ناٽڪ-قسط ٻئين: هميشه جوان
Kamran Jatoi انجنيئر، تعليمدان، مفڪر، ليکڪ
اليڪٽريڪل انجنيئر (فلسفو، سائنس، اينٿروپالاجي پسنديده موضوع)
مسمات پين ڊيڪسٽر: ائگنيس، تون اڻڻ جو ڪم ڏاڍو ٿي ڪرين، مان توکي ٻڌايان ته تون هاڻي پوڙهي پئي ٿئين…
مسمات بلانچارڊ: هيءَ ته ائين نظر نٿي اچي.
مسمات پين ڊيڪسٽر: هن جو ذهن ڏيڍ سئو سال پراڻو آهي!
مسمات ڊورچسٽر: (ٻهڪندي) ايترو به ناهي. مڙس جي وفات کانپوءِ مون کي ڪيترائي مالي معاملا سنڀالڻا پيا آهن، جنهن مون کي وقت کان گهڻو پٺيان ٿيڻ نه ڏنو، پر مان سمجهان ٿي ته پوڙهائپ کي سٺي اخلاق سان قبول ڪرڻ گهرجي.
مسمات بلانچارڊ: فضول ڳالهه آهي! هي پراڻي زماني جا خيال آهن! مان هاڻي جيئڻ جو سليقو سِکي رهي آهيان. ڇا توهان کي معلوم آهي ته مون هاڻي هاڻي طلاق ورتي آهي؟
مسمات پين ڊيڪسٽر: ڇا تو هيترا سال گڏ رهڻ کانپوءِ به مسٽر بلانچارڊ کان طلاق وٺي ڇڏي؟
مسمات بلانچارڊ: ها، ايترا سال گڏ گذارڻ کانپوءِ به. مان سمجهان ٿي ته توهان کي منهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻي معلوم هوندي. جڏهن منهنجي ڌيءَ جي شادي ‘ڊيوڪ آف ڪابري’ سان ٿي هئي، تڏهن پوري ملڪ ۾ ان جا چرچا هئا.
مسمات پين ڊيڪسٽر: منهنجا سينٽ لوئس وارا دوست اڪثر تنهنجو ذڪر ڪندا هئا، ان ڪري ئي مون کي هتي هن سيزن ۾ توسان ملڻ جو ڏاڍو شوق هو. جڏهن منهنجو مڙس زنده هو، هو ڪلبن ۾ اهڙيون ڳالهيون ٻڌندو هو.
مسمات بلانچارڊ: يقينن ٻڌندو هوندو. منهنجو مڙس هميشه بيوفا رهيو آهي. مان چاليھن سالن کان وڌيڪ ان غم ۾ روئندي رهيس، پر مون ۾ کيس ڇڏڻ جو عقل ڪونه هو. مون ۾ ڪڏهن به اها جرئت ۽ وسعت پيدا ڪونه ٿي… پر هاڻي، سڀ ڪجهہ مون تي ائين صاف ٿي ويو آهي، جيئن ڏينهن جي روشني… جيڪڏهن مان چاليھن سالن تائين بيوقوف رهيس ته ڇا مان هميشه لاءِ بيوقوف رهان؟ نه، مون پنهنجي ان ڪاٺ جي ٽَنگ سان مڙس جي ان قيد کي لتاڙي ڇڏيو ۽ هاڻي مان هڪ آزاد عورت آهيان.
مسمات ڊورچسٽر: ڪيڏو نه عجيب آهي، تون پنهنجي مرضيءَ سان مڙس کي ڇڏي رهي آهين، جڏهن ته اسين بيواهون چاهيون ٿيون ته اسان جا مڙس واپس اچي وڃن.
مسمات پين ڊيڪسٽر: ڇا تنهنجي مڙس ان طلاق جي مخالفت ڪئي؟
مسمات بلانچارڊ: منهنجو مڙس حيران ۽ ڪاوڙيل هو. هُو هاڻي مون کي منٿن وارا خط لکندو آهي. هُو هاڻي پوڙهو ٿي چڪو آهي ۽ سڪون سان ويهڻ چاهي ٿو. هاڻي، جڏهن هو چاهي ٿو ته باھہ جي مچ اڳيان ويهي مون کي اُڻندو ڏسي، تڏهن مون ساڻس هڪ راند کيڏي آهي، مان مچ جي اڳيان ويهڻ لاءِ تيار ناهيان ۽ اُڻڻ کان وڌيڪ مون کي ‘روليٽ’ (جُوا جي راند) کيڏڻ پسند آهي. سچ پچ، ڪالهه رات مون جوا ۾ ٻه سئو ڊالر وڃايا!
مسمات ڊورچسٽر: اسان ته جلدي هليا آيا هئاسين.
مسمات پين ڊيڪسٽر: يعني، اڌ رات جو!
مسمات ڊورچسٽر: اسان واپس اچڻ کان اڳ ٿورو گهمياسين. رات تمام پُرسڪون هئي ۽ مون کي انهن ڪُرسين وارين گاڏين ۾ گهمڻ ڏاڍو وڻندو آهي.
مسمات پين ڊيڪسٽر: مون سوچيو ته شايد ٻن اڪيلين عورتن لاءِ اڌ رات جو چانڊوڪيءَ ۾ گهمڻ مناسب ناهي، پر ان ڪاري ڇوڪري چيو ته پام بيچ تي هر ڪو ائين ڪندو آهي.
مسمات ڊورچسٽر: اهو تمام رومانوي منظر هو.
مسمات پين ڊيڪسٽر: کجور جي وڻن مان لنگهندڙ هر هوا جي جهوٽي ۾ رومانس آهي.
مسمات بلانچارڊ: (خوشيءَ مان) مان ته صبح تائين هوٽل واپس نه آيس. مان اتي ئي رهيس ۽ کيڏندي رهيس، اتي ئي ناشتو ڪيو ۽ جڏهن واپس آيس ته منهنجي آڱر ۾ ڪا مُنڊي ڪونه هئي. مون اهي سڀ مُنڊيون پنهنجي هڪ دوست وٽ ضمانت طور رکي ڇڏيون، جنهن کي رکڻ ۾ مزو پئي آيو…
مسمات ڊورچسٽر: اسان اڄ صبح سمنڊ جي ڪناري تي توکي مِس ڪيو.
مسمات بلانچارڊ: مان منجهند تائين سُتي پئي هئس. مان اڄ رات ٻيهر وينديس پنهنجون منڊيون واپس کَٽڻ لاءِ. (هوءَ پئسن سان ڀريل سونهري ٿيلهو لوڏي ٿي). اڄ رات پنج سئو ڊالرن سان شروعات ڪنديس!
مسمات پين ڊيڪسٽر: ان کان اڳ جو تون ڄاڻي سگهين، تون هڪ وڏي دولت جُوا ۾ وڃائي ويهندينءَ!
مسمات بلانچارڊ: (کِلي ٿي) مان پريشان ناهيان. مون کي تمام گهڻو خرچو ملي ٿو. عدالت سوچيو هو ته مان وڌيڪ زنده نه رهنديس ۽ مون کي گهڻي علاج جي ضرورت پوندي. خير، مان علاج تي ڪو پئسو خرچ نه پئي ڪريان ۽ جڏهن مزي ڪرڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته مان پنهنجي چاليھن سالن جو بدلو وٺي رهي آهيان! مون پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ صرف هڪ مرد سان سچي محبت ڪئي ۽ اهو منهنجو مڙس ڪونه هو. توهان کي ڀلي حيراني ٿئي، پر هاڻي مان آزاد آهيان ۽ ان باري ۾ ڳالهائي سگهان ٿي.
مسمات پين ڊيڪسٽر: پوءِ ڇا ٿيو؟
مسمات بلانچارڊ: مون کي ڪڏهن به معلوم نه ٿي سگهيو ته هن جو ڇا ٿيو.
مسمات ڊورچسٽر: مان تصور به نٿي ڪري سگهان ته مڙس سان محبت نه ڪرڻ ڪيئن هوندو آهي. مان پنهنجي مڙس کي ڪيڏو نه مِس ڪندي آهيان!
مسمات بلانچارڊ : منهنجي شاديءَ کي اڃان صرف چار مهينا ٿيا هئا، جڏهن مون ٻُڌو ته منهنجو مڙس اسان جي ئي سوسائٽي جي هڪ پرڻيل عورت جي عشق ۾ گرفتار هو. هن مون سان شادي رڳو ان ڪري ڪئي هئي ته جيئن ماڻهن کي شڪ نه ٿئي. يقينن هاڻي مان سمجهان ٿي ته مون کي تڏهن ئي طلاق وٺڻ گهرجي ها، پر مان تمام ننڍي هئس ۽ ان دور ۾ طلاق جو ايڏو رواج ڪونه هو. منهنجي ان مايوسيءَ جي ڏينهن ۾، هڪ جوان ليفٽيننٽ منهنجو درد سمجهيو ۽ هن منهنجي مڙس ۾ حسد پيدا ڪرڻ جو پلان ٺاهيو ته جيئن هُو مون ڏانهن واپس اچي وڃي…
مسمات ڊورچسٽر: فيبي، پنهنجي ڪمري جي چاٻي سان ائين راند ڪرڻ بند ڪر، منهنجو دماغ خراب پيو ٿئي.
مسمات بلانچارڊ: هُو منهنجي مڙس کي ساڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر ان دوران مون کي پاڻ ان ليفٽيننٽ سان محبت ٿي وئي…
مسمات پين ڊيڪسٽر: ۽ کيس به توسان ٿي وئي هوندي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي؟
مسمات بلانچارڊ: ها.
مسمات ڊورچسٽر: مسمات بلانچارڊ، هي ته زندگي جو هڪ وڏو اُلميو آهي، پر ان جو ڪو نشان تنهنجي چهري تي نظر نٿو اچي.
مسمات بلانچارڊ: مون ڪڏهن به ان کي پنهنجي چهري تي ظاهر ٿيڻ نه ڏنو. مون پنهنجي دل ۾ هڪ راز لڪائي رکيو، هڪ هيبتناڪ خيال ته ٿي سگهي ٿو منهنجو مڙس مري وڃي، مان آزاد ٿي وڃان ته مان ان ٻئي (ليفٽيننٽ) کي ٻيهر ڳولهي سگهان. تنهنڪري هو ڪو گُهنجيل ۽ پوڙهو چهرو نه ڏسي، ڇاڪاڻ ته هن جي ذهن ۾ منهنجي جوانيءَ جي ياد هئي.
مسمات پين ڊيڪسٽر: سوچيو ته انهن سڀني سالن ۾ ائين جيئڻ ڪيئن هوندو! جڏهن ته تون تمام اڳي ئي طلاق وٺي پئي سگهين!
مسمات بلانچارڊ: اهو هڪ طريقي سان طنزيه آهي، نه؟ ته جڏهن توهان ۽ مسمات ڊورچسٽر جهڙيون عورتون بيواھہ ٿي ويون، مون کي هڪ اهڙي مڙس کي برداشت ڪرڻو پيو، جيڪو مرڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي!
مسمات پين ڊيڪسٽر: ان ليفٽيننٽ جو ڇا ٿيو؟
مسمات بلانچارڊ: هن پنهنجي بَدلِي ڪنهن ٻئي هنڌ ڪرائي ڇڏي. هو مون کان جيتوڻيڪ پري وڃڻ چاهيندو هو، ڪا به دُوري اسان جي وچ ۾ موجود ان ڪشش کي ٽوڙڻ لاءِ ڪافي ڪونه هئي. آخرڪار کيس چين ملڪ موڪليو ويو ۽ اتي ‘باڪسر بغاوت’ ۾ اسان جو رابطو ٽُٽي ويو.
مسمات ڊورچسٽر: ۽ تو ڪڏهن به سندس باري ۾ ٻيهر نه ٻُڌو؟
مسمات بلانچارڊ: نه، حڪومت کيس گُم ٿيل قرار ڏنو. يقينن چينين کيس قيدي بڻائي ڇڏيو هوندو. جيڪڏهن هو مري ويو ۽ مان سمجهان ٿي ته هُو مري ويو هوندو انهن سڀني سالن ۾ مون محسوس ڪيو آهي ته سندس روح منهنجي ويجهو آهي، منهنجي رهنمائي ڪندو آهي، منهنجي سنڀال ڪندو آهي…
مسمات ڊورچسٽر: (پنهنجو ڪُلهو لوڏيندي) ڇا تون سمجهين ٿي ته هُو تنهنجي ويجهو ٿي سگهي ٿو؟ مان نه ٿي سمجهان ته منهنجو مڙس منهنجي ويجهو آهي. مان ويهي اڻندي آهيان ۽ سندس باري ۾ سوچيندي آهيان، پر موت کان پوءِ جي دنيا هڪ خالي پڻو ۽ خاموشي کانسواءِ ڪجهه به ناهي.
مسمات پين ڊيڪسٽر: خير، مان هر ان ڳالھہ تي يقين رکڻ ۾ فائدو سمجهان ٿي جيڪا تنهنجي مدد ڪري.
مسمات ڊورچسٽر: مان ڪو رابطو نه ٿي ڪري سگهان.
مسمات بلانچارڊ: (اميد سان) اوهه! مان ڄاڻان ٿي ته اوليور ٽرينٽ مون کي ڪڏهن به ناهي وساريو. جيڪڏهن هو زنده هجي ها يا آزاد ٿي وڃي ها، مون کي ڳولهي وٺي وڃي ها. مان ڄاڻان ٿي ته اوليور مري ويو آهي ۽ سندس روح گذريل ويهن سالن کان محبت سان منهنجي ويجهو آهي!
مسمات ڊورچسٽر: منهنجو مڙس ۽ مان هڪٻئي سان سخت محبت ڪندا هئاسين. اهو پيار، مون کي لڳي ٿو، اسان کي سندس وڃڻ کان پوءِ به گڏ رکڻ گهرجي ها، پر مان يقين نه ٿي ڪري سگهان ته ائين آهي.
مسمات بلانچارڊ: ائين آهي ۽ رهندو، جيڪڏهن توکي يقين هجي. محبت کانسواءِ ڪجهه به ناهي، مان هاڻي اهو محسوس ڪرڻ لڳي آهيان ڪافي وقت تائين مون پاڻ کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪافي وقت تائين مان صرف سوچي سگهندي هئس، پر هاڻي مان پنهنجي اندر ۾ اهو محسوس ڪري رهي آهيان… ۽ مان پنهنجي اندر ۾ هڪ گرمي محسوس ڪريان ٿي. اوهه، مان پنهنجي انهن پراڻين ٽَنگن کي پاسي تي رکنديس! (هوءَ لَڪڻ کي پري اڇلائي ٿي).
مسمات پين ڊيڪسٽر: يقينن هو توسان محبت ڪندو هو، مان پڪ سان چوان ٿي.
مسمات ڊورچسٽر: ڪاش هُو هاڻي زنده هجي ها، جڏهن ته تو طلاق به وٺي ڇڏي آهي.
مسمات بلانچارڊ: تنهنڪري توهان ڏسي سگهو ٿا ته منهنجو رومانس صرف هڪ پاڇو آهي، صرف هڪ خيال، ڪا ظاهري شيءِ ناهي، منهنجي جرئت ڪونه هئي ته مان سندس ڪو خط رکان، سندس ڪا نشاني رکان… صرف منهنجا خيال هئا، پر انهن خيالن مون کي انهن سڀني سالن ۾ ٽُٽڻ کان بچائي رکيو.
مسمات پين ڊيڪسٽر: ۽ انهن خيالن ئي تنهنجي چهري کي ايڏو جوان رکيو آهي.
مسمات بلانچارڊ: مون پنهنجي چهري کي تبديل ٿيڻ نه ڏنو. جيڪڏهن ڪنهن معجزي سان مان کيس ٻيهر ڏِسان ته مان ائين ئي هجان، جيئن هن مون کي ياد رکيو هو… پر مان پنهنجي جسم کي قابو نه ڪري سگهيس، مان زندگيءَ مان ٿڪجڻ لڳي هئس تان جو مون کي لَڪڻ جي ضرورت پئي ۽ مان ان تي جهڪي پئي هئس ۽ هاڻي هتي آهيان…
مسمات پين ڊيڪسٽر: ۽ هاڻي تون لَڪڻ کانسواءِ هلڻ جي ڳالهہ ڪري رهي آهين.
مسمات بلانچارڊ: (روشن چهري سان) مان ائين ڪنديس، مان ضرور ڪنديس. مان صرف تڏهن اداس ٿيندي آهيان، جڏهن ماضيءَ بابت سوچيندي آهيان. هي هڪ خراب عادت آهي. مان هاڻي ائين نه ڪنديس، پر جيڪڏهن مان پڪ سان ڄاڻان ها ته هُو منهنجي محبت دل ۾ کڻي مري ويو، ته مون کي سندس زنده نه هجڻ جو ايڏو ڏک نه ٿئي ها. جيڪڏهن مان ڄاڻان ها ته انهن سڀني سالن ۾ هُو ئي اهو هو، جيڪو منهنجي رهنمائي ڪري رهيو هو، نه ڪي منهنجو وهم ۽ بيوقوفي… ته هو هر وقت منهنجي ويجهو آهي، ڪاش مان اهو ڄاڻي سگهان ها.
مسمات پين ڊيڪسٽر: مان ته يقينن اها ئي اميد رکنديس ته هن توکي ياد رکيو هوندو.
مسمات ڊورچسٽر: (دلاسو ڏيندي) مان پڪ سان چوان ٿي ته هن ائين ئي ڪيو هوندو.
مسمات بلانچارڊ: مون پنهنجي زندگي سندس يقين تي بيهاري هئي! جيڪڏهن مون کان سندس محبت جو هي يقين کسيو وڃي ته مان سمجهان ٿي ته اهو مون کي ماري ڇڏيندو.
مسمات پين ڊيڪسٽر: پر جيڪڏهن توکي سندس محبت جو ڪو ثبوت ملي وڃي ته؟
مسمات بلانچارڊ: (چمڪندڙ اکين سان) ڪاش! جيڪڏهن مون کي ڪو ثبوت ملي وڃي!
مسمات پين ڊيڪسٽر: (ٻاهر ڏِسندي) هوءَ ڏس، خوبصورت مسمات ڪورٽني پيج. مان کيس وڌيڪ ڄاڻڻ چاهيان ٿي. ڇا اسان کيس پاڻ سان ويهڻ جي دعوت ڏيون؟
مسمات بلانچارڊ: اها ڪير آهي؟
مسمات پين ڊيڪسٽر: اڇن وارن واري عورت جنهن سفيد مخمل جو لباس پاتو آهي ۽ هٿ ۾ ڪارو پکو اٿس. هوءَ هاڻي هاڻي پنهنجي آخري مڙس جي ماتم مان ٻاهر آئي آهي.
مسمات ڊورچسٽر: آخري! هن جا ڪيترا مڙس هئا؟
مسمات پين ڊيڪسٽر: منهنجي مينڪيور واري مائي چيو ته سندس ٽي مڙس هئا ۽ زيورن جي دڪان واري ڪلرڪ چيو ته صرف هڪ، اهي سندس موتين جو اندازو لڳائي رهيا هئا، سندس وٽ حيرت انگيز موتي هئا. مان سندس موتي ويجهڙائيءَ کان ڏِسڻ چاهيان ٿي… ڇا تون ڏسڻ نه چاهيندينءَ؟
مسمات بلانچارڊ: ها، کيس هتي گهرايو. مان مڙسن بابت معلومات مٽائڻ چاهيان ٿي. ڇا هوءَ هتي اڪيلي آئي آهي؟
مسمات پين ڊيڪسٽر: چون ٿا ته هوءَ اڪيلي آئي آهي، پر مون کيس سمنڊ جي ڪناري تي هڪ مرد سان ڏٺو هو ۽ گاڏيءَ ۾ ٻئي مرد سان… پر هاڻي هوءَ اڪيلي آهي ۽ ويهڻ لاءِ جڳهه ڳولهي رهي آهي. کيس آواز ڏي، ائگنيس.
مسمات ڊورچسٽر: (شرمائيندي) پر مان کيس نٿي سڃاڻان. فيبي، تون کيس آواز ڏي.
مسمات بلانچارڊ: مسمات پين ڊيڪسٽر، ڇا تون کيس نٿي سڃاڻين؟
مسمات پين ڊيڪسٽر: مان ائين ظاهر ڪري سگهان ٿي ته مان سڃاڻان ٿي. (هوءَ محبت سان جهڪي ٿي) توهان ڪيئن آهيو؟
(مسمات ڪورٽني پيج ساڄي پاسي کان داخل ٿئي ٿي. هوءَ سفيد وارن واري اٽڪل سٺ سالن جي عورت آهي، پر سندس انداز ۾ هڪ نئون رنگ آهي ۽ سفيد مخمل جي لباس ۾ سندس فگر شاندار لڳي رهي آهي. هوءَ اهڙي قسم جي عورت آهي، جيڪا ڪنهن به عمر ۾ ڪنهن کي به پنهنجو ديوانو بڻائي سگهي ٿي. ڊگهين ٻانهن وارو کيس لباس آهي، جو ڳچيءَ کان گهڻو ڪشادو آهي. کيس موتين جا زيور آهن ۽ موتين جا وڏا هار پاتل آهن. هڪ هٿ ۾ پکو ۽ ڪارو مخملي ٿيلهو اٿس، جڏهن ته ٻئي هٿ ۾ ڪجهہ ٽپال اٿس، جنهن ۾ هڪ ڪناري وارو خط به شامل آهي.)
مسمات ڪورٽني پيج: توهان ڪيئن آهيو؟ توهان مون کي معاف ڪندا، مون کي نالو ياد نه پيو اچي؟
مسمات پين ڊيڪسٽر: مسمات پين ڊيڪسٽر، نيويارڪ مان. مسمات ڪورٽني پيج، مون کي ائين نه چئو ته تون مون کي وساري چڪي آهين.
مسمات ڪورٽني پيج: (پوري وقار سان) اڙي! ها، مسمات پين ڊيڪسٽر. هڪ تمام مشهور نالو… مون کي ياد آهي، اسان پورا پنج سال اڳ اوپيرا ۾ مليا هئاسين. تنهنجو باڪس ڪيرول خاندان جي ڀرسان هو. اسين هڪ شام سندن مهمان هئاسين، جڏهن منهنجو مرحوم مڙس ۽ مان شاديءَ جي سفر تي نيويارڪ آيا هئاسين.
مسمات پين ڊيڪسٽر: ها، بلڪل، تنهنجو حافظو ڪيڏو نه تيز آهي، جو توکي سڀ ڪجھہ ياد آهي. هي منهنجيون سھيليون آهن، مسمات ڊورچسٽر، مسمات بلانچارڊ…
مسمات بلانچارڊ: توهان ڪيئن آهيو؟ ڇا توهان هتي ويهڻ پسند ڪندا؟
مسمات ڪورٽني پيج : ها، مهرباني. (هوءَ ويهي ٿي). مسمات بلانچارڊ، مون توهان تي نظر رکي هئي. تنهنجو لَڪڻ؟ (هوءَ فرش تان لَڪڻ کڻي محبت سان مسمات بلانچارڊ کي ڏئي ٿي).
مسمات بلانچارڊ: (محبت سان لَڪڻ وٺندي) مهرباني.
مسمات پين ڊيڪسٽر: مسمات ڊورچسٽر ۽ مان پام بيچ ۾ هي سيزن گذاري رهيون آهيون. مسمات ڊورچسٽر لانگ آئلينڊ جي رهندڙ آهي.
مسمات بلانچارڊ: ۽ مان سينٽ لوئس کان آئي هئس ۽ منهنجي خوش قسمتي هئي، جو مون کي ساڻن ملڻ جو موقعو مليو. مان مسمات پين ڊيڪسٽر کي سندس شهرت جي ڪري هميشه سڃاڻندي هئس.
مسمات ڪورٽني پيج: سينٽ لوئس جو بلانچارڊ خاندان. اهو نالو ٻُڌل لڳي ٿو…
مسمات بلانچارڊ: منهنجي ڌيءَ جي شادي ‘ڊيوڪ آف ڪابري’ سان ٿي هئي…
مسمات ڪورٽني پيج: اوهه! ها، پر هاڻي هاڻي، مون کي لڳي ٿو ته مون اهو نالو تازو ئي ڪٿي ٻُڌو آهي.
مسمات بلانچارڊ: يقينن ٻُڌو هوندو. مان پنهنجي طلاق جو جشن ملهائي رهي آهيان!
مسمات ڊورچسٽر: مان سمجهان ٿي ته هِن ۾ پنهنجي مرضيءَ سان دنيا جو اڪيلو مقابلو ڪرڻ جي وڏي جرئت آهي.
مسمات بلانچارڊ: ايڏي آزادي محسوس ڪرڻ يقينن انسان کي ٻيهر جوان ڪري ڇڏيندو آهي.
مسمات ڪورٽني پيج: هيءَ بلڪل صحيح پئي چوي. هڪ عورت پاڻ کي قيد ۾ ڇو رکي، جڏهن هر موڙ تي ڪنهن بهتر رشتي جو نئون موقعو موجود هجي!
مسمات بلانچارڊ: يا خدا! ڇا توهان سمجهو ٿا ته مان هن عمر ۾ ٻيهر شادي ڪرڻ جي لائق آهيان؟
مسمات ڪورٽني پيج: ڇو نه؟ هڪ عورت جنهن مرد سان چاهي شادي ڪري سگهي ٿي.
مسمات ڊورچسٽر: (مٺڙي آواز ۾) اوهه! مرد کي اها عورت ملي ويندي آهي، جنهن کي هو چاهيندو آهي، پر مان نه ٿي سمجهان ته عورتن لاءِ ائين هوندو آهي؛ ڇا تون سمجهين ٿي فيبي؟
مسمات پين ڊيڪسٽر: (رعبدار انداز ۾) مان نه ٿي ڄاڻان. مون ٿامس لاءِ وڏي محنت ڪئي هئي ۽ مون کيس حاصل ڪري ورتو.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟