مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مٽيءَ جا ماڻهو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

گهڻا سال اڳ سنڌ جي مشهور فزيشن مرحوم ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ جي ڪهاڻين جو مجموعو “مونجهارن ۾ ڦاٿل هڪ شخص” کي پڙهڻ جو موقعو مليو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي پيشي ۾ محنت، مشقت ۽ اورچائيءَ سان هلندي سنڌ جي سيڪريٽري صحت جي منصب تائين پهتو. پاڻ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو جي پرنسپال طور اهڙا غير رواجي واقعا يا ڪردار اکين آڏو ڏٺا، تن کي ڪهاڻين جي روپ ۾ آڻي ڪتاب جي شڪل ڏني، جنهن سان سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ به واڌ آئي. دراصل ڪهاڻي حقيقت مان جنم وٺي ٿي جنهن سان افسانو، ڊرامو ۽ ناول به لکجي ٿو، جن ۾ حالتن، واقعن ۽ ڪردارن ۾ ڦير ڦار ڪري پڙهندڙ ۽ ڏسندڙن لاءِ معلومات، حيرت ۽ دلچسپي پيدا ڪجي ٿي. ڊاڪٽر محمد صالح جي ان ڪتاب تي مهاڳ لکندي مهان ليکڪ، نقاد ۽ پارکو مرحوم علي احمد بروهي رقم طراز آهي ته: مرد کي خاص طور سنڌ ۾ عورتن مٿان ظلم ۽ ستم ڪرڻ جو کليل سبق مليل آهي. ممڪن آهي ته مرد جو هي وحشي پڻو سندس جاهليت جو سبب هجي يا وري سندس مغز ۾ اُٺ ويٺل هجي ته خدا عورت کي سندس رانديڪي طور خلقيو آهي، جنهن کي جڏهن ۽ سندس مَنُ چاهي ته جهٽ گهڙي کيڏي دل وندرائي اڇلائي يا ڀڃي ڇڏي. انسان جون جسماني خواهشون يا جنسي جذبا دراصل ماڻهو جا اصلي ۽ جاني دشمن آهن. جڏهن جنسي ارادن ۽ لاڙن جي همت افزائي يا پٺڀرائي ڪئي ٿي وڃي ته پوءِ اهي جذبا اسان جا حاڪم ٿي اسان مٿان حڪم ٿا هلائين. نيٺ قصور ڪنهن جو آهي؟ هن قسم جي افسوسناڪ واقعن ۽ وارداتن لاءِ جوابدار ڪير آهي؟ ڏوهي فرد آهي، سرڪار آهي يا سماج؟ آخر ڪٿي ته وڃي ڳجهارت جو پاهو ملندو؟ يا قصو ٻارهو ئي ايئن پيو هلندو جيئن هلي رهيو آهي. هر ماڻهو سان شيطان به ٻيلهه آهي ئي آهي. سڌريل ملڪن ۾ هراسمينٽ جي واقعن تي ڪڙي نگاهه رکي وڃي ٿي، ترت تدارڪ ٿيڻ ڪري عام ماڻهن واري لاڙن کي لغام اچي ٿو وڃي. اهڙيءَ طرح پروفيسر محمد لائق زرداري پنهنجي ڪتاب “ڪيم روح رهاڻ” ۾ حقيقتون بيان ڪيون آهن جن کي پڙهڻ سان اسان والدين کي سنجيدگيءَ سان سوچڻ، سمجهڻ ۽ عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان جو فرض بڻجي ٿو ته پنهنجي ٻارن جي اسڪول، ڪاليج ۾ سندن علمي ڪارڪردگي، دوستي، سماجي تعلقات جي جاچ پڙتال ڪندا رهون ۽ کين سندن تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ ناگوار واقعن بابت والدين کي آگاهي ڏيڻ جي تلقين ڪيون. هڪ دفعي منهنجي ننڍپڻ جي دوست جيڪو ڪنهن سرڪاري اداري ۾ سٺي منصب تي ڪم ڪندو هو، پنهنجي ڌيءَ سان گڏ منهنجي آفيس ۾ آيو، خير صلح جو احوال ڪرڻ بعد هن پنهنجي ڌيءَ جي آخري سيميسٽر جو اوريجنل مارڪ شيٽ مون کي ڏنو جنهن ۾ صرف هڪ سبجيڪٽ ۾ سندس ڌيءَ کي غيرحاضر ڄاڻائي فيل ڪيو ويو هو. منهنجي پڇا بعد سندس ڌيءَ ٻڌايو ته هوءَ سڀني سبجيڪٽن جي پيپرن ۾ باقائده حاضر رهي آهي ۽ مذڪوره Absent ڪيل پيپر به سٺو ڪيو آهي، پر لاڳاپيل سبجيڪٽ ٽيچر هرو ڀرو ايئن ڪيو آهي، ڇو ته آئون سندس نيت کي سمجهان ٿي ته هو گندي ذهنيت جو ماڻهو آهي. مون ان Student کي چيو ته اوهان پنهنجي ان مامري بابت سبجيڪٽ ٽيچر سان مليا آهيو؟ هن ٻڌايو ته آئون کيس ملي اهو چيو هو ته سر اوهان مون کي پيپر ۾ حاضر هوندي به Absent ڄاڻائي فيل ڊڪليئر ڪيو آهي، مهرباني ڪري ان مسئلي کي حل ڪيو ته هن شيطاني مسڪراهٽ سان چيو ته تون ڪجهه ٽائيم ڏي ته آفيس ۾ ويهي ان جو حل ڪڍون. مون بابا کي اها ڳالهه ٻڌائي ته هن اوهان وٽ هلي اچي صلاح مصلحت ڪرڻ جو چيو. جيئن ته هي مسئلو منهنجي ڀر پاسي ۾ قائم ٿيل يونيورسٽي سان لاڳاپيل هو. منهنجي دماغ ۾ هڪ خيال آيو ته منهنجي آفيس ۾ هڪ ملازم سنڌي پٺاڻ هو ۽ سندس مائٽ ان يونيورسٽي جو ڪنٽرول هو. آئون انهيءَ ملازم سان ساڳيو سربستو احوال ڪيو ته جيئن هو پنهنجي مائٽ ڪنٽرولر کي ٻڌائي ته مسئلي جو حل ڪڍرائي ڏئي ۽ اهڙي طرح هو پنهنجي مائٽ ڪنٽرولر سان ملي ساڳي حقيقت بيان ڪئي.
ڪنٽرولر صاحب سيڪريٽريٽ برانچ مان Student جتي امتحاني حاضري شيٽ گهرائي جنهن ۾ Student حاضر ڄاڻايل هئي ۽ ان جي Signature به ٿيل هئي. ڪنٽرولر صاحب پاڻ به پروفيسر ۽ پي ايڇ ڊي هو. هن فون تي لاڳاپيل سبجيڪٽ ٽيچر سان ڳالهايو. پوءِ ڇا ٿيو؟
ٻئي ڏينهن تي مون وٽ فريش مارڪ شيٽ پهچي وئي جنهن ۾ Student کي Present هجڻ سان پاس ڊڪليئر ڪيل هو. مون پنهنجي دوست کي فريش مارڪ شيٽ حوالي ڪئي جنهن ڪري هو پاڻ، سندس زال ۽ ڌيءَ مون کي بيشمار دعائن سان نوازيو. (الحمدلله). منهنجي ڊپارٽمينٽ جي هڪ شاگردياڻي جنهن جي ڏيٺ ويٺ پنهنجي بزرگ جي معرفت ٿي هئي، تنهن مون کي ٻڌايو ته هڪ پروفيسر ساڻس شادي ڪرڻ جو پروپوزل ڏنو آهي، جيڪو اڳ ۾ شادي شده به آهي، پر مون کيس انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ اها ڳالهه مون پنهنجي والدين کي ٻڌائي، جن ساڳي ڳالهه اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ تاڪيد ڪئي آهي. تڏهن مون کي ساجد سومرو جي ڪتاب “ڪيمپس، رولاڪي ۽ ڄامشورو” ۾ تحرير ٿيل ڪجهه سٽون ياد آيون ته: مون ڪيمپس ۾ ڪي پروفيسر حضرات اهڙا به ڏٺا جيڪي پنهنجي گهريلو زندگيءَ ۾ خوشيءَ جا بهانا ٺاهي ڇوڪرين جون همدرديون حاصل ڪندا هئا (بعد ۾ انهن پنهنجين شاگردياڻين سان شاديون به ڪيون) ۽ جڏهن ٻي طرح سان ڇوڪرين جو قرب حاصل نه ڪري سگهندا هئا ته پوءِ کين ڌيءَ يا ڀيڻ بڻائيندا هئا. هونئن به مرد جي اها فطرت رهي آهي ته هو جڏهن عورت کي ٻي طرح حاصل نه ڪري سگهندو آهي ته پوءِ هن کي ڌيءَ يا ڀيڻ بڻائي ان جو قرب حاصل ڪندو آهي. ڳچ عرصو پنهنجي يونيورسٽي جي ملازمت دوران ڪنهن ڊپارٽمينٽ ۾ آخري سيميسٽر جي Student ايڪسٽرنل سسٽم موجب ايڪسٽرنل وٽان مناسب مارڪون حاصل ڪري چڪي هئي جڏهن ته سندس سبجيڪٽ ٽيچر انٽرنل جي حيثيت ۾ Student جون مارڪس گهٽائي ڇڏيون جنهن نتيجي ۾ هوءَ فيل ڊڪليئر ڪئي وئي. ان اسٽوڊنٽ ايگزامنيشن ڊپارٽمينٽ سان رابطو ڪيو جن کيس هڪ درخواست سان گڏ گهربل 6 (ڇهه) مارڪن کي حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي چالان ذريعي فيس ادا ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ ان پراسيس ذريعي هوءَ پاس ڊڪليئر ڪئي وئي ۽ ڪنووڪيشن ۾ ڊگري به حاصل ڪئي. با خبر ذريعن موجب ان سبجيڪٽ ٽيچر جي نيت ۾ فطور هو، جنهن بابت هن پنهنجي والدين کي ڄاڻ ڏئي ڇڏي هئي جنهن ۾ سيبتائي ۽ دور انديشي کان ڪم ورتو ويو. ماضيءَ ۾ ساڳي يونيورسٽي ۾ فيميل ٽيچر جو به مثال آهي ته هوءَ دبنگ خاندان جي اسٽوڊنٽس سان همدردي جتائيندي هئي. سندن گهر وڃي ماني ٽڪي کائي، تحفا تحائف وٺي پنهنجائپ جو تعلق پيدا ڪندي هئي. سندس ڊپارٽمينٽ جي ڪنهن اسٽوڊنٽ پنهنجي فيميل ڪلاس فيلو سان شادي ڪرڻ جو چاهه ڏيکاريو ته هوءَ ان ڇوڪريءَ جي مائٽن وٽ رشتو کڻي وئي جتان کيس انڪار نصيب ٿيو. نتيجي ۾ ان ٽيچر ضد ۾ اچي انهيءَ ڇوڪريءَ کي مختلف بهانن ذريعي تنگ ڪيو. شڪر آهي ته ان ڇوڪريءَ جو پيءُ ڪنهن سرڪاري کاتي جو چڱو مڙس هو تنهن وي سي صاحب سان ڳالهائي ان مامري کي ختم ڪيو. هڪ مقامي اخبار جي ڪالم نويس “جاڙو جمعدار” ان فيميل ٽيچر جي ان عمل کي پنهنجي ڪالم ذريعي وائکو ڪيو. استادن جي ايسوسئيشن ساڳي اخبار جي مالڪ کي لکت ۾ دانهن ڏئي آئنده لاءِ يونيورسٽي جي عظمت کي ڇيهو رسائيندڙ ڪالم نويس کي منع ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي هئي. ٿورا سال گذريا آهن ته ان يونيورسٽي ۾ هڪ اهڙي پروفيسر کي پوسٽ گريجوئيٽ ڊپارٽمينٽ جي انچارج ٿيڻ جي ذميداري ڏني وئي هئي، جتي هن پنهنجي منصب سان زيادتي ڪئي جنهن سبب کيس هٽايو ويو ۽ وري ڪجهه سالن ۾ کيس فيڪلٽي جي ڊين شپ جي ذميداري سونپي وئي آهي ۽ سندس فيڪلٽي جي هڪ استاد ماسٽرس ڪرڻ واري شاگردياڻي پاران هراسمينٽ جو الزام لڳو آهي جيڪو هراسمينٽ ڪميٽي جي وس مان نڪري صوبائي محتسب وٽ انڪوائري لاءِ ڏنل آهي. استادن جي ايسوسئيشن پنهنجي پٽي ڀائي جو بچاءُ ڪندي خوب نڀايو آهي، پر اهو به سوچڻ گهرجي ته ماڻهو غلطيءَ جو پتلو آهي ۽ پڇتاءُ به فطري عمل آهي، پاڻ ۾ گڏجي غصو درگذرڻ ڪرڻ، اندر ۾ احتسابي عمل ڪرڻ جي به ضرورت آهي. ساڳي يونيورسٽي جي پروفيسر محمد جڙيل سانگي جي سوشل ميڊيا تي ڪالم موجب ته: مان به جنهن استاد وٽ آخر ۾ رجسٽريشن ورتي اهو منهنجو جونيئر هوندي به رڳو ڇوڪرين کي ٽائيم ڏيندو هو ۽ مون کي ساڳي آفيس ۾ ويهندي مهيني ۾ هڪ دفعو به مشڪل سان ٽائيم ڏيندو هو. پوءِ سوچيندو هئس ته ڪاش مان به ڇوڪري هجان ها ته اڄ مان به ڊاڪٽر سڏجان ها، پر اهڙي قسمت نه ٿي. نوجوان ليکڪ ساجد سومرو پنهنجي ڪتاب “ڪيمپس، رولاڪي ۽ ڄامشورو” ۾ رقم طراز آهي ته: يونيورسٽيون ڄڻ شعور جو قتل گاهه ٿي پيون آهن جتي بيدرديءَ سان رڳو علم ۽ ڏاهپ جو ڪوس ڪيو وڃي ٿو، معصوم جانين جو شڪار حڪمرانن ۽ سياستدانن جو محبوب مشغلو آهي. شاگرد ڪافي عرصو پڙهي ٿو، پيءُ ماءُ خوبصورت خواب ڏسن ٿا، پر تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ نوجوان بيڪار گهمندي ڇا ٿو محسوس ڪري؟
مٽيءَ جا ماڻهو آهيون، پر رب پاڪ جي عطا ڪيل پنهنجي عقل، فهم ۽ ڏاهپ سان ملڪ ۽ قوم ۾ بهتري آڻي سگهون ٿا ۽ ان جو مثال ماضيءَ جا علما، مشائخ ۽ استاد رهيا آهن.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو