پاڪستان جي ترقي نوان صوبا يا فرسوده سماجي ۽ معاشي نظام جي تبديلي؟
Tufail Magsi
ڪالم نگار
پاڪستان اڄ جن سياسي، معاشي، سماجي ۽ ثقافتي مسئلن جو شڪار آهي، انهن جو حل محض انتظامي ڪمزوريون يا صوبن جي وڏي انگ ۾ موجود ناهي. انهن مسئلن جون پاڙون ننڍي کنڊ جي بيٺڪيتي نظام، تاريخ، فرسوده جاگيرداراڻن رشتن، قبائلي سرداري نظام، اڻبرابري واري معاشي ڍانچي، ڪمزور صنعتي بنياد ۽ تعليم جي محدود موقعن ۾ کتل آهي. پاڪستان ۾ جڏهن به انتظامي مسئلن، وسيلن جي اڻبرابري واري ورڇ يا پٺتي پيل علائقن جي ترقي جو سوال اٿي ٿو ته نون صوبن ٺاهڻ جي رٿ سامهون اچي ٿي ۽ انهيءَ رٿ جي حامين جو موقف آهي ته ننڍن صوبن جي قيام سان انتظامي مامرا بهتر ٿيندا، مقامي آبادي کي اقتدار ۾ وڌيڪ نمائندگي ملندي ۽ ترقياتي وسيلن جي ورڇ ۾ توازن پيدا ٿيندو، ان موقف ۾ ڪي ويچار جي لائق پاسا يا رخ موجود آهن، پر بنيادي سوال اهو آهي ته ڇا صرف صوبن جي انگن ۽ وڌائڻ سان پاڪستان جي عوام جي زندگين ۾ حقيقي تبديلي اچي سگهي ٿي يا انهيءَ عمل سان ملڪ ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهي وينديون؟
ڇا هڪ وڏي جاگيردار جي اثر هيٺ موجوده ضلعي کي نئين صوبي ۾ تبديل ڪري ڇڏڻ سان اتان جي هارين ۽ پورهيت طبقي جي معاشي حالت تبديل ٿي ويندي؟ ڇا هڪ قبائلي سردار جي اثر هيٺ علائقي کي ڌار صوبائي انتظام ڏيڻ سان عام شهري کي سماجي ۽ سياسي آزادي حاصل ٿي ويندي؟ اهي اهڙا سوال آهن، جن تي سنجيده قومي بحث جي ضرورت آهي.
صوبن جي ورهاست ۽ انتظامي سڌارن جو سوال: پاڪستان هڪ وفاقي رياست آهي، جنهن ۾ مختلف ٻوليون، ثقافتون، تاريخي روايتون ۽ علاقائي سڃاڻپون موجود آهن. انهن سڃاڻپن جو احترام ۽ انهن جي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي حقن جو تحفظ وفاقي نظام جي بنيادي ذميواري آهي. نوان صوبا ٺاهڻ ۾ به ترقي جي ڪا ضمانت ناهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن نون صوبن ۾ به ساڳيا ئي طبقاتي، جاگيرداراڻا ۽ سرمائيداراڻا مفاد غالب رهن، اهي ئي سياسي خاندان اقتدار تي قابض رهن ۽ عوام کي فيصلي سازي کان ڏور رکيو وڃي ته انتظامي نقشي ۾ تبديلي جي باوجود عوام جي زندگي ۾ بنيادي تبديلي نه ايندي.
ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته ۽ نيڪ نيتي تي ٻڌل وفاقي وحدتن کي انهن جا حقيقي اختيار حاصل هجن، مقامي حڪومتن کي سياسي، انتظامي ۽ مالي خود مختياري ڏني وڃي ۽ وسيلن جي ورڇ آباديءَ سان گڏوگڏ پسماندگي، غربت ۽ ترقياتي ضرورتن کي به نظر جي سامهون رکي وڃي ته سڀ مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. جاگيرداراڻو نظام ۽ ٻهراڙي واري سماج جي تبديلي: پاڪستان جي معاشي ۽ سياسي ڍانچي جو هڪ بنيادي مسئلو زمين ۽ جي اڻبرابري واري ملڪيت ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ جاگيرداراڻو اثر ۽ رسوخ آهي. برطانوي بيٺڪيتي حڪمرانن پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ مقامي جاگيردارن، وڏن وڏن زميندارن ۽ بااثر خاندانن کي سياسي ۽ معاشي سهولتون ڏنيون. ان نظام ٻهراڙي واري معاشري ۾ زمين جي ملڪيت، سياسي طاقت ۽ سماجي حيثيت کي خاص طبقن جي هٿن ۾ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
قيام پاڪستان کانپوءِ مختلف دورن ۾ زرعي سڌارن جا اعلان ڪيا ويا، پر زمين جي اڻبرابري واري ورهاست ۽ وڏن زميندارن جي سياسي ۽ معاشي اثر و رسوخ جو مسئلو مڪمل طور تي حل نٿي سگهيو. ان صورتحال ۾ هاري ۽ زرعي مزدور اڪثر زمين جي ملڪيت کان محروم، غير محفوظ روزگار ۽ گهٽ اجرت جهڙن مسئلن کي منهن ڏيندا رهيا. ان لاءِ صحت، تعليم ۽ معاشي ترقي جا موقعا به محدود رهن ٿا. پاڪستان جي ترقيءَ جو جيڪڏهن ايترو اونو آهي ته پوءِ زرعي شعبي کي پراڻي جاگيرداراڻي نظام کان آزاد ڪرڻو پوندو، بهتر زرعي سڌارا اڻٽر آهن، هارين جي حقن جو تحفظ بنيادي اهميت جوڳو آهي، پورهيت طبقي کي قانوني تحفظ ۽ سماجي سهولتون ڏيڻ ضروري آهن ۽ جديد سائنسي طريقن سان زراعت کي ترقي ڏني وڃي، پر 79 سالن ۾ ائين نه ٿي سگهيو ته هاڻي ڇا ٿيندو. هتي وسيلن جي ڦرلٽ، زراعت جي تباھي ۽ هاري پنڻ تي مجبور ٿيو ته حڪمرانن جو ان ۾ ڇا ٿو وڃي؟ زرعي ترقيءَ جو مطلب صرف زرعي پيداوار ۽ سماجي واڌارو ناهي، بلڪه ٻهراڙين ۽ پٺتي پيل علائقن جي معاشي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ به بهتري آهي.
قبائلي نظام ۽ عوامي خود مختياري: پاڪستان جي ڪن علائقن ۾ قبائلي ۽ سرداري نظام اڄ به سياسي، سماجي ۽ معاشي زندگي تي اثر انداز آهي. بلوچستان، خيبر پختونخواھ ۽ ٻين علائقن جي ڪن حصن ۾ روايتي سرداري ۽ شخصي اقتدار جا ڍانچا مقامي سياست ۽ وسيلن جي ورهاست ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا. هتي هڪ اهم فرق سمجهڻ ضروري آهي. قبائلي معاشرت، مقامي روايتن، ٻولين ۽ ثقافتن جو احترام پنهنجي جڳھه تي ضروري آهي، ليڪن ڪنهن فرد يا خاندان کي محض ورثي ۾ مليل حيثيت جي بنياد تي ٻين انسانن جي سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن مٿان بالادستي نه هجڻ گهرجي. جديد رياست جو بنياد شهرين جي مساوات، قانون جي حڪمراني، بنيادي انساني حقن ۽ عوام جي نمائندگي تي هئڻ گهرجي. ان لاءِ ضروري آهي ته سرداري ۽ شخصي بالادستي واري نظام جو خاتمو ڪيو وڃي. عورتن ۽ محروم طبقن کي پنهنجن وسيلن ۽ ترقياتي منصوبن ۾ برابريءَ جي بنياد تي فيصلن ۾ حق ڏنو وڃي.
صنعت ۽ معاشي خود مختاري: پاڪستان جي پٺتي هجڻ جو سبب ڪمزور صنعتي بنياد ۽ غير پيداواري نظام سان گڏوگڏ ٻين ملڪن جون شيون استعمال ڪرڻ آهي. صرف زمين، ڪچو مال ۽ قدرتي وسيلن جي موجودگي سان ترقي ممڪن ناهي. ان لاءِ جديد صنعت، مشين سازي ۽ هنرمند افردي قوت پيدا ڪرڻي پوندي. پاڪستان کي ترقي ڪرڻ لاءِ صنعتي ملڪ هجڻ سان گڏوگڏ مقامي پيداوار کي واڌارو ڏئي، ننڍين ۽ وچولين صنعتن جي پٺڀرائي ڪري انهن کي قومي وسيلن جي پيداواري شعبن ۾ حق ڏيڻ جي پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. ٽيڪسٽائيل، انجينئرنگ، اسٽيل، زرعي مشينري، دوائون، اليڪٽرانڪ، توانائي ۽ ٻين پيداواري شعبن جي ترقيءَ لاءِ ملڪ دوست پاليسيون ٺاهڻيون پونديون. جنهن ۾ پورهيتن جي اجوري ۾ بهتري، روزگار جو تحفظ ۽ محفوظ ڪم جي جاءِ سان گڏوگڏ قومي دولت جي منصفاڻي ورڇ به هجڻ گهرجي.
جديد تعليم ۽ سائنسي شعور: تعليم ترقيءَ جو بنيادي ٿنڀ آهي. جيڪي قومون سائنس، ٽيڪنالاجي، تحقيق، فني تعليم ۽ انساني وسيلن جي ترقي کي قومي اوليت ڏين ٿيون ترقي ڪن ٿيون. پاڪستان ۾ نه صرف تعليمي ادارن جي بلڪه طبقاتي نظام تحت هلندڙ تعليمي نظام، غربت، شهري ۽ ٻهراڙي واري فرق تعليمي نظام کي ڪمزور ڪيو آهي. پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي 2024-25 جي گهريلو سماجي ۽ معاشي سروي جي مطابق ڏهن سالن ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي آبادي ۾ خواندگي جي شرح 63 سيڪڙو آهي. جڏهن ته پنج کان سورهن سالن جي عمر جي 28 سيڪڙو ٻار اسڪول کان ٻاهر هئا. تعليم کي روزگار جي بجاءِ بنيادي، انساني ۽ سماجي حق تسليم ڪيو وڃي، سمورن ٻارن جي لاءِ مفت ۽ معياري تعليم، سرڪاري اسڪولن ۽ يونيورسٽين جي بهتري، سائنسي تحقيق، فني ۽ هنري تربيت ۽ جديد ٽيڪنالاجي تائين پهچ کي قومي پاليسيءَ جو حصو بڻايو وڃي. ڇو ته تعليم جو مقصد باشعور شهري پيدا ڪرڻ آهي، جيڪو پنهنجن حقن، فرضن ۽ ذميدارين کي سمجهي سگهي.
وفاقي جمهوريت، قومي وحدت ۽ ثقافتي حق: پاڪستان جي قومي وحدت هڪ جهڙي مڙهڻ سان نه، بلڪه مختلف قوميتي، لساني ۽ ثقافتي وحدتن لاءِ برابريءَ وارا حق تسليم ڪرڻ سان مضبوط ٿيندي. پاڪستان جي سڀني قوميتن جي ٻولين ۽ ثقافتن جو احترام هئڻ کپي. ڪنهن به علائقي جي عوام کي ان جي قدرتي وسيلن، معاشي ترقي يا سياسي فيصلن تي سندس حق کان محروم نه ڪيو وڃي. هڪ وفاقي جمهوري نظام ۾ صوبائي خود مختياري، مقامي آبادي، فيصلن ۾ شرڪت ۽ برابريءَ واري سياسي حيثيت سان گڏوگڏ چونڊيل نمائندن جو احتساب، شفاف مالياتي ورهاست ۽ پنهنجن ادارن جي مضبوطي ضروري آهي.
محنت ڪش طبقي جو ڪردار ۽ معاشي تبديلي: ڪنهن به ملڪ جي ترقي جو تجزيو صرف انتظامي ڍانچي يا حڪمرانن جي تبديليءَ سان نٿو ڪري سگهجي. بنيادي اهميت معاشي ۽ طبقاتي ڍانچي جي هوندي آهي ته پيداواري وسيلا ۽ سياسي طاقت جي ورهاست ڪيئن ٿيل آهي. پاڪستان جا هر شعبي ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت قومي پيداوار ۽ سماجي زندگيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا، پر اهي ئي طبقا معاشي ناهمواري، گهٽ اجرت، بيروزگاري، مهانگائي ۽ تحفظ جي کوٽ جو شڪار ٿين ٿا. ٽريڊ يونينون، هاري تنظيمون، شاگرد تنظيمون ۽ عوامي جمهوري ادارن کي آزادي سان ڪم ڪرڻ جا موقعا ملڻ گهرجن. هڪ اهڙو جديد معاشرو جتي قومي دولت پيدا ڪرڻ وارن طبقن کي به ان جي ورهاست قومي پاليسين ۽ سياسي فيصلن ۾ بهتر حصو ملڻ گهرجي.
پاڪستان کي نون صوبن جي ضرورت آهي يا نه، ان جو فيصلو تاريخي، جاگرافيائي، معاشي، لساني ۽ انتظامي حقن ۽ لاڳاپيل عوام جي آزاداڻي راءِ جي بنياد تي هئڻ کپي، پر اها ڳالھه چٽي رهڻ گهرجي ته صوبن جي انگ ۾ واڌارو يا کوٽ پاڪستان جي بنيادي مسئلن جو حل ناهي. جيڪڏهن نوان صوبا بڻجي به وڃن، پر پراڻو نظام برقرار رهي، دولت جي غير منصفاڻي ورهاست جاري رهي ته محض انتظامي نقشي تبديل ٿيڻ سان معاشري جي بنيادي سڃاڻپ تبديل نه ٿيندي. صوبن کان انهن جي جاگرافيائي سڃاڻپ ڦرڻ جي بجاءِ نظام کي عدل ۽ انصاف، جديد تعليم ۽ تربيت، صاف ۽ شفاف چونڊن جي نظام جي ضرورت آهي، جتي ظالم جو احتساب انصاف جي بنياد تي ٿي سگهي. نون صوبن جو شوشو محض عوام جي بنيادي حقن تي اڃان وڌيڪ ڌاڙو هڻڻ برابر آهي. مٿس اڃان وڌيڪ نوان ۽ جابر حڪمرانن جو انگ وڌائڻ آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟