مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

حيدرآباد جي ادارن جي بدانتظامي جا ڏکوئيندڙ مثال

Shabir Khokharr تجزيه نگار، ليکڪ، ڪالم نويس، سينئر صحافي

ايم فل اسڪالر، شاعر، تجزيي نگار، نقاد، محقق، اٺ ڪتابن جو ليکڪ، مضمون نگار، ڪالم نويس.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

شھر جي بدانتظامي ۾ شريڪ ادارن ۾ ضلعي انتظاميا، حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن، حيدرآباد واٽر ايندڙ سيوريج اٿارٽي، ٽريفڪ پوليس، حيسڪو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن برابر جا شريڪ آهن. ضلعي انتظاميا ۾ ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار، ايس ايس پي، رجسٽرار آفيس، سيشن ڪورٽ، ھيلٿ، آفيسر، ايجوڪيشن، آفيسر، انجنيئر اچي وڃن ٿا، جن جي فرضن ۾ امن امان، قانون جي پاسداري، کليل ڪچھري، پرائيس ڪنٽرول، ڪوآرڊينيشن، حددخليون روڪڻ، سرڪاري ملڪيتن جو تحفظ، ماتحت آفيسرن کي هدايتون ڏيڻ، نگراني ڪرڻ شامل آهن. ضلعي انتظاميا حددخليون روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ثابت ٿي آهي. سرڪاري ملڪيتن جي تحفظ ۾ به ناڪامي ڏٺي وئي آهي. ضلعي انتظاميا کي چاليھه سالن کانپوءِ حددخليون هٽائڻ لاءِ جبري ڪارروائي ڪندي ڏٺو ويو آهي، ضلعي انتظاميه کي اهو ڪم ان وقت ڪرڻ کپندو هو جڏهن حددخليون ٿي رهيون هيون. ماتحت ادارن ۽ آفيسرن جي نگراني ڪرڻ ۾ به ضلعي انتظاميا کي ڪاھل ڏٺو ويو آهي.
سماجي تحفظ، خدمت، سماجي براين کي روڪڻ ۾ پڻ بي عملي جو شڪار ڏٺو ويو آهي. کليل ڪچھرين ۾ به ھنن جا جواب تسلي بخش نه رھيا آھن. غريب ماڻهن کي هڪ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ باءِ پاس تي ڌرڻو ھڻڻ جي نوبت پيش اچي ٿي، جڏهن ايس ايس پي ڌرڻي ۾ اچي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي پڪ ڏياري ٿو، تڏهن ڌرڻا ختم ٿين ٿا. حيدرآباد باءِ پاس ان ڪم لاءِ ڪيترا دفعا بند ڪيو ويو آهي. ڇا اھا بدنامي ضلعي انتظاميا لاءِ ڪافي ناهي جو ھو پنھنجي ڪارڪردگيءَ تي نظرثاني ڪري سگهي؟ سماج ۾ آفيسر طبقو اختيار ۽ رتبو رکڻ جي باوجود ڪا عزت حاصل ڪري نه سگھيا آهن، ماتحت ملازمن جي پروٽوڪول کي ڏسي ھو پاڻ کي عزت وارو سمجھن ٿا. ايڇ ڊي اي جي بدانتظامي بابت ميڊيا تي ڪيتريون ئي خبرون اينديون رهن ٿيون، انهن طرف ڪوبه ڌيان ڏيڻ بجاءِ مسئلا پنهنجي جاءِ تي ئي موجود نظر اچن ٿا. گلستان سرمست رھائشي اسڪيم رولڙي جو شڪار ھجڻ ڪري پلاٽ مالڪ ڪيترن سالن کان قبضو نه ملڻ ڪري پريشان آهن. اسيمبلي ۾ آواز اٿارڻ باوجود ڪو قدم نٿو کنيو وڃي، ڪو ازالو يا تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي. نجي رھائشي اسڪيمن کي اين او سي جاري ڪرڻ کانپوءِ انھن اسڪيمن جي تڪميل بابت ڪو پڇاڻو نٿو ڪري، شڪايت جي باوجود ڪو تدارڪ نٿو ڪيو وڃي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي اداري جي موجودگي جي باوجود غير قانوني تعميراتي ڪم عام ڏسجن ٿا. اسڪيمن ۾ منظور ٿيل نقشن جي باوجود انھن ۾ ڦيرڦار، بي قائدگي سرعام ٿي رھي آھي. ڪنھن به رھائشي اسڪيم ۾ گھرن جا نقشا قانون جي گهرجن کي پورو نٿا ڪن. ماڻهو رشوت ڏئي پنهنجي پسند جا نقشا پاس ڪرائي وٺن ٿا، جنهن کانپوءِ هائوسنگ سوسائٽين ۾ ڪيترائي مسئلا يا وري حادثا جنم وٺن ٿا. حيدرآباد واٽر اينڊ سيوريج اٿارٽيءَ جي حالت اھا آھي جو ھو پاڻي جا بل وصول ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، ملازمن کي وقت تي پگھار ڏيڻ جي لائق ناھي. اداري جي آمدني ۽ خرچ ۾ ڪو توازن ناھي. جنهن جي ڪري شهر جي صفائي ۽ سٿرائي جو سوال هر وقت ڪر کڻي بيٺل نظر اچي ٿو. حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن، ميئر جي چونڊ کان اڳ ھڪ مڪمل طور ناڪام ادارو بڻجي چڪو هو، پر ميئر چونڊجڻ کانپوءِ هن اداري پنھنجي ڪارڪردگي کي نمايان طور ثابت ڪيو آهي. ان جي باوجود هي ادارو پنھنجي جائيداد، ملڪيت ۾ شامل جائيداد جي حفاظت، مسواڙ جي وصولين ۾ ناڪام ڏسجي ٿو. ھي ادارو اڃان تائين شھر جا اھي فلاحي ڪم نه ڪري سگهيو آهي جيڪي پنجاھ سال اڳ ھن اداري سرانجام ڏنا ھئا جن ۾ ٽانگا اسٽينڊ، مسافر خانا، جانورن جي پاڻيءَ پيئڻ جا حوض، مسافرن لاءِ واش روم، مردن لاءِ غسل خانا، چپي چپي تي اھڙيون سهولتن ھونديون ھيون جن جو اڄوڪي دور ۾ مثال نٿو ملي. ھي ادارو پنجاھ سال اڳ جي انھن سهولتن کي قبضا مافيا کان بچائي نه سگھيو آهي. اڄ انھن سهولتن جو ذڪر رڳو ڪتابن ۾ رھجي ويو آهي. ماضيءَ ۾ ھن اداري جا تعميراتي ڪم اڃان به موجود آهن، پر ويجھڙائي ۾ ھن اداري طرفان ڪوبه تعميراتي ڪم نظر نٿو اچي سواءِ چند پارڪن، جن جي مرمت يا صفائي ڪئي وئي آهي. سبزي منڊي اھڙي جاءِ آهي جتي صبح ساجھر وقت واپارين جي رش رھي ٿي، جن لاءِ پبلڪ واش روم جي سھولت جو نه ھجڻ هڪ وڏو مسئلو آهي، پر افسوس ادارو سبزي منڊي جي صفائي سٿرائي لاءِ به ڪو جوڳو بندوبست نه ڪري سگھيو آهي، جيڪو هن اداري جي ڪارڪردگيءَ جي مٿان هڪ ڌٻو آهي نه وري ضلعي انتظاميا تاجر برادري جي سبزي منڊي ۾ صفائي سٿرائي جو پابند بڻائي سگھي آهي. جڏهن ته ضلعي انتظاميه جي استعمال جو سبزيون ۽ ميوا به هن ئي مارڪيٽ مان ويندا هوندا، تڏهن به انهن کي ھن جڳھه جي صفائي سٿرائي لاءِ ڪابه ڳڻتي نظر نٿي اچي. ڪولڊ اسٽوريج يا ٿڌن ڪمرن جي سھولت کان محروم سبزي منڊي جون سبزيون ميوا وقت کان اڳ خراب ۽ بي سواد ٿي وڃن ٿا. هاڻي ته انهن بازارن کي سولر انرجي جي ذريعي مڪمل طور تي بجلي فراهم ڪري ڪولڊ اسٽوريج جي سهولت به فراهم ڪري سگهجي ٿي. حيسڪو شھر جو وڏي اھميت وارو ادارو آهي جيڪو شھر کي بجليءَ جي فراهمي جو ذميوار آهي. ھن اداري جي وڏي ڪوتاهي بجلي جي چوري روڪڻ ۾ ناڪامي آهي. ان کان علاوه جڏهن ٽرانسفارمر جي فراهمي ٿئي ٿي ته صارف کي رشوت ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو. بجلي جي نئين ڪنيڪشن ڏيڻ ۾ پڻ بدعنواني ۽ صارف کي رلائي ان جو وقت ضايع ڪرڻ جو ذميوار ڏٺو ويو آهي. بجلي جي بلن ۾ پڻ ماڻھن سان گڏ ادارن کي ھن کان تمام گھڻيون شڪايتون رهيون آهن.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد ھڪ اھم ادارو آهي جيڪو اعليٰ آفيسرن، ٻين سرڪاري ملازمن جي چونڊ جو مرڪز آهي. هن اداري جي 2008 کان اڳ چڱي ساک هئي، پر ان کانپوءِ مسلسل هن اداري مٿان ڪرپشن، بدعنواني جا الزام لڳي رهيا آهن. ان کان علاوه هي ادارو نه وقت تي امتحان وٺي ٿو ۽ نه ئي وقت تي نتيجا ظاهر ڪري ٿو. جنھن جي ڪري نوجوان سمجهي ٿو ته هي ادارو انهن سان سخت ناانصافي ڪرڻ جو ذميدار آهي. هن اداري کي پنهنجي ذميداريءَ جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻڻ گهرجن. هن اداري خلاف ھاءِ ڪورٽ سنڌ طرفان فيصلو آيو ۽ ٻن سالن لاءِ بند ٿي ويو. وري عوام مطالبو ڪيو ته اداري کي کوليو وڃي ته جيئن آفيسرن جي ڀرتي ٿي سگهي، جيڪو عوام جو حق آهي، پر ادارو پاڻ کي سڌاري نه سگهيو. جڏهن ته گلگت بلتستان کان وٺي ٻين ٽن صوبن مان ان قسم جون نه شڪايتون ٿيون اچن ۽ نه ئي بدعنواني جي رڙ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. اشرافيه جي حڪومت جي ايتري بدنامي جي باوجود اشرافيه پاڻ کي نه سڌاري سگهي آهي ۽ نه ئي ادارو سڌري سگهيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو