پيٽرول بم وانگر ڦاٽو، مهانگائي جي نئين طوفان هيٺ عوام
ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ اهڙو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کي صرف واڌ چوڻ نه، پر عوام تي معاشي حملو چوڻ وڌيڪ مناسب لڳي ٿو. تازو جاري ٿيل سرڪاري اعلان موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 335.86 رپيا في ليٽر مان سڌي طرح وڌائي 520.35 رپيا ڪئي وئي آهي، يعني هڪ ئي ڀيري 184.49 رپيا في ليٽر جو واڌارو. ساڳئي طرح پيٽرول جي قيمت 321.17 رپيا مان وڌائي 458.41 رپيا ڪئي وئي آهي، يعني 137.24 رپيا في ليٽر جو اضافو. اهي انگ اکر رڳو عدد نه آهن، پر عوام جي زندگيءَ تي سڌو اثر وجهندڙ حقيقتون آهن. ٿورو سوچيو جيڪو ماڻهو روزانو 5 ليٽر پيٽرول استعمال ڪندو هو، اهو اڳ تقريبن 1600 رپيا خرچ ڪندو هو، هاڻي اهو ئي خرچ وڌي 2300 رپين کان مٿي ٿي ويو آهي، مهيني جي حساب سان اهو اضافو هزارين رپين تائين پهچي ٿو، جيڪو عام ماڻهو لاءِ برداشت کان ٻاهر آهي. ڊيزل جي قيمت ۾ 184 رپين کان وڌيڪ اضافو خاص ڪري زراعت ۽ ٽرانسپورٽ لاءِ وڏو ڌڪ آهي. سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ جتي اڳ ئي هاري مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اتي هاڻي ٽريڪٽر هلائڻ، ٽيوب ويل هلائڻ ۽ فصل جي پوکي لاءِ خرچ ٻيڻو ٿي ويو آهي. نتيجي طور فصل مهانگو ٿيندو، اناج مهانگو ٿيندو ۽ آخرڪار ماني جو ڳاٽو به مهانگو ٿيندو.