مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان ۾ بک ۽ غذائي کوٽ جو وڌندڙ بحران

Ali Nawaz Rahimon ڪالم نگار، سوشل ورڪر

سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ. خاص طور تي ماحوليات، موسمي تبديلين ۽ ٻهراڙين ۾ پاڻي جي موضوع تي لکندڙ ليکڪ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪنهن به ملڪ جي معاشي استحڪام جو اندازو ان جي واڌ وارن انگن اکرن مان نه، پر عام ماڻهو جي زندگيءَ، غذائي کوٽ، طرز زندگي ۽ ان جي قوت خريد مان لڳائي سگهجي ٿو. 2026ع جي “عالمي بک انڊيڪس” جي رپورٽ مطابق پاڪستان 122 ملڪن مان 106هين نمبر تي آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ بک جي صورتحال کي سنگين قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ جي انگن اکرن موجب، پاڪستان جي 16.1 سيڪڙو آبادي غذائي کوٽ جو شڪار آهي، پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن 33.6 سيڪڙو ٻارن جي جسماني واڌ ويجهه متاثر ٿيل آهي، جڏهن ته 9.8 سيڪڙو ٻار پنهنجي قد جي لحاظ کان گهٽ وزن واري مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن. اهي انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته بک جو مسئلو رڳو خوراڪ جي کوٽ تائين محدود ناهي، پر اهو ٻارن جي صحت، انساني ترقي ۽ معاشي تحفظ سان لاڳاپيل هڪ اهم قومي چئلينج پڻ آهي. جيڪڏهن هڪ مزدور، هاري، سرڪاري ملازم، ننڍو واپاري يا روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙ ماڻهو پنهنجي آمدني سان پنهنجي گهر جون بنيادي ضرورتون آساني سان پوريون ڪري سگهي ٿو ته اها معيشت مضبوط سمجهي ويندي آهي، پر جڏهن ساڳيو ماڻهو روزانو بازار وڃي مايوس موٽي اچي، ٻارن جي تعليم، علاج، خوراڪ ۽ رهائش جا خرچ برداشت نه ڪري سگهي ته اها صورتحال رڳو مهانگائي نه، پر سماجي بحران جي نشاندهي ڪندي آهي. پاڪستان هن وقت اهڙي ئي هڪ ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، جتي مهانگائي هر گهٽي، هر بازار ۽ هر گهر جو سڀ کان وڏو مسئلو بڻجي چڪي آهي. گذريل ڪجهه سالن ۾ کاڌي پيتي جون شيون جن ۾ اٽو، کنڊ، گيهه، داليون، ڀاڄيون، گوشت، کير ۽ دوائن کان وٺي بجلي، گئس ۽ پيٽرول تائين هر شيءِ عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿيندي پئي وڃي. پگهاردار طبقي جو بجيٽ بگڙيو وڃي. نتيجي ۾ ڪيترن ئي خاندانن کي پنهنجا ضروري خرچ به گهٽائڻا پون ٿا. ڪيترائي والدين پنهنجي ٻارن جي خواهشن کي ته ٺهيو، پر سندن علاج ۽ تعليم جهڙين بنيادي ضرورتن تي به سمجهوتو ڪرڻ لاءِ مجبور آهن.
مهانگائي جو وڏو بار محدود آمدني واري تي پوي ٿو. مزدور جي اجرت ۾ جيڪڏهن ٿورو اضافو به ٿئي ٿو ته ساڳئي وقت شين جي قيمتن ۾ به واڌ اچي ٿي. نتيجي ۾ حقيقي آمدني گهٽجندي وڃي ٿي ۽ طرز زندگيءَ ۾ ڪوبه فرق نٿو پوي. ڪيترائي ماڻهو هڪ ئي نوڪري سان گهر جو خرچ هلائڻ کان قاصر آهن، تنهن ڪري اضافي ڪم يا قرض وٺڻ تي مجبور ٿين ٿا. اهڙي صورتحال نه صرف معاشي پريشاني، پر ذهني دٻاءُ ۾ پڻ اضافو ڪري ٿي. مهانگائي جا سبب گهڻ رخا آهن. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ، درآمدي شين تي وڌندڙ انحصار، قومي ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي، توانائي جي وڌندڙ لاڳت، پيداوار ۾ سستي ۽ آباديءَ ۾ تيزي سان واڌ جهڙا عنصر قيمتن تي سڌو اثر وجهن ٿا. ٻئي طرف ملڪ اندر ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري، مارڪيٽن جي ڪمزور نگراني ۽ پاليسين تي مڪمل عملدرآمد نه ٿيڻ به مهانگائي کي وڌيڪ وڌائين ٿا. مارڪيٽن ۾ نگرانيءَ جو نظام نه هجڻ جي ڪري ناجائز منافعو ڪمايو وڃي ٿو. سنڌ زرعي صوبو هوندي به غذائي بحران جو شڪار آهي، جنهن جو مطلب آهي ته صوبو غلط پاليسين تحت هلي رهيو آهي. هاريءَ کي فصل جي صحيح قيمت نٿي ملي، جڏهن ته وچ وارو ماڻهو ۽ ذخيرا اندوز واپاري ٻيڻو ٽيڻو منافعو حاصل ڪن ٿا، ان جو ڏوهاري نظام آهي. جيڪڏهن زرعي پاليسين ۾ سڌارا آندا وڃن، هارين کي سستو ڀاڻ، ٻج، پاڻي ۽ بجلي فراهم ڪيو وڃي ۽ زرعي پيداوار کي سڌو مارڪيٽ تائين پهچائڻ جا وسيلا وڌايا وڃن ته نه رڳو هاري خوشحال ٿيندو، پر عام ماڻهو کي به مناسب اگهه تي خوراڪ ملي سگهندي. ننڍا واپاري ۽ صنعتڪار پڻ وڌندڙ مهانگائي کان سخت متاثر آهن. ڪچي مال جي قيمت وڌڻ، بجلي ۽ ٻارڻ جي مهانگي ٿيڻ سبب پيداواري خرچ وڌن ٿا. جنهن جي نتيجي ۾ پيداوار جو استعمال ڪندڙ ڀوڳي ٿو. مهانگائي ۽ بيروزگاري هڪ ٻئي کي وڌيڪ طاقتور بڻائين ٿا، جنهن سان معاشي چڪر وڌيڪ پيچيده ٿي وڃي ٿو. معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ملڪ ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ صرف قيمتون مقرر ڪرڻ ڪافي ناهي، پر پيداوار وڌائڻ، برآمدات ۾ اضافو ڪرڻ، مقامي صنعتن کي هٿي ڏيڻ، ٽيڪس نظام کي منصفاڻو بڻائڻ ۽ مالي نظم و ضبط قائم رکڻ ضروري هوندو آهي. جڏهن قومي معيشت مضبوط ٿيندي ته ان جا فائدا عام ماڻهو تائين به پهچندا. عارضي رليف واريون پاليسيون مسئلي جو حل ناهن. اڄ عام ماڻهو جي سڀ کان وڏي خواهش ڪا آسائش نه، پر صرف اها آهي ته سندس آمدني سان سندس گهر جو چلهو عزت سان ٻري سگهي ۽ پنهنجي گهر جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سگهي. ڪنهن به رياست جي ڪاميابي جو اصل معيار به اهوئي هوندو آهي ته اها پنهنجي شهرين کي باوقار زندگي فراهم ڪري سگهي. اهڙي صورتحال ۾ ڊگهي مدي تائين معيشت کي مضبوط ڪرڻ وارين پاليسين جي ضرورت آهي. زرعي پيداوار وڌائڻ، صنعتن کي سهولتون ڏيڻ، ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جي همت افزائي ڪرڻ، برآمدات ۾ اضافو آڻڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آڻڻ جهڙا قدم مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافعي خورن خلاف بنا ڪنهن فرق جي احتسابي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. گڏوگڏ امدادي پروگرام جي نگراني مضبوط ٿيڻ گهرجي ته جيئن انهن مان ضرورت مند عوام کي فائدو ملي سگهي.
ٻار ۽ عورتون سڀ کان وڌيڪ غذائي کوٽ جو شڪار ٿين ٿا. ٻارن کي مناسب خوراڪ نه ملڻ سبب سندن جسماني واڌ ويجهه، بيمارين سان مقابلي جي صلاحيت ۽ سندن سکڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت تي ناڪاري اثر پون ٿا. ساڳئي طرح، حاملا ۽ ٻار کي ٿڃ پياريندڙ عورتن لاءِ مناسب خوراڪ جي کوٽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي. مطلب ته غذائي کوٽ کي رڳو غربت جو نتيجو نه، بلڪه ان کي عوامي صحت ۽ انساني ترقيءَ جي هڪ اهم مسئلي طور ڏسڻ گهرجي. موسمياتي تبديليون به ملڪ ۾ خوراڪ جي بحران کي پيچيده بڻائي رهيون آهن. ٻوڏن ۽ ماحولياتي تبديلين جي ڪري غير يقيني صورتحال سبب زرعي پيداوار، مالوند ماڻهن جي گذر سفر ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي معيشت متاثر ٿئي ٿي. خاص طور تي سنڌ جي ٿرپارڪر ۽ ٻين پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ غريب خاندانن لاءِ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي پوي ٿو. جنهن ۾ انسانن سان گڏوگڏ چوپايو مال متاثر ٿئي ٿو. جڏهن هڪ عام ماڻهوءَ جي آمدنيءَ جو وڏو حصو صرف خوراڪ تي خرچ ٿي وڃي ته هو ٻارن کي تعليم، علاج ۽ مستقبل لاءِ ڪابه پلاننگ نه ڪري سگهندو.
جتي ماڻهن جو هڪ وڏو حصو پيٽ ڀرڻ ۽ پنهنجي ٻارن لاءِ مناسب غذا مهيا ڪرڻ جي جدوجهد ۾ مصروف هجي؟ هن بحران مان نڪرڻ لاءِ رڳو امدادي سامان ورهائڻ ڪافي ناهي. حڪومت کي مهانگائيءَ تي ضابطو آڻڻ، روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ، گهٽ آمدني وارن خاندانن لاءِ سماجي تحفظ جا پروگرام وڌيڪ اثرائتا بنائڻ ۽ خوراڪ جي فراهميءَ واري نظام کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. بک جو خاتمو رڳو خوراڪ فراهم ڪرڻ سان نه، پر هر خاندان جي معاشي سگهه يقيني بڻائڻ سان ممڪن آهي. هڪ صحتمند، خوشحال ۽ ترقي يافته پاڪستان جي تعمير تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ڪنهن به ٻار جو مستقبل، بک، غذائي کوٽ، صحت جي سهولتن جي کوٽ ۽ غربت جي ور نه چڙهي. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ هارين، مزدورن ۽ ننڍن واپارين کي معاشي ڦيٿي جو بنيادي حصو سمجهيو وڃي ٿو. جيڪڏهن انهن طبقن کي سستيون زرعي سهولتون، آسان قرض، مناسب مارڪيٽون ۽ ڪاروباري تحفظ فراهم نه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿيندي ۽ مهانگائيءَ جو اثر هر غريب ماڻهو جي زندگيءَ کي متاثر ڪندو، پر جيڪڏهن معيشت مضبوط ٿيندي ته ان جا مثبت اثر پوري معاشري تي پوندا. عوام جي به ذميواري آهي ته وسيلن جو درست استعمال ڪن، مقامي شين جي خريداري کي ترجيح ڏين ۽ ٽيڪس ادا ڪري معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪن. سياسي استحڪام لاءِ سڀني ڌرين کي گڏجي ويهڻ کپي، قومي مفاد کي اوليت ڏئي معاشي سڌارن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي. پاڪستان وٽ زرخيز زمينون، نوجوان آبادي، قدرتي وسيلا ۽ محنتي ماڻهو موجود آهن. جيڪڏهن انهن سڀني صلاحيتن کي ايمانداري، شفاف حڪمراني ۽ موثر منصوبابندي سان استعمال ڪيو وڃي ته ملڪ غذائي بحران مان نڪري اقتصادي ترقي جي نئين دور ۾ به داخل ٿي سگهي ٿو. اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته معاشي پاليسين جو مرڪز صرف انگ اکر نه، پر عام ماڻهو جي زندگي هجي. مهانگائي تي ضابطو آڻڻ صرف حڪومت جي ڪاميابي نه، پر سڄي قوم جي خوشحالي جي ضمانت هوندي. هارين کي سندن فصل جو مناسب اگهه ملندو ۽ عام ماڻهو کي زندگي جون بنيادي ضرورتون مناسب قيمتن تي دستياب ٿينديون ته حالتون تبديل ٿينديون. صرف بهتر پاليسين سان ملڪ کي مستحڪم، خوشحال ۽ مضبوط معيشت ڏانهن وٺي وڃڻ ممڪن بڻجي سگهندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو