ھن وقت سڄي مُلڪ ۾ وفاقي بجيٽ ۽ صوبائي بجيٽ بحث هيٺ آھي. ھرڪو ماڻھو پريشان ۽ مايوس آھي. مُلڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري عام آھي. ھر طبقو پريشان آھي. اسين جيڪي سنڌ واسي آھيون اھي صرف سڄي ملڪ جي نااھل ۽ جي حضوري نمائندن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل آھيون. ڪِٿي به توھان کي سنڌ جو نالو گهٽ نظر ايندو، صرف ۽ صرف ڪراچي، ڪراچيءَ لاءِ ھاءِ گهوڙا گهڻي آھي. وفاقي بجيٽ ۾ رڳو اھو چيو پيو وڃي ته ڪراچيءَ لاءِ خاص پئڪيج آھي! ڇا وفاق فيصلو ڪري ڇڏيو آھي ته ڪراچي سنڌ کان ڌار آھي؟ تنھنڪري صرف ۽ صرف ڪراچيءَ لاءِ بجيٽ ۾ خصوصي حصو رکيو ويو آھي! جنهن جي اسان کي تمام گهڻي خوشي آهي ته سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ جي لاءِ بجيٽ رکيو ويو آهي، پر سنڌ جي ٻين شهرن لاءِ ڇا آھي؟؟ وري اسان جي سنڌ جي بجيٽ ڏسو ته رڳو ڪراچيءَ لاءِ ڇا رکيو ويو آھي؟ باقي سنڌ ۾ رھندڙ سنڌي ڍور ۽ ڍڳا آھن! جن کي ڪا زبان ناھي! سنڌ مان چونڊيل نمائندن کي ڄڻ نانگ ٿو کائي؟