مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

دادو ضلعي جا پي ايڇ ڊي اسڪالر: آبي حياتيات ۽ ماهيگريءَ جي ماهر ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو

Dr Rafique Baloch ڊپٽي ائڊمنسٽريٽر زڪوات، اوقاف، مذهبي امور، زڪوات ۽ عشر ڊپارٽمينٽ، حڪومت سنڌ.

ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، محقق (سنڌي)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، 8 جولاءِ، 1975ع تي جوهي شهر ۾ هڪ علمي ادبي گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد علي نواز ناز سومرو، روشن خيال ۽ ترقي پسند اديب ۽ سماجي ڪارڪن آهي، جنهن جون ٻارن لاءِ ادبي لکڻيون 70ع ۽ 80ع وارن ڏهاڪن ۾ اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻجنديون رهيون. علي نواز ناز پٽن سان گڏ پنهنجين ٻن نياڻين انيلا ناز ۽ عديلا ناز کي به اعليٰ تعليم ڏياري. انيلا ناز جي والده مسز منور سومرو پڻ ان دور ۾ جڏهن صحت جون خاص طور تي گائناڪولاجي ۽ ميٽرنٽي جون سهولتون اڃا عام نه ٿيون هيون، جوهي شهر واسين جي خدمت ڪئي. هن صحت جي شعبي ۾ خاص طور تي ويم وارين عورتن کي ٻار ڄڻائڻ (ميٽرنٽي) جون خدمتون فراهم ڪيون. ڊاڪٽر انيلا ناز، پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي شهر جوهيءَ جي اسڪولن مان پرائي ۽ 1990ع ۾ مئٽرڪ ڪئي. 1993ع ۾ گرلز ڊگري ڪاليج دادو انٽرميڊئيٽ سائنس پري-ميڊيڪل ۾ ڪيائين. انٽرميڊئيٽ کانپوءِ سندس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ بي ايس سي ۾ داخلا ٿي. 1997ع ۾ فريش واٽر بائلاجي ۽ فشريز سبجيڪٽ ۾ گريجوئيشن ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ئي فريش واٽر بايولاجي ۾ ايم.ايس.سي فرسٽ ڊويزن ۾ ڪيائين ۽ فرسٽ پوزيشن ماڻيائين جنهن تي کيس يونيورسٽي طرفان سلور ميڊل مليو. ڊاڪٽر انيلا ناز فئڪلٽي آف فشريز، ڪيگوشيما يونيورسٽي جاپان مان 2008ع ۾ آبي ماحولياتي سرشتي مضمون ۾ “جاپان جي ڪيڪائي جوما ٻيٽ ۾ واقع ندين جي مٺي پاڻيءَ ۾ رهندڙ جهينگن جي تنوع” عنوان سان تحقيقي مقالو لکي ايم.ايس ڪئي ۽ پهرين پوزيشن ماڻي. بعد ۾ هن ساڳي يونيورسٽي جي يونائيٽيڊ گريجوئيٽ اسڪول آف ائگريڪلچر سائنسز مان ڪورس ورڪ کانپوءِ “ڏکڻ جاپان جي ڪيڪائي جوما ٻيٽ ۾ واقع ندين جي مٺي پاڻي ۾ رهندڙ جهينگن جو ماحولياتي ۽ حياتياتي مطالعو” عنوان سان تحقيقي مقالو لکي پي.ايڇ.ڊي ڪئي. ڊاڪٽر انيلا ناز پروفيشنل ڪيريئر جي شروعات 07 سيپٽمبر، 2001ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسثيٽيوٽ آف فشريز ۽ آبي سائنسز ۾ ليڪچرر طور ڪئي. 28 جولاءِ 2011ع تي کيس ترقي ڏيئي اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. 27 آگسٽ 2015ع تي انيلا ناز سامونڊي حياتيات سبجيڪٽ جي ايسوسئيٽ پروفيسر طور ترقي ماڻي. 26 جولاءِ، 2018ع تي کيس پي اسڪيل 21 ۾ پروفيسر طور ترقي ڏني وئي. ڪجهه وقت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي نوشهروفيروز ڪئمپس جي فوڪل پرسن رهي. هن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي دادو ڪئمپس ۾ پرو وائيس چانسلر طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهي آهي. سنڌ يونيورسٽي مين ڪئمپس ڄامشوري ۾ مقرريءَ دوران ايم.فل جي 11 شاگردن سندس نگرانيءَ هيٺ ٿيسز لکي ايم.فل جي ڊگري ورتي ۽ ٻن پي.ايڇ.ڊي اسڪالرز سندس رهنمائيءَ هيٺ پي.ايڇ.ڊي مڪمل ڪئي. هن وقت به وٽس ايم.فل پروگرام جا 5 ۽ پي.ايڇ.ڊي پروگرام جا 2 شاگرد رجسٽرڊ آهن ۽ تحقيقي مقالن تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن گريجوئيٽ ريسرچ پراجيڪٽن ۾ پڻ “ڄامشوري ۽ ٺٽي ضلعن ۾ ننڍي پئماني تي مقامي ماهيگيريءَ جي گنجائش/صلاحيت جو جائزو” ۽ “ٺٽي ضلعي ۾ واقع دراوڙ ڊئم جو ماحولياتي اڀياس” عنوانن تي تحقيق ڪئي. ان کان علاوه پڻ ڊاڪٽر انيلا ناز ڪيترن ئي تحقيقي پروجيڪٽن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ ڪئٽ فش جي مصنوعي ماحول (مڇي فارم) ۾ نسلي افزائش ۽ بقاءَ جو اڀياس ۽ ڊيلٽا بليو ڪاربن جي توسيع تحت ڪورنگي، شاهه بندر، ڪيٽي بندر ۽ کارو ڇاڻ جي حياتياتي تنوع جو ماهيگيريءَ جي ماهر جي حيثيت سان جائزو وغيره شامل آهن. ڊاڪٽر انيلا ناز ڪيترين ئي پيشيوراڻين تنظيمن جي پڻ ميمبر آهي جن ۾ زولاجيڪل سوسائٽي آف پاڪستان، ڪرسٽيشن سوسائٽي، گڊو ۽ سکر بئراج جي مرمت واري پروجيڪٽ دوران انڌي ٻلهڻ جي تحفظ واري ڪاميٽي ۽ حيدرآباد واٽر ۽ سيوريج ڪاپوريشن بورڊ شامل آهن. ڊاڪٽر انيلا ناز آئي.اين.ٽي.آئي انٽرنيشنل يونيورسٽي ملائيشيا جي جنوري 2025ع کان ڊسمبر 2025ع تائين ريسرچ فيلو رهي. ساڳي يونيورسٽي ۾ جنوري 2026ع کان ڊسمبر 2027ع تائين ريسرچ فيلو مقرر ٿيل آهي. ڊاڪٽر انيلا ناز مئي 2009ع کان اپريل 2010ع تائين فئڪلٽي آف سائنس، يونيورسٽي آف ڪيگوشيما، جاپان ۾ ٽيچنگ اسسٽنٽ رهي. ساڳي يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف فشريز ۾ جون 2010ع کان سيپٽمبر 2010ع تائين تحقيقي معاون رهي. سال 2021-22ع ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان شروع ٿيل “چونڊيل ڪئٽ فش جي قيد (مڇي فارم) ۾ نسلي افزائش ۽ انهن جي تحفظ جا اپاءَ” واري پروجيڪٽ جي اڳواڻ رهي.
ڊاڪٽر انيلا ناز جا اڪيلي ۽ ٻين محققن سان شريڪ ليکڪ طور دريائي ۽ سامونڊي جاندارن (مٺي ۽ کاري پاڻيءَ ۾ رهندڙ جاندارن) خاص طور تي مڇيءَ جي حياتيات ۽ ان جي نسلي افزائش بابت ڪيترائي تحقيقي مقالا قومي ۽ بين الاقوامي ريسرچ جرنلز ۾ ڇپجي چڪا آهن. سندس شايع ٿيل مقالن ۾ (1) لوشن ۽ مڇرن کان بچاءَ وارن ٻين مادن (دوائن) جي ڊي اين اي جي نقصانڪار اثرن جو چڻي جي ڦيرڦار واري آزمائش ذريعي تجزيو، (2) سنڌو درياهه ۾ وڏي جسامت واري ڪيٽ فش سپيرٽا سينگهالا(Sperata Seenghala) مڇيءَ جي ظاهري خصوصيتن جي ماحولياتي لچڪ ۽ جينياتي گروهن جي سڃاڻپ جو مطالعو، (3) سنڌ ۾ سَنڌن جي سور ۽ سوڄ جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ چئن دوا پئدا ڪندڙ ٻوٽن ۾ گهڻي يا ٿوري مقدار ۾ موجود زهريلي ڌاتن جي موجودگي ۽ نوعيت جي بنياد تي علاج لاءِ موزونيت جو جائزو، (4) سنڌو درياهه جي هيٺئين وهڪري لائيڊ بئراج ۽ مٿئين وهڪري ڪوٽڙي بئراج جي وچ واري حصي مان چونڊيل مڇي ڪئٽ فش(Catfish) جي مختلف قسمن ۾ جسماني ڊيگهه ۽ وزن جي باهمي لاڳاپي جو تجزيو، (5) جابلو ڪارپ مڇي لابيو ڊيوچيلس (Labeo dyocheilus) جي حياتياتي خاصيتن جو مطالعو، (6) آڪسيڊائيزيشن ذريعي املتاس وڻ جي ميوي ۾ ميوٽيشن (جينياتي تبديلي) ۽ ڪئنسر پئدا ڪرڻ جي امڪاني صلاحيت جو جائزو، (7) پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ مڇر ڀڄائيندڙ ڪوائلن سان لاڳاپيل جينياتي زهريلن اثرن (ڊي اين اي کي نقصان پهچائيندڙ اثر) جو ٻوٽن ۾ ڪروموسومي ڦيرڦار جي آزمائش ذريعي تجزياتي مطالعو، (8) نيل تلپيا مڇي (Oreochromis niloticus) جي نر خلين (sperms) جي حرڪت پذيري ۽ بيضن جي بارآوريءَ جي شرح تي مختلف محلولن جي اثر جو جائزو، (9) سنڌ ۾ پوکجندڙ انب جي 5 قسمن تي ميوو کائيندڙ مک بئڪٽرو سيراڊورسليز هينڊل (Bactrocera dorsalis Hendel) جي آنا ڏيڻ جي ترجيحن ۽ ان جي لاروا جي واڌ ويجهه جو جائزو، (10) بانجهپڻي (بي اولادي) جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ دوا وارن ٻوٽن جي نباتاتي واڌ ويجهه ۾ رڪاوٽ وجهندڙ مادن جي اثرائتي ڪردار جو جائزو، (11) کيرٿر جابلو سلسلي ۾ واقع نئين گاج جي تيز جابلو وهڪري ۾ ڪئٽ فش (Catfish) جي قسمن جي بناوٽ ۽ ان جي واڌ ويجهه لاءِ سازگار حالتن جو جائزو، (12) بدين جي ڊيفوري ڍنڍ ۾ رهندڙ پنٽيس ٽڪٽو (Puntius Ticto) مڇيءَ جي ڄم/پئدائش سان لاڳاپيل خاصيتن جو جائزو، (13) زرخيزيءَ ۾ اضافو آڻڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ دوا وارن ٻوٽن جي خلوي زهر جي امڪاني صلاحيت جو سامونڊي ننڍڙن جاندارن برائن جهينگا (Brine Shrimp) جي زهر جي تجربي ذريعي تجزياتي مطالعو، (14) کيرٿر جابلو سلسلي ۾ واقع نئين گاج جي وهڪري ۾ رهندڙ جابلو ڪارپ مڇين جي ٻن قسمن لابيو ڊپلوسٽيمونس (Labeo Diplostemonous) ۽ لابيو ڊائيوچيلس (Labeo Dyocheilus) جي جسماني حالتن ۽ جسماني ڊيگهه ۽ وزن جي وچ ۾ لاڳاپي جو جائزو، (15) ڏکڻ جاپان جي ڪيڪائي جوما ٻيٽ جي اربارو علائقي ۾ ايٽيئيڊ Atyid خاندان ۾ ٻن جهينگن هر هڪ ڪيريڊينا سيڪشميورسز (Caridina Sakishmeorsis) ۽ ڪيريڊينا ٽائيپس (Caridina Typus) جي لڏپلاڻ جو مطالعو، (16) ٿاڻي بولا خان جي علائقي ۾ ملندڙ پرچ مڇي چندا ناما (Chanda Nama) جي حياتيات جو مطالعو، (17) ڪينجهر ڍنڍ جي مٺي پاڻيءَ جي زيننٽوڊن ڪئنسيلا (Xenentodon Cancila) مڇيءَ جي ڊيگهه ۽ وزن جي باهمي لاڳاپي ۽ ان جي نسبتي حالت جي عنصرن جو مطالعو، (18) سنڌو درياهه ۾ ملندڙ سليورڊ (Silurid) خاندان جي ڪئٽ فش يوٽروپچٿس واچا (Eutropiichthysvacha) جي آباديءَ سان لاڳاپيل حياتياتي ماڻ ماپن جو مطالعو، (19) جاپان جي ڪيڪائي جوما ٻيٽ جي اورامارا نديءَ جي وهڪري جي مختلف حصن ۾ مٺي پاڻيءَ جي جهينگن اٽائيڊائي (Atyidae) ۽ پيليمونيڊائي(Palaemonidae) جي تنوع جو مطالعو، (20) منڇر ڍنڍ ۾ ملندڙ گلاسوگوبيس گلورس (Glossogobiusgluris) جي ڄم/پئدائش واري حياتيات جو مطالعو، (21) منڇر ڍنڍ ۾ موجود روٽيفر (Rotifer) جي نسلن جي ڪجهه نون رڪارڊن بابت هڪ تحقيقي اڀياس، (22) منڇر ڍنڍ ۾ زوپلانڪٽن (Zooplankton) جي بايوماس، گهڻائي ۽ موجودگيءَ جي شرح بابت تحقيقي اڀياس، (23) ٺٽي ضلعي وٽ هيٺئين سنڌو درياهه ۾ ملندڙ مسٽسڪيواسيس (MystusCavasius) مڇيءَ جي ڊيگهه ۽ وزن جي باهمي لاڳاپي ۽ جسماني حالت جو مطالعو، (24) منڇر ڍنڍ ۾ ملندڙ سرهينس مريگالا (Cirrhinusmrigala) مڇيءَ جي ڊيگهه ۽ وزن جي باهمي لاڳاپي ۽ جسماني حالت جي معيار جو مطالعو، (25) ديهه اڪرو -II جي پنجن ڍنڍن ۾ مڇين ۽ پلانڪٽن جي حياتياتي تنوع ۽ پاڻيءَ جي طبعي ۽ ڪيميائي ماڻ ماپن جو تحقيقي اڀياس، (26) منڇر ڍنڍ ۾ ملندڙ گلاسگوبيس گئيرس (Glossogobiusgiuris) مڇيءَ جي ڊيگهه ۽ وزن جي باهمي لاڳاپي ۽ جسماني حالتن جي معيار جو مطالعو، (27) پاڪستاني ٻوٽن جي واڌ ويجهه کي هٿي ڏيندڙ بيڪٽيريا جي پلازمڊ پروفائلنگ ۽ تيز رفتار مارڪر تجزئي جو تحقيقي اڀياس، (28) سنڌو درياهه ۾ ملندڙ سليورڊ خاندان جي ڪئٽ فش سپيراٽا سنگهالا (Sperata Seenghala) جي ڊيگهه ۽ وزن جي باهمي لاڳاپي جو مطالعو، (29) سنڌو درياهه تي ڪوٽڙي هائڊرو ڊئم جي انساني اثرن کان متاثر ٿيل رهائشي ماحول ۾ درياهي ڪئٽ فش يوٽروپچٿس واچا جي ڄم جي عمل ۽ خوراڪ جي عادتن جو مطالعو، (30) منڇر ڍنڍ ۾ ملندڙ گلاسگوبيس گيورس مڇيءَ جي ڄم/پئدائش جي حياتيات جو مطالعو ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. محترمه انيلا ناز جي ڪيل تحقيقن مان جيڪڏهن سنڌ حڪومت چاهي ته سنڌ فشريز کي وڏو فائدو ڏياري سگهي ٿي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو