڙ ڪري ٿي) هي مائيڪل ئي آهي، ڪيٿلين! هي مائيڪل آهي؛ خدا سندس روح کي جنت نصيب ڪري! پر جڏهن امڙ کي اها خبر پوندي ۽ بارٽلي به سمنڊ ۾ هوندو، ته هوءَ ڇا ڪندي؟
ڪيٿلين: هي ته هڪ سادو جوراب آهي، نورا.
نورا: هي ان جوڙي جو جوراب آهي، جيڪو مون پنهنجن هٿن سان تيار ڪيو هو. مون ان ۾ سٺ ٽانڪا لڳايا هئا ۽ چار ٽانڪا کُلي ويا هئا. هي ڏس، اهي ئي چار ٽانڪا آهن!
ڪيٿلين: (ٽانڪا ڳڻيندي) هائو، اها ساڳي نشاني آهي. (رڙ ڪري روئندي) او نورا! اهو سوچڻ ڪيڏو وڍيندڙ آهي ته هو ان پري اتر جي سمنڊ ۾ لُڙهي ويو ۽ مٿس روئڻ وارو ڪوبه ڪونه هو، سواءِ انهن ڪارن سامونڊي پکين جي جيڪي مٿس اڏامندا رهيا!
نورا: (ڪپڙن تي ٻانهون پکيڙي) اهو ڪيڏو نه دردناڪ آهي، جو هڪ جوان مڙس، جيڪو سمنڊ جو بادشاهہ هو، ان جي پٺيان هڪ قميص جو ٽڪر ۽ جوراب کانسواءِ ڪجهه به نه بچيو!
ڪيٿلين: نورا، ٻڌاءِ ته امڙ اچي پئي ڇا؟ رستي تي آواز ٿئي پيو.
نورا: (ٻاهر نهاريندي) هائو، امڙ اچي پئي، هوءَ دروازي تائين پهچڻ واري آهي.
ڪيٿلين: سندس اندر اچڻ کان اڳ هي ڪپڙا لِڪائي ڇڏ. شايد بارٽليءَ کي دعا ڏيڻ کانپوءِ سندس دل کي ڪجهه آسيس مِلي هجي، جيستائين بارٽلي سمنڊ ۾ آهي، اسين کيس ڪجهه به ڪونه ٻُڌائينداسين.
(اهي ڪپڙي جي ٽُڪرن کي چمنيءَ جي ڪنڊ ۾ هڪ سوراخ ۾ لِڪائين ٿيون. ڪيٿلين واپس چرخي تي ويهي ٿي.)
نورا: امڙ کي خبر ته ڪونه پوندي ته مان رُني آهيان؟
ڪيٿلين: پنهنجو منهن دروازي کان پري رک ته جيئن روشنيءَ ۾ تنهنجو مُنهن ظاهر نه ٿئي.
(موريا اندر اچي ٿي، هوءَ نياڻين ڏانهن نهارڻ کانسواءِ باھہ جي ٻئي ڀر وڃي ويهي ٿي. ماني اڃان تائين سندس هٿ ۾ ائين ئي ويڙهيل آهي. نياڻيون هڪٻئي ڏانهن نهارين ٿيون.)
ڪيٿلين: (چرخو ڦيرائيندي) توهان کيس ماني نه ڏني؟
(موريا بغير منهن موڙڻ جي آهستي آهستي نوحو ڪرڻ شروع ڪري ٿي.)
ڪيٿلين: توهان کيس گهوڙي تي ويندي ڏٺو؟
(موريا ائين ئي روئندي رهي ٿي.)
ڪيٿلين: (بي صبري ٿي) امڙ! خدا واسطي پنهنجو آواز بلند ڪري ٻڌاءِ ته ڇا ٿيو آهي؟ ائين گونگي روئڻ مان ڇا ملندو؟ مان توکان پڇان ٿي، بارٽليءَ کي ڏٺئي؟
موريا: (تمام هيڻي آواز ۾) اڄ کان منهنجو هانءُ ڇِڄي چُڪو آهي ۽ اندران مَرِي چُڪي آهيان.
ڪيٿلين: ڇا توهان بارٽليءَ کي ڏٺو؟
موريا: مون اهو منظر ڏٺو، جيڪو اڳ ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو.
ڪيٿلين: (ٻاهر نهاريندي) هُو هاڻي پهاڙيءَ تان گهوڙي تي سوار ٿي لنگهي رهيو آهي ۽ سفيد گهوڙو سندس پٺيان آهي.
موريا: (ڇرڪي پوي ٿي، سندس شال مٿي تان ڪري پوي ٿي ۽ اڇا وار وکري وڃنس ٿا) سفيد گهوڙو سندس پٺيان هو!
ڪيٿلين: آخر ڳالهه ڇا آهي؟
موريا: مون اهو هيبتناڪ منظر ڏٺو آهي، جيڪو ڪنهن انسان تڏهن ڏٺو هوندو، جڏهن برائيڊ دارا هڪ مئل ماڻهوءَ کي پنهنجي ٻانهن ۾ ڏٺو هو.
ڪيٿلين ۽ نورا: (خوف مان) اوهه!
(اهي پوڙهيءَ جي اڳيان گوڏا کوڙي ويهن ٿيون.)
نورا: امڙ، اسان کي ٻڌاءِ ته ڇا ڏٺئي؟
موريا: مان هيٺ کوهه وٽ ويس ۽ اتي بيهي دعائون گهرڻ لڳس. پوءِ بارٽلي اتان لنگهيو، هو ڳاڙهي گھوڙي تي سوار هو ۽ سفيد گهوڙو سندس پٺيان هو. (پنهنجا هٿ اکين تي رکندي) او خدايا، اسان کي پناهه ڏي!
ڪيٿلين: پر ڏٺئي ڇا؟
موريا: مون مائيڪل کي ڏٺو!
ڪيٿلين: (آهستي سان) نه امڙ، تنهنجو وهم هوندو. مائيڪل جو لاش پري اتر ۾ مِلي چڪو آهي ۽ مٿس مِٽي پئجي وئي آهي.
موريا: (ضد ڪندي) مون کيس پنهنجي اکين سان ڏٺو، هو گهوڙي تي سوار هو. بارٽلي پهرين آيو، مون کيس “خدا حافظ” چوڻ چاهيو، پر منهنجي نڙيءَ ۾ لفظ ڦاسي پيا. هُو تيزيءَ سان لنگهي ويو ۽ چيائين ته “خدا حافظ امڙ”، پر مان گُونگِي بڻجي ويس. پوءِ جڏهن مون پٺيان ايندڙ سفيد گهوڙي کي ڏٺو، ته ان جي مٿان مائيڪل ويٺل هو… سندس جسم تي نوان ڪپڙا هئا ۽ پيرن ۾ چمڪندڙ جوتا هئا!
ڪيٿلين: (روئڻ لڳي ٿي) اڄ کان اسان جو گهر برباد ٿي ويو، اسين ٻڏي ويون سين!
نورا: پر پادريءَ ته چيو هو ته رب سائين ائين بي يارو مددگار ڪونه ڇڏيندو؟
موريا: ان مورک پادريءَ کي سمنڊ جي ڪهڙي خبر؟… بارٽلي هاڻي ڪونه بچندو. ايمون کي سڏيو ۽ مون کي انهن سفيد تختن مان هڪ سٺو تابوت ٺهرائي ڏيو، ڇاڪاڻ ته مان به هاڻي زنده ڪونه رهنديس. هن گهر ۾ منهنجو مڙس، مڙس جو پيءُ ۽ ڇهه ڄڻا پُٽ هئا، ڇهه سهڻا جوان مڙس ۽ اهي سڀ هڪ هڪ ٿي هليا ويا، سڀني کي سمنڊ کائي ويو… اسٽيفن ۽ شان وڏي طوفان ۾ گم ٿيا هئا ۽ انهن ٻنهي کي هڪ ئي تختي تي رکي هن دروازي مان اندر آندو ويو هو.
(هوءَ رڪجي ٿي، ٻاهر دروازي تان ڪو آواز اچي ٿو.)
نورا: (سُس پُس ڪندي) ڪيٿلين، ٻُڌئي؟ ڪناري تان ڪنهن جي رڙين جو آواز پيو اچي.
موريا: (بغير ڪجهه ٻُڌڻ جي) اتي شيامس، سندس پيءُ ۽ ڏاڏو هئا، جيڪي هڪ تاريڪ رات جو گم ٿيا ۽ صبح جو سندن ڪو نالو نشان به نه مِليو. ان کانپوءِ پيچ هو، جيڪو ٻيڙي اٿلڻ سبب ٻڏي ويو. مان هتي بارٽليءَ کي هٿن ۾ کڻي ويٺي هئس، جڏهن هو ننڍڙو ٻار هو، تڏهن مون ڏٺو ته چار عورتون اندر آيون، جن پنهنجي سيني تي صليب جو نشان ٺاهيو ۽ خاموش ويهي رهيون. پوءِ انهن جي پٺيان مڙس آيا، جن هڪ ڳاڙهي سڙهه جي ڪپڙي ۾ هڪ لاش کنيو هو، جنهن مان پاڻي ٽمي رهيو هو… ۽ اهو پاڻي دروازي تائين ليڪ ٺاهي رهيو هو.
(دروازو آهستي کلي ٿو ۽ پوڙهيون عورتون اندر اچڻ شروع ڪن ٿيون، اهي صليب جو نشان ٺاهي خاموشيءَ سان اسٽيج تي گوڏا کوڙي ويهن ٿيون.)
موريا: (ڄڻ اڌ هوش ۾) هي پيچ آهي، مائيڪل آهي، يا آخر هي ڇا آهي؟
ڪيٿلين: مائيڪل ته پري دفن ٿي ويو، هُو هتي ڪيئن هوندو؟
موريا: سمنڊ ۾ ڪيترائي جوان لڙهندا رهندا آهن، ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته اهو مائيڪل هو يا ڪو ٻيو؟ جڏهن هڪ مڙس نون ڏينهن تائين لوڻياٺي پاڻيءَ ۾ هجي، ته سندس سڳي ماءُ به کيس سڃاڻي ڪونه سگهندي!
ڪيٿلين: امڙ، اهو مائيڪل ئي هو. هنن اسان کي سندس ڪپڙن جو هڪ ٽُڪرو موڪليو آهي.
(هوءَ مائيڪل جا ڪپڙا پوڙهيءَ جي هٿ ۾ ڏئي ٿي. موريا انهن کي نِهارڻ لڳي ٿي. نورا ٻاهر نهاري ٿي.)
نورا: مرد ماڻهو ٻاهران ڪا شيءِ کڻي اچي رهيا آهن، جنهن مان پاڻي ٽمي پٿرن تي نشان ٺاهي رهيو آهي.
ڪيٿلين: (عورتن کي سُس پُس ڪندي) ڇا اهو بارٽلي آهي؟
هڪ عورت: هائو، اهوئي آهي، خدا سندس روح کي آرام ڏي.
(مرد بارٽليءَ جو لاش کڻي اچن ٿا، جنهن تي سڙهه جو ڪپڙو وڌل آهي ۽ کيس ميز تي رکن ٿا.)
ڪيٿلين: هي ڪيئن ٿيو؟
هڪ عورت: ان سفيد گهوڙي کيس اڇلائي سمنڊ ۾ وڌو ۽ هو وڏن پٿرن جي ڇولين ۾ اَلُوپ ٿي ويو.
(موريا ميز جي هڪ پاسي گوڏا کوڙي ويهي ٿي. عورتون آهستي آهستي نوحو ڪن ٿيون.)
موريا: (پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪندي، ماڻهن کان بي خبر ٿي) هاڻي سڀ هليا ويا… هاڻي هي سمنڊ منهنجو وڌيڪ ڪجهه به نٿو بِگاڙي سگهي. جڏهن ڏکڻ کان تکي هوا لڳندي ۽ اوڀر توڙي اولهه کان ڇوليون اٿلي هڪٻئي سان ٽڪرائجنديون، تڏهن مون کي اڌ رات جو اٿي روئڻ ۽ دعائون گهرڻ جي ڪا لوڙ نه هوندي. انهن تاريڪ ۽ سرد راتين ۾ مون کي هاڻي پير لاهي پاڪ پاڻي آڻڻ لاءِ وڃڻو نه پوندو. جڏهن هن ٻيٽ جون ٻيون مائون پنهنجن ٻڏي ويل لالڻن تي تڙپي نوحو ڪنديون، تڏهن مون کي ان ڳالهه سان ڪوبه واسطو نه هوندو ته سمنڊ جو رُخ ڪهڙو آهي… (نورا کي) نورا، مون کي اهو پاڪ پاڻي ڏي؛ الماريءَ تي اڃان ڪا ڦڙاٽي بچيل هوندي.
(نورا کيس پاڻي ڏئي ٿي. موريا، مائيڪل جا ڪپڙا بارٽليءَ جي پيرن تي رکي، مٿس پاڪ پاڻي ڇڙڪي ٿي.)
ائين ناهي ته مون قادرِ مطلق کان تنهنجي زندگيءَ جون دعائون ناهن گهريون، بارٽلي. ائين به ناهي ته مون انهن تاريڪ راتين ۾ ويهي ورلاپ ناهن ڪيا، پر هاڻي مون کي هڪ وڏو سڪون ملندو… ۽ سچ پڇين ته اهو وقت اچي به ويو آهي. انهن ڊگهين راتين ۾ مان گهري ننڊ سمهي سگهنديس، چاهي اسان وٽ کائڻ لاءِ صرف اڌ سُڪل ماني هجي يا ڪا سڙيل مڇي…
(هوءَ ٻيهر پنهنجي مٿان صليب جو نشان ٺاهي ويهي ٿي.)
اهي سڀ اڄ هن هڪ ئي ميز تي گڏ ٿي ويا آهن ۽ راند جي پڄاڻي ٿي چڪي آهي. مالڪ سائين بارٽليءَ جي روح تي رحم ڪري، مائيڪل جي روح تي ۽ شيامس، پيچ، اسٽيفن ۽ شان جي روحن تي مٺي نظر ڪري… (پنهنجو ڪنڌ جُهڪائيندي) ۽ نورا، هو منهنجي روح تي به رحم ڪري ۽ هن وسيع دنيا ۾ جيترو به پساهه بچيو آهي، ان سڀ تي پنهنجو ڪرم ڪري.
مائيڪل کي ته پري اتر ۾، مالڪ جي فضل سان، ڪنارو ۽ پاڪ ڪفن نصيب ٿي ويو. بارٽليءَ کي به هنن سفيد تختن مان هڪ سٺو تابوت ۽ هڪ اونهي آخري آرامگاهه مِلي ويندي. آخر اسان کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا کپي؟ هن جهان ۾ ڪوبه انسان سدائين زنده رهڻ لاءِ ناهي آيو… ۽ اسان کي ان جي رضا تي راضي رهڻو ئي پوندو.
(پردو آهستي سان ڪري ٿو.)
(ناٽڪ مڪمل ٿيو.)
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟