پينشن ڪٽوتيون ۽ رٽائرمينٽ تعليمي ادارن لاءِ نئون مسئلو
Javed Sehwani
ڪالم نگار
اڄڪلھه سنڌ جي تعليمي نظام ۾ هڪ اهم ۽ ڳڻتي جوڳي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، جتي پينشن ۾ امڪاني ڪٽوتين ۽ مستقبل جي مالي تحفظ بابت خدشن سبب مختلف ڪيڊرن سان تعلق رکندڙ ڪيترائي استاد، هيڊ ماستر ۽ تعليمي عملدار وقت کان اڳ رٽائرمينٽ لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ لڳا آهن. ھيءَ سنگين صورتحال نه رڳو ملازمن جي ذاتي مستقبل يا مالي معاملن تائين محدود نه رهندي، پر ان جا اثر سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح سنڌ جي تعليمي ادارن، شاگردن ۽ مڪمل طور تي تعليمي معيار تي پڻ پوندا. ڇو ته ڪنهن به تعليمي اداري جي اصل سڃاڻپ ان جا تجربيڪار استاد هوندا آهن. سالن جي محنت، تدريسي تجربو، شاگردن سان بهتر لاڳاپا، انتظامي صلاحيتون ۽ تعليمي معاملن جي ڄاڻ هڪ استاد کي وقت سان گڏ وڌيڪ ڪارائتو ۽ مفيد بڻائيندي آهي.
جيڪڏهن پينشن ڪٽوتين بابت خدشن سبب تجربيڪار استاد وڏي انگ ۾ وقت کان اڳ رٽائرمينٽ اختيار ڪندا ته تعليمي ادارن ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيڻ جو خطرو لاحق آهي. نوجوان استاد يقينن تعليم جي ميدان ۾ مستقبل جي معمارن لاءِ علم جي روشنيءَ جو آسرو آهن، پر تجربيڪار استادن وٽ رهنمائي، تربيت ۽ عملي ڄاڻ جو ڪوبه متبادل آسانيءَ سان پيدا نٿو ٿي سگهي!
ڪيترن ئي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اهڙا به سينيئر استاد موجود آهن جيڪي صرف پنهنجي ڪلاس روم تائين محدود ناهن، پر اسڪول جي نظم ۽ ضبط، شاگردن جي حاضري، غير نصابي سرگرمين، امتحاني نظام جي جوڙجڪ، شاگردن جي رهنمائي، ٽائيم ٽيبل ۽ ٻين انتظامي معاملن کي به بهتر نموني هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا. هيڊ ماستر ۽ سينيئر استادن جي رٽائرمينٽ سان اهڙن ادارن ۾ انتظامي ۽ تدريسي تسلسل متاثر ٿيڻ جو شديد امڪان آهي. خاص طور تي ٻهراڙيءَ جي اسڪولن ۾ جتي اڳ ئي مضمونن جي ماهر استادن جي کوٽ محسوس ڪئي پئي وڃي ۽ اتي وري تجربيڪار استادن جي وڏي انگ ۾ رٽائرمينٽ صورتحال کي وڌيڪ ڏکيو بڻائيندي…! حڪومتِ سنڌ خاص طور تي تعليم کاتي کي گهرجي ته استادن ۽ ٻين سرڪاري ملازمن جي پينشن بابت پيدا ٿيل خدشن کي سنجيدگيءَ سان ڏسن، ان سان پيش ايندڙ نقصان تي پڻ غور ڪن. ملازمن کي سندن مستقبل بابت واضح پاليسي، قانوني تحفظ ۽ اعتماد ۾ ورتو وڃي ته جيئن هو ڪنهن غير يقيني صورتحال سبب پنهنجون خدمتون ۽ مشقتون وقت کان اڳ ختم ڪرڻ تي مجبور نه ٿين!
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پينشن سڌارن بابت ملازمن جي نمائنده تنظيمن خاص طور تي سپلا، اپوا، گسٽا، پ ٽ الف ۽ ٻين تنظيمن کي پڻ جدوجهد ڪرڻ کپي ۽ حڪومتي نمائندن ۽ تعليم جي هڏ ڏوکين سان بامقصد مشاورت ڪئي وڃي ۽ اهڙو حل ڪڍيو وڃي جيڪو سرڪاري خزاني جي ذميوارين سان گڏ ملازمن جي جائز خدشن کي به نظر ۾ رکي سگهي. هڪ استاد صرف نوڪري نٿو ڪري، پر هو ڪيترن نسلن جي تربيت ۽ رهنمائي ڪري ٿو. سندس ڪيترن ئي سالن جو تجربو، محنت ۽ شاگردن جي ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ڪنهن به اداري جو قيمتي سرمايو هوندو آهي. وقت کان اڳ سندن رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪنهن ملازم لاءِ ذاتي طور تي مناسب ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن اهڙا فيصلا وڏي پيماني تي ٿين ٿا ته ان جا اجتماعي اثر سڄي تعليمي نظام تي پئجي سگهن ٿا. اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته استادن جي مالي تحفظ ۽ تعليمي ادارن جي مستقبل کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون نه رکيو وڃي، بلڪه ٻنهي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ سنجيده ۽ ضروري قدم کنيا وڃن. ڇو ته اسڪولن جون عمارتون، فرنيچر ۽ ٻيون سهولتون ته ٻيهر مهيا ڪري سگهجن ٿيون، پر سالن جي تجربي، تعليمي شعور ۽ نسلن جي تربيت ڪندڙ سينيئر استادن جي کوٽ آسانيءَ سان پوري نٿي ڪري سگهجي. استادن جو تحفظ، تعليمي نظام جو تحفظ آهي ۽ قوم جي مستقبل جو تحفظ آهي. ان ڪري وقت جي حڪمرانن کي ان اهم مسئلي بابت حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن درس ۽ تدريس جو سلسلو متاثر نه ٿئي ۽ مستقبل جا معمار علم جهڙي دولت جي محرومي کان محفوظ رهي سگهن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟