اسان جو انقلاب ۽ اسان جي تعليم
Tufail Magsi
ڪالم نگار
ڪيترين ئي ڏهاڪن کان ٻه ڳالهيون ڪثرت سان ٻڌندا پيا اچون. پهرين انقلاب يعني اسلامي رياست ٺاهڻي آهي، چڱو اها به خير سان ٺهي وئي! مگر اتي به ڪم نه ٺهيو ته وري جناب فوجي انقلاب اچي ويو، سبب اهو پيش ڪيو ويو ته مسلمان فوج ئي ڪامياب رياست جي سڃاڻپ آهي، اهو به ماضي ۾ ڏٺوسين ۽ پنهنجي پٺيان ڪيترائي داستان ڇڏي هليو به ويو. وري ڀٽو منظر تي نروار ٿيو ۽ سڄي ملڪ تي اسلامي سوشلزم جي انقلاب وارو نعرو ڏئي ڇانئجي ويو، يعني هو به اقتدار تي ويٺو ۽ انقلاب به اچي ويو، مگر اصلي نه آيو. ان کانپوءِ ٻيهر اسلامي انقلاب ۽ فوجي اقتدار، شريفن جو انقلاب يعني قرض لاهيو ملڪ سنواريو، اقتدار ملي ويو، پر پوءِ به نتيجو ٻڙي پلس ٻڙي. انهيءَ کانپوءِ شريفن ۽ ڀٽن جو ميوزيڪل چيئرز، هڪ ڀيرو وري فوجي انقلاب ۽ سڀ کان پهرين پاڪستان، ٻيهر ذلت، آخري انقلاب رياست مدينه، ان کي به اقتدار مليو، مگر اسان عوام کي سواءِ رسوائي ۽ ڏيوالي جي ٻيو ڪجھه پلئه نه پيو ۽ اها هئي انقلاب جي مختصر ڪهاڻي. ٻيو نعرو تعليم جو هنيو ويندو رهيو، اهو به بس نعرو ئي هو، عملن ته ڪنهن به ڪجھه نه ڪيو. شروع ۾ ته تعليم تي ڪو ڌيان ئي نظر نٿي آيو. ها البته سٺ ستر جي ڏهاڪن وارو پاڪستان نهايت ماڊرن ۽ بيباڪ نظر ايندو هو. جديد نصاب به قابل قبول رهيو، مگر پوءِ اسان جي عالمن کي سياست جو بخار شروع ٿيو. اسان عوام کي ٻڌايو ويو ته هي ملڪ اسلام جي نالي تي ٺاهيو ويو هو ۽ هتي “اسلامي تعليم” جي تمام وڏي کوٽ آهي! اسان اهو ڳنڍو وٺي چوسيندا رهياسين، پر انهيءَ نيڪ ڪم جي لاءِ يعني “ڪارڪن” ميسر ڪرڻ جي لاءِ مدرسن ۽ مسجدن جو ڄار وڇائڻ شروع ٿيو. روس جي افغانستان تي حملي کانپوءِ، حڪومت ۽ فوج انهيءَ نيڪ ڪم ۾ وڏو حصو ورتو.
ان کانپوءِ اسلامي تعليم عام ٿيڻ شروع ٿي، اسلاميات جو نصاب عام اسڪولن ۾ ضروري ٿيو. بورڊ جي ۽ مقابلي جي امتحانن ۾ اسلاميات جو پرچو لازمي ٿيو ۽ ان جا نمبر به وڌايا ويا. انهن سڀني جو عروج ٿيو ته نتيجي طور تي ٻه شيون اسان کي مليون، پهرين انتهاپسندي ۽ ٻي ڪي پي ڪي ۾ حڪومت، پوءِ ساڳي ئي ٻڙي پلس ٻڙي. پهرين “عالمن” جي اسيمبلي ۾ 90-80 سيڪڙو ميمبر ٽيڪس چور! يعني اسلامي تعليم به اسان جو ڪجھه نه بگاڙي سگهي، نه سٺا انسان بڻياسين، نه پاڪستاني. ان کانپوءِ بيوقوفي جي انتها ٿي وئي، جتي پرائمري تعليم ميسر نه هئي 80 سيڪڙو ٻارڙن کي هن ملڪ ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ ذهني ڏيوالپڻو ئي ٿي سگهي ٿو ۽ ان هڪ اسڪيم ئي ٻڌائي ڇڏيو ته اسان تعليم جي باري ۾ ڪيترا سنجيده آهيون. پڇاڙي ۾ نصاب کي اسلامي بڻايو ويو ۽ سموري سائنس کي زبردستي ڪڍي ڪري ڊسٽ بن ۾ ڦٽو ڪيو ويو، جن اهو ڪم ڪيو نه انهن کي جديد تعليم جي ڄاڻ، نه سائنس کان واقفيت ۽ نه دين جو علم. ٻيو رخ اهو ته ان اسلامي تعليم ۽ مدرسن جي جهنگ کان سمورن فرقن کي چارو ملي ويو. ان کانسواءِ ڪيترين ئي جماعتن عوام کي اسلامي تعليم ڏيڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. جيئن تبليغي جماعت، جماعت اسلامي وغيره. ساليانا اجتماع حج جي اجتماع کي شرمسار ڪرڻ لڳا، مذهبي ڪتابن جو ڍير لڳي ويو، ڪيتريون ئي موبائيل فون ايپليڪيشنز ايجاد ٿي ويون ۽ هينئر جيترا تفريحي چينل آهن، بس انهن کان ٿورڙا ئي گهٽ مذهبي چينل شروع ڪيا ويا آهن. هتي مون جيڪو نقشو چٽيو آهي، نهايت مختصر آهي، يعني سياسي انقلابن ۽ اسلامي تعليم کي عام ڪرڻ وارين ڳالهين ۽ انهن جي نتيجن جو. اسان هر سياسي انقلاب جو تجربو ڪري به ڏسي چڪا آهيون ۽ گڏ ئي ديني تعليم کي عام ڪري به ڏسي چڪا آهيون. حقيقت اها آهي ته اسان جا هٿ خالي آهن، سياسي طور تي اسان نااهل ٿياسين، ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي، خزانو خالي آهي، عوام پريشان ۽ بدحال آهي، اسان جا اسڪول ڪاليج اهڙي تعليم ڏئي رهيا آهن جنهن جي ڪٿي به گهرج ناهي. اسان جو نوجوان نسل هڪ جاهل ٻيو پڙهيل جاهل، اهي بس ڪاپي ڪري سگهن ٿا، باقي جيڪو انفرادي محنت کان ڪجھه ڪري وٺي ته سبحان الله، مگر مجموعي حال ته خراب ئي آهي.
مذهبي تعليم جو حال ان کان به بدحال آهي. چار پنج سئو سال پراڻو نصاب پڙهائي ايڪيهين صديءَ جو مقابلو ڪرڻ جون ڳالهيون ڪريون ٿا. غرور ايترو ته ڪي ڏينهن اڳ هڪ صاحب جو چوڻ ته اسان جي درس نظامي جو فارغ پي ايڇ ڊي جي برابر هوندو آهي، مون کانئس پڇيو انهن هزارين بلڪه لکين فارغن اڄ تائين ڪيترا ڪتاب لکيا آهن جيڪي ڪنهن اسلامي يونيورسٽي جي نصاب ۾ داخل آهن؟ اسلامي سماجيات، معاشيات، بين الاقوامي تعلقات، فلسفو، اخلاقيات، تاريخ، سيڪيولرزم، مارڪسزم، سوشلزم، لبرلزم فمينزم مقصد ته ڪنهن هڪ موضوع تي ڪنهن مدرسي کان فارغ شاگرد جو هڪ تحقيقي عملي ڪتاب ته ڏيکار. جواب ۾ شديد ناراضگي ۽ خاموشي. ذاتي تجربو آهي ته جڏهن به ڪنهن پاڪستاني عالم جو ڪتاب کنيو آهي ته تفسير و حديث کان علاوه ستين جماعت جي ٻارڙن جي ليول کان وڌيڪ ناهي 40-50 بلڪه سائنسي ڪتابن جا ريفرنس ائين پيش ڪن ٿا ڄڻ قلم ٽوڙي ڇڏيو هجين. هاڻي انهن سياستدانن ۽ مذهبي ليڊرن جون ڳالهيون ٻڌي روئڻ ئي اچي ٿو ته يا الله اهڙو ڪهڙو گناهه ٿي ويو ته اهڙا ڄٽ اسان جي نصيب ۾ لکيا ويا آهن.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟