پاڪستان جو اقتدار، بيٺڪيتي وراثت ۽ جاگيرداراڻو نظام
پاڪستان جي موجوده سياسي، انتظام ۽ سماجي سڃاڻپ کي درست نموني سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته صرف 1947ع کان هن جو جائزو وٺڻ مناسب نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هن پاڙون برطانوي بيٺڪيتي دور ۾ کتل آهن، جڏهن هندستان ۾ هڪ اهڙو انتظامي ۽ سياسي نظام جوڙيو ويو، جنهن جو بنيادي مقصد ئي عوام جي خدمت نه بلڪه برطانوي سلطنت جي، پر مفادن جو تحفظ، ٽيڪسن جي وصولي ۽ گهٽ کان گهٽ خرچن ۾ وڌ کان وڌ ڪنٽرول قائم رکڻو هو. پاڪستان جي قيام کانپوءِ جيتوڻيڪ پاڪستان هڪ نئين جهنڊي ۽ آئين سان گڏ سفر جي شروعات ڪئي، ليڪن رياستي ادارن جو بنيادي ڍانچو وڏي حد تائين ساڳيو ئي رهيو، جيڪو برطانوي راڄ پنهنجي پٺيان ڇڏي ويو هو. حالانڪه وقت سان گڏوگڏ انهن ادارن نئين شڪل ته اختيار ڪئي، مگر سندن روح ۾ بيٺڪيتي اثر اوتيل رهيا.
برطانوي راڄ ۽ جاگيرداري جي مضبوطي: عام تاثر اهو آهي ته جاگيرداري مڪمل طور تي برطانوي دور جي پيداوار هئي، پر حقيقت ان کان ڪجھه مختلف آهي. پنجاب، سنڌ ۽ ٻين علائقن ۾ مختلف صورتن ۾ زميني اشرافيه اڳ ئي موجود هئي، پر برطانوي حڪومت انهيءَ نظام کي ختم ڪرڻ جي بجاءِ انهيءَ کي پنهنجن سياسي مفادن جي مطابق قانوني ۽ انتظامي تحفظ ميسر ڪيو. برطانوي حڪمرانن جو اصل مقصد باقاعدي لينڊ روينيو وصول ڪرڻ، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ امن برقرار رکڻ ۽ مقامي سطح تي هڪ وفادار طبقو پيدا ڪرڻ هو ۽ انهيءَ مقصد جي لاءِ هنن زميندارن، سردارن ۽ اثر وارن خاندانن کي پاڻ سان گڏايو. جڏهن 1857ع جي آزادي واري جنگ لڳي ته انهيءَ کانپوءِ اها پاليسي اڃان به وڌيڪ مضبوط ٿي وئي، جن خاندانن برطانوي حڪومت جو ساٿ ڏنو، انهن کي جاگيرون، لقب ۽ خاص سهولتون ڏنيون ويون ۽ ائين نام نهاد جاگيردار صرف زمين جا مالڪ نه رهيا، بلڪه بيٺڪيتي اقتدار جا مقامي نمائندا پڻ بڻجي ويا.
پنجاب ۾ نئين زميندار اشرافيه: پنجاب ۾ برطانوي حڪومت (Mahalwari) نظام نافذ ڪيو، جنهن ۾ سمورو ڳوٺ يا خاندان گڏيل طور تي محصول جو ذميوار هو. ان کانپوءِ سڀ کان وڏي تبديلي (Canal Colonies) جي صورت ۾ آئي. اوڻيهين صدي جي پچاڙي کان وٺي ڪري ويهين صدي جي وچ تائين پنجاب جي ڪشادن برپٽ وارن علائقن کي واٽر ڪورسن جي وسيلي پوکي جي لائق بڻايو ويو. اهي زمينون صرف عام هارين ۾ نه ورهايون ويون، بلڪه برطانوي حڪومت جي وفادار خاندانن، فوجي آفيسرن، وڏي زميندار اشرافيه ۽ قبائلي سردارن کي هزارين ايڪڙ زمين ڏني وئي. ان پاليسيءَ پنجاب ۾ هڪ اهڙي نئين زميندار اشرافيه پيدا ڪئي جيڪا بعد ۾ پاڪستان جي سياست، بيوروڪريسي ۽ فوج سان ڳوڙها تعلقات استوار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي.
سنڌ ۾ جاگيرداري جي قانوني حيثيت: سنڌ ۾ ٽالپر دور کان جاگيرداري جو نظام موجود هو. 1843ع ۾ سنڌ تي قبضي کانپوءِ جنرل چارلس نيپيئر انهن جاگيردارن کي انهن زمينن تي برقرار رکيو، جيڪي نئين حڪومت جا وفادار بڻجي ويا.
هوريان هوريان، جاگيردار قانوني مالڪ ٿيا، هاري محض پورهيت يا Tenant-at-Will بڻجي ويا. زمين جي ملڪيت وڌيڪ ڪجھه خاندانن تائين محدود ٿيندي هلي وئي. ان جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ جاگيرداري اڳ کان به وڌيڪ مضبوط ٿي وئي.
برطانوي قانون ۽ زميني ڪنٽرول: برطانوي حڪومت ڪيترن ئي قانونن جي وسيلي ان سموري نظام کي قانوني بنياد ميسر ڪئي. ان ۾ سڀ کان چٽو Punjab Alienation of Land Act 1900 هو، نهن جو مقصد زرعي زمين کي غير زرعي طبقن، خاص ڪري شاهوڪارن، جي هٿان منتقل ٿيڻ کان روڪڻ هو. جيتوڻيڪ ان قانون هارين کي ڪنهن حد تائين تحفظ ڏنو، ليڪن عملي طور تي ان کان موجوده طبقو وڌيڪ مضبوط ٿي ويو. انهيءَ ريت لينڊ سيٽلمينٽ، رڪارڊ آف رائٽس ۽ باقاعده ماپ جي نظام زمين جي نجي ملڪيت کي انوني شڪل ڏني، جنهن جو وڌ کان وڌ فائدو وڏن مالڪن کي مليو.
آزادي کانپوءِ ڇا بدليو؟: 1947ع ۾ آزادي کانپوءِ هڪ نئين رياست ضرور قائم ٿي، مگر رياستي ادارن جا بنياد اٽڪل ساڳيا ئي رهيا.
بيوروڪريسي: برطانوي دور جي انڊين سول سروس (ICS) کي “اسپيشل فريم” سڏيو ويندو هو. ان جو مقصد عوامي خدمت نه بلڪه حڪومت جي رٽ بررار رکڻ هو. پاڪستان انهيءَ نظام کي بعد ۾ (CSP) ۽ پوءِ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس (PAS) جي شڪل ۾ جاري رکيو.
اڄ به ان نظام ۾ انگريز جي برتري، سخت درجابندي، “صاحب ڪلچر” ۽ عوام جي بجاءِ رياستي اقتدار تي زور، ڪنهن نه ڪنهن حد تائين بيٺڪيتي وراثت جي ياد ڏيارين ٿا.
فوج جي طاقت ڪيئن وڌي؟ برطانوي دور ۾ “مارشل ريس” جي نظريي جي تحت پنجاب ۽ اترين مغربي علائقي کان وڏي انگ ۾ فوجي ڀرتي ڪيا ويندا هئا.
آزادي کانپوءِ پاڪستاني فوج ساڳيو ئي تنظيمي ڍانچو ۽ پيشيوراڻي روايت ورثي ۾ ملي. شروعاتي سالن ۾ سياسي قيادت ڪمزور هئي، جڏهن ته فوج ۽ بيورو ڪريسي مضبوط ادارا هئا. 1948ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي وفات ۽ 1951ع ۾ وزيراعظم لياقت علي جي قتل کانپوءِ طاقت جو توازن وڌيڪ تبديل ٿيندو ويو. 1958ع ۾ جنرل ايوب خان پهرين مارشل لا نافذ ڪئي، جنهن کانپوءِ جنرل ضياءُ الحق (1977)، جنرل پرويز مشرف (1999) به سڌو سنئون اقتدار سنڀاليو. مجموعي طور تي پاڪستان اٽڪل ٽن ڏهائين کان وڌيڪ عرصو سڌو سنئون فوجي حڪمراني جو رهيو.
اسٽيبلشمينٽ ڇا آهي؟: پاڪستان ۾ “اسٽيبلشمينٽ” کان مراد صرف فوج ناهي، بلڪه هڪ ڪشادو اداره جاتي نيٽ ورڪ آهي، جنهن ۾ عام طور تي شامل سمجهيا وڃن ٿا. فوج، انٽيليجنس، اعليٰ بيورو ڪريسي، رياستي ڍانچي جا ڪي ٻيا ادارا ۽ ڪو وقت ميڊيا، عدليه يا ڪاروباري ڌرين جا اهڙا فرد جيڪي رياستي طاقت جي مرڪزن سان ويجهڙا لاڳاپا رکندا هجن. سياسيات جي ڪيترن ئي ماهرن جي مطابق اهو هڪ اهڙو طاقتور اداره جاتي اتحاد آهي جيڪو قومي سلامتي، دفاع، پرڏيهي پاليسي ۽ ڪن اهم فيصلن ۾ چٽو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.
هائبرڊ نظام: 2008 کانپوءِ پاڪستان ۾ سڌو سنئون مارشل لا جي بجاءِ اڪثر مبصرن هڪ “هائبرڊ نظام” جو اصطلاح استعمال ڪيو، جنهن ۾ چونڊيل حڪومتون موجود رهن ٿيون، ليڪن ڪن اهم شعبن ۾ طاقتور رياستي ادارن جو اثر و رسوخ برقرار رهي ٿو. ان تصور تي مختلف ماهرن، سياستدانن ۽ ادارن جي وچ ۾ اختلاف راءِ به موجود آهي، باوجود ان جي اهو اصطلاح پاڪستاني سياسي بحثن ۾ عام استعمال ٿيندو رهيو آهي.
جاگيردار، سياست ۽ اقتدار: برطانوي دور ۾ مضبوط ٿيڻ واري زميندار اشرافيه آزادي کانپوءِ به سياست ۾ غالب رهي. وڏا وڏا جاگيردار مختلف سياسي پارٽين ۾ شامل ٿيا، پارليامينٽ تائين پهتا، وزارتون سنڀاليائون ۽ مقامي سطح تي سماجي اثر و رسوخ برقرار رکيائون. انهيءَ سبب کان زمين جي اڻبرابري واري ورهاست، ڳوٺاڻي غربت ۽ سياسي جي مٽاسٽا اڄ به پاڪستان جي اهم سماجي و معاشي مسئلن ۾ شمار ٿئي ٿو.
ڇا صرف بيٺڪيتي وراثت جو ذميوار آهي؟: سموري ذميواري صرف برطانوي راڄ تي وجهي ڇڏڻ به درست نه ٿيندو. سياسي عدم استحڪام، ڪمزور جمهوري ادارا، خانداني سياست، بدعنواني، آئيني بحران، علاقائي جهڳڙا، ڀارت سان مسلسل ڇڪتاڻ، افغان جنگ ۽ اندروني سلامتي جي مسئلن به رياستي ادارن جي ڪردار کي متاثر ڪيو. يعني پاڪستان جو موجوده ڍانچو بيٺڪيتي ورهاست ۽ آزادي کانپوءِ مقامي سياسي فيصلن مقصد ته ٻنهي جو نتيجو آهي. پاڪستان جي موجوده رياستي سڃاڻپ کي سمجهڻ جي لاءِ جاگيرداري، بيٺڪيتي انتظاميه، فوج، بيوروڪريسي ۽ سياسي اشرافيه کي هڪٻئي کان الڳ ڪري نٿو ڏسي سگهجي.
برطانوي حڪومت مقامي اشرافيه کي پنهنجي اقتدار جو ٿنڀ بڻايو. جڏهن ته آزاديءَ کانپوءِ انهن ئي ادارن ۽ طبقن نئين قومي رياستي نظام ۾ پنهنجي حيثيت برقرار رکي. وقت سان گڏ انهن ۾ تبديليون ضرور آيون، مگر اقتدار جي ڏي وٺ، زمين جي اڻبرابري واري ورهاست ۽ مضبوط رياستي ادارن جو ڪردار اڄ به پاڪستاني سياست ۽ معاشري تي ڳوڙها اثر مرتب ڪندو رهي ٿو. تاريخ جو مطالعو اهوئي ٻڌائي ٿو ته ڪنهن به رياست جي مضبوطي صرف طاقتور ادارن کان نه، بلڪه مضبوط جمهوري روايتن، قانون جي حڪمراني، شفاف احتساب ۽ عوامي نمائندگي جي بهتر نظام سان لاڳاپيل هوندي آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟