مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪاروباري رابطي لاءِ ڳالھايون ويندڙ پيجن ۽ ڪريول ٻوليون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پيجن (Pidjin) لسانيات ۾ اھڙو اصطلاح آھي، جيڪو اھڙي ٻوليءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي، جيڪا ٻن يا وڌيڪ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻھن جي وچ ۾ ڪاروبار، واپار يا ڪنھن مخصوص رابطي لاءِ جوڙي ويندي آھي.
پيجن لاءِ George Yule، پنھنجي ڪتابThe Study of Language ۾ لکي ٿو ته: پيجن ٻوليءَ جو اهڙو قسم آهي جيڪو ڪنهن عملي مقصد لاءِ، جيئن واپار لاءِ، اهڙن ماڻهن جي گروهن ۾ پيدا ٿئي جيڪي هڪ ٻئي سان گهڻو واسطو رکندا هجن، پر هڪٻئي جون ٻوليون نه ڄاڻندا هجن. اهڙي حالت ۾ ان ٻوليءَ جا ڪي به مادري ڳالهائيندڙ نه هوندا آهن.
ھيءَ اھڙي ٻولي ھوندي آھي، جيڪا ڪنھن به ماڻھوءَ جي مادري ٻولي ناھي ھوندي، پر فقط رابطي جو ذريعو ھوندي آھي. جڏھن مختلف ٻولين وارا ماڻھو پاڻ ۾ ڳالھائڻ جي ضرورت محسوس ڪندا آھن، تڏھن ھو ھڪ سادي ۽ گڏيل ٻولي استعمال ڪندا آھن، جنھن کي پيجن چيو ويندو آھي. ھن ٻوليءَ ۾ گرامر جا ڪي به اصول ناهن هوندا ۽ لفظ مختلف ٻولين مان ورتل هوندا آھن. ھن جو بنيادي مقصد مختلف ٻولين ۾ ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ رابطي کي آسان بڻائڻ ھوندو آھي. دنيا ۾ کوڙ اھڙيون ٻوليون آھن، جيڪي مخصوص رابطي جو ذريعو بڻيل آھن. مثال طور: Tok Pisin نالي ھڪ ٻولي پاپوا نيو گني ۾ ڳالھائي ويندي آھي، جنھن جا لڳ ڀڳ 50 لک کان وڌيڪ ڳالھائيندڙ موجود آھن. اھا ٻولي انگريزي ۽ مقامي ٻولين جي ميلاپ مان ٺھي آھي ۽ روزاني ڳالھائڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي. پيجن جڏھن ترقي ڪري ويندي آھي ته ان مان ھڪ نئين ٻولي وجود ۾ ايندي آھي، جنھن کي ڪريول Creole چيو ويندو آھي، جيڪا ھڪ ٻوليءَ جو سڌريل نمونو ھوندي آھي. پيجن ٻوليءَ جا ڳالھائيندڙ ماڻھو زندگيءَ جو سفر اڳيان ڪري وڃن ٿا ۽ سندن اولاد جڏھن پيجن ٻوليءَ کي سکڻ جي ڪوشش ڪري ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ جڏھن اھا ٻولي مڪمل سکي وڃن ٿا ته اھا ٻولي پيجن ٻوليءَ کان وڌي منظم ۽ مضبوط ھوندي آھي ۽ اھا ٻولي اڳيان ھلي ان نئين نسل جي مادري ٻولي بڻجي ويندي آھي، تنھن کي ڪريول چئجي ٿو ۽ پوءِ ان ٻوليءَ ۾ لسانياتي اصولن طور تي ڪم شروع ٿيو پوي. دنيا ۾ ٽاڪ پِسن ٻولي کي ھاڻ ڪريول ٻولي چئجي پيو. لسانيات جا ماھر نه صرف ان کي موجوده دور جي ماڻھن جي مادري زبان طور تسليم ڪن ٿا، پر ان جو لسانياتي حوالي سان مطالعو به ڪن ٿا.
ھڪ رپورٽ موجب لڳ ڀڳ دنيا ۾ ھن وقت 150 پيجن ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون، جڏھن ته انھن مان تقريبن 50 کن ڪريول ٻوليون بڻجي ويون آھن، اھي ٻوليون آمريڪا، آفريڪا ۽ پيسيفڪ سمنڊ جي ٻيٽن تي واقع ماڻھو ڳالھائين ٿا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو