مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اسانجا فصل ۽ جيت موسمياتي تبديليءَ جو شڪار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪائنات جي عظيم مصور جڏهن هن ڌرتيءَ جو ڪينواس چٽيو هوندو ته ان ۾ هرياليءَ کي زندگيءَ جو روح بڻائي ڦوڪيو هوندو. سنڌ جي هن پاڪيزه مٽيءَ تي جڏهن به صوفين ۽ شاعرن نظر وڌي ته کين ٻنين مان اڀرندڙ سرهاڻ ۽ ڳاٽ اوچو ڪري بيٺل فصلن ۾ تمام گهڻو حسن نظر آيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جڏهن سُر سارنگ جو آلاپ ڪيو ته کيس هن ڌرتيءَ جي خوشحالي، مالوندن جي سڪار ۽ مٽيءَ جي اڃ جو ڪيتري قدر احساس هو. هو مالڪ اڳيان ٻنهي هٿن کي کڻي دعا ڪندي چوي ٿو:
سارنگ سار لهيج، الله لڳ اڃين جي،
پاڻي پوڄ پٽن ۾، ارزان ان ڪريج،
وطن وسائيج، ته سنگهارن سک ٿئي.
پر افسوس، جو اڄ رڳو صديون ئي ناهن بدليون، پر انسان جي بي رحميءَ، صنعتي هوس ۽ ٻيلن جي بي رحماڻي ڪٽائيءَ فطرت جو مزاج به برهم ڪري ڇڏيو آهي. جنهن برسات ۽ موسم جي سڪار لاءِ لطيف سائين دعا گهري هئي، ان سڄي توازن کي اسان پنهنجن هٿن سان هڪ اڻجهل تندور ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. سائنسي ڪتابن ۾ ان کي “گلوبل وارمنگ” چيو وڃي ٿو، پر اسان جي لوڪ ٻوليءَ ۾ هيءَ ڌرتيءَ جي هنج ۾ هوريان هوريان ٻرندڙ اها باهه آهي، جنهن جو سيڪ هاڻي اسان جي حياتياتي نظام کي ڳاري رهيو آهي. سنڌ جي دل تان لنگهندڙ سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي اڏيل شهر اڄ جڏهن اونهاري ۾ 50 درجا سينٽي گريڊ جي گرميءَ ۾ پچڻ لڳن ٿا، ته رڳو انسانن جو پگهر نٿو وهي، پر هن مٽيءَ جو نصيب به سڙي پگهرجڻ لڳي ٿو. هيءَ تيز گرمي اسان جي ٻيلن جي ساوڪ کي کائي رهي آهي ۽ ان مٽيءَ تي پلجندڙ ننڍڙن جاندارن، ڪيڙن مڪوڙن ۽ جيتن جي دنيا ۾ هڪ اهڙو تيز زلزلو آڻي چڪي آهي، جنهن جو توازن هاڻي انسان جي هٿن مان نڪري چڪو آهي.
ٻوٽا ۽ فصل زنده جاندار آهن، جن جو پنهنجو هڪ خاموش ساهه هوندو آهي. اهي پنهنجي خاموشيءَ ۾ به زنده رهڻ جو گيت ڳائيندا آهن، پر جڏهن سج پنهنجي تپش کائي انهن مٿان باهه جا نيڻ کڻي بيهندو آهي، ته اهي ٻوٽا روئڻ لڳندا آهن. تيز گرمي پد اسان جي فصلن لاءِ ڪنهن خاموش قاتل کان گهٽ ناهي، جنهن جا هاڃيڪار اثر زراعت جي رڳ رڳ کي متاثر ڪن ٿا. هر ٻج جي اندر هڪ خوبصورت ۽ ساوڪ سان ڀريل ٻوٽي جو خواب لڪل هوندو آهي. زمين جي هنج ان ٻج کي تڏهن ئي جنم ڏيندي آهي، جڏهن موسم ۾ هڪ نرم گرمي ۽ گهم جو احساس هوندو آهي. پر هاڻي موسم پنهنجو روپ مٽائي چڪي آهي. سياري جو نرم پير وقت کان اڳي هليو وڃي ٿو ۽ اونهاري جي تيز لهر مارچ ۽ اپريل ۾ ئي ڪاهي پوي ٿي. جڏهن هاريءَ جي هٿن مان نڪتل ٻج زمين جي گود ۾ پهچي ٿو، ته ٻاهر جي تيز گرمي ان کي ڄمڻ کان اڳي ئي سڙيل رک ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿي. ٻج ڦٽي نٿو سگهي، ۽ هاريءَ جا خواب زمين جي تري ۾ ئي دفن ٿي وڃن ٿا.
ٻوٽا سج جي روشنيءَ کي پنهنجي محبت جيان استعمال ڪندا آهن. اهي هوا مان ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ ۽ پاڙن مان پاڻي کڻي پنهنجي رڳن ۾ خوراڪ جو هڪ مٺو عرق تيار ڪندا آهن، جنهن کي سائنسدان فوٽوسنٿيسس چون ٿا، پر فطرت جي هن خوبصورت محبت جي به هڪ حد آهي. جڏهن گرمي پد 35 درجن کان ٽپي وڃي ٿو، ته سج جي اها روشني محبت بدران نفرت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. ٻوٽي جي اندر موجود ساوڪ جو مادو ٽٽڻ لڳندو آهي. ٻوٽو پنهنجي خوراڪ ٺاهڻ بند ڪري رڳو ساهه بچائڻ جي جنگ وڙهندو آهي. سندس پنن جو رنگ پيلو ٿي ويندو آهي، ڄڻ کيس ڪو لاعلاج مرض وڪوڙي ويو هجي. تيز اس جڏهن زمين تي پنهنجا تير ويسائي ٿي، ته مٽيءَ جي اندر موجود سڀ آلاڻ ۽ گهم ٻاڦ بڻجي آسمان ڏانهن اڏامي وڃي ٿي. ٻوٽا به انسانن وانگر پنهنجي جسم کي ٿڌو رکڻ لاءِ پنن جي چپن مان پاڻي جا قطرا ٻاهر ڪڍندا آهن. پر جڏهن هي ٻنهي پاسن جو عمل تيز ٿئي ٿو ته زمين هڪ صحرا جو روپ اختيار ڪرڻ لڳندي آهي. سنڌ جي پڇڙيءَ جي ٻنين تائين ته اڳي ئي پاڻي جون پيالون خالي پهچنديون هيون، مٿان وري هن اڻجهل گرميءَ فصلن جي اڃ کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ هرياليءَ جون لڳل چادرون خشڪساليءَ جي لهر ۾ سڪي ڪاٺيون ٿيو وڃن.
فصل جو حسن تڏهن ئي اوج تي پهچندو آهي جڏهن ان تي گل، ٻور يا گُليون اچڻ لڳنديون آهن. اهو وقت ٻوٽي جي شاديءَ جو هوندو آهي، جتي هوا جي جهوٽن ذريعي پولينيشن جو عمل ٿيندو آهي، پر اها ڪهڙي بدقسمتي آهي، جو جڏهن ڪڻڪ جي ٻوٽي تي کير جو داڻو بڻجڻ وارو هوندو آهي، يا ڪپهه جي ٻوٽي تي نازڪ ٽنڊا اڀرندا آهن، ان وقت هڪ چري لوءِ اچي گهمندي آهي. اها تيز ۽ تپندڙ هوا گلن جي نر ۽ مادي حصن کي ائين ساڙي ڇڏيندي آهي، ڄڻ ڪنهن اڀرندڙ کلندڙ محفل تي موت جو پاڇو پئجي ويو هجي. ڪڻڪ جو داڻو سڪڙجي ننڍڙو ٿي وڃي ٿو ۽ ڪپهه جا ٽنڊا وقت کان اڳي مٽيءَ ۾ گهلي پوندا آهن. جتي تيز گرمي ٻوٽن جي خاموش سرهاڻ کي کائي چٽ ڪري ٿي، اتي ڪيڙن مڪوڙن ۽ جيتن جي ننڍڙي پر وسيع دنيا ۾ هڪ عجيب جنون پيدا ڪري ڇڏي ٿي. جيت اهڙا جاندار آهن جن جو خون ٿڌو هوندو آهي. انهن جي جسم جي سڄي ساهه واري ترتيب ماحول جي حرارت تي هلندي آهي. جڏهن ماحول تپڻ لڳندو آهي، ته انهن جي حياتي به هڪ وڏي واول ۾ ڦاسي پوندي آهي.
گرمي پد جي وڌڻ سان جيتن جي اندروني ڪيميائي مشينري تمام گهڻي تيز ٿي ويندي آهي. انهن جو رت تيزي سان ڊوڙڻ لڳندو آهي، جنهن ڪري کين هڪ تيز ۽ اڻجهل بک لڳندي آهي. ان کي اسان حشرات جي دنيا جو “رقصِ بسمل” چئي سگهون ٿا. جڏهن جيتن کي بک لڳندي ته اهي پنهنجي بقا لاءِ فصلن جي پنن، گلن ۽ نرم ٽهڪندڙ شاخن تي ڪڙڪي پوندا. ريسرچ ڏيکاري ٿي ته جيڪڏهن گرمي پد رڳو هڪ درجو به وڌي وڃي، ته جيتن پاران فصلن کي کائڻ ۽ نقصان پهچائڻ جي طاقت 10 کان 25 سيڪڙو وڌي ويندي آهي. هاريءَ جي رت پگهر جي ڪمائي انهن جي تيز بک جو گرھه بڻجي ويندي آهي. سردين جي موسم جيتن جي زندگيءَ جي رفتار کي سست رکي ٿي، پر اونهاري جا ڊگها ڏينهن انهن لاءِ پنهنجو نسل وڌائڻ جا دروازا کولي ڇڏيندا آهن. تيز گرميءَ ۾ جيتن جا آنا تمام جلدي ڦٽي ٻچن جي شڪل اختيار ڪندا آهن. جيڪو ڪيڙو اڳي سڄي سال ۾ رڳو ٻه ڀيرا پنهنجو نسل وڌائيندو هو، اهو هاڻي اونهاري جي ڊگهي سيزن ۾ چئن کان پنجن ڀيرن تائين انڊا ڏيڻ لڳي ٿو. ان جو سڌو عذاب اسان پنهنجي اڇي سوني، يعني ڪپهه تي ڏسون ٿا. اڇي مک ۽ گلابي سنڍي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ هزارن مان لکن جو تعداد اختيار ڪري سڄي ٻنيءَ تي قهر بڻجي ڪڙڪي پونديون آهن.
فطرت جڏهن پنهنجا رستا مٽائي ٿي ته جاندار به پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن. اڳي جيڪي جيت صرف ريگستاني يا تمام گرم علائقن تائين محدود هوندا هئا، اهي هاڻي ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. ان جو سڀ کان وڏو ۽ هيبتناڪ مثال اسان ماڪڙ جي حملي جي صورت ۾ ڏٺو. ماڪڙ پنهنجا روايتي ريگستاني دڳ ڇڏي سڄي سنڌ جي ساوڪ کي ائين کائي چٽ ڪري ويو، ڄڻ ڪا قيامت گذرندڙ هجي. هاري هاڻي اهڙن نون نون ڪيڙن جا نالا ٻڌي حيران ٿي رهيا آهن، جيڪي اڳي ڪڏهن هن سرزمين تي نظر نه آيا هئا. قدرت جي ڪارخاني ۾ ڪا به شئي بغير ڪنهن مقصد جي ناهي بڻائي وئي. زراعت جي دنيا ۾ سڀ ڪيڙا اسان جا دشمن ناهن هوندا. بلڪه هڪ تمام وڏو تعداد اهڙن جيتن جو آهي جن کي اسان “هارين جا سڄڻ ۽ دوست جيت” چئون ٿا. تيز گرمي پد هن قدرتي توازن کي مڪمل طور تي درهم برهم ڪري ڇڏيو آهي. ماکيءَ جون مکيون رڳو مٺي ماکي ناهن ٺاهينديون، پر اهي هن ڌرتيءَ تي زندگيءَ جي بقا جي علامت آهن. دنيا جا 70 سيڪڙو کان وڌيڪ فصل، باغ ۽ سبزيون تڏهن ئي ڦر ڏينديون آهن، جڏهن ماکيءَ جي مک هڪ گل تان اڏامي ٻئي گل تي ويهي محبت جو نياپو پهچائيندي آهي، پر ماکيءَ جون مکيون نهايت نازڪ مزاج هونديون آهن. جڏهن گرمي پد 38 درجن کان مٿي وڃي ٿو، ته اهي پنهنجي گهرن مان نڪرڻ بند ڪري ڇڏينديون آهن، ۽ 42 درجن کان مٿي انهن جا پر سڙي ويندا آهن ۽ اهي مري وينديون آهن. گرمي سبب گلن ۾ موجود مٺو رس به سڪي ويندو آهي، جنهن ڪري مکيون بک وگهي خاموشي سان هن دنيا کي الوداع چئي وينديون آهن.
قدرت هڪ اهڙو نظام بڻايو هو جتي نقصانڪار ڪيڙن کي کائڻ لاءِ ٻيا شڪاري جيت موجود هوندا هئا. جهڙوڪ ليڊي برڊ بيٽل، جيڪا پنهنجي چمڪندڙ لال رنگ سان ٻنين جو حسن به هوندي هئي ۽ فصلن کي نقصان پهچائيندڙ تيلو کي به کائي ويندي هئي، پر جديد سائنسي ريسرچ مان معلوم ٿيو آهي ته نقصانڪار ڪيڙا تيز گرميءَ کي وڌيڪ برداشت ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته اسان جا سڄڻ ۽ شڪاري جيت ان تپش کي سهي نه سگهڻ ڪري جلدي مري وڃن ٿا. جڏهن گهر مان چوڪيدار مري وڃن، ته پوءِ چورن کي ڪير روڪيندو؟ نتيجي ۾ نقصانڪار ڪيڙا بغير ڪنهن خوف جي سڄي فصل کي برباد ڪن ٿا. جڏهن هاري ڏسي ٿو ته سندس فصل تي جيتن جو عذاب نازل ٿيو آهي، ته هو مجبور ٿي پنهنجي آخري سرمائي مان مهانگيون ۽ زهريليون جيت مار دوائون خريد ڪري ٻنيءَ تي اسپري ڪندو آهي، پر هتي قدرت جو هڪ ٻيو عمل سامهون اچي ٿو. تيز گرميءَ جي ڪري اهي دوائون ٻوٽي جي پنن تي بيهڻ بدران هوا ۾ ٻاڦ بڻجي اڏامي وڃن ٿيون. دوا پنهنجو اثر وڃائي ويهندي آهي. هاريءَ جو خرچ ٻيڻو ٿي ويندو آهي، پر جيتن ۾ مدافعت پيدا ٿي ويندي آهي.
پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جو ھاري، جيڪو هميشه کان پنهنجي زراعت تي ناز ڪندو هو، اڄ ان جي معيشت جا پير لڏي رهيا آهن. اسانجي جي ڊي پي جو هڪ وڏو حصو زراعت مان اچي ٿو، پر گرمي پد جي هن راند اسان جي گهرن ۾ بک ۽ بدحاليءَ جو اڇو پاڇو ويسائي ڇڏيو آهي. ڪپهه کي سنڌ جو “اڇو سون” چيو ويندو هو. هي اهو فصل آهي جنهن جي آسري تي اسان جون لکين مائون ۽ ڀينرون ٻنين ۾ وڃي چونڊو ڪنديون هيون، ۽ هاريءَ جي گهر ۾ شاديءَ جا سنيهڙا ايندا هئا، پر وڌندڙ گرمي ۽ جيتن جي قهر سبب هاڻي ڪپهه جي پيداوار اڌ کان به گهٽ رهجي وئي آهي. اڇي مک ڪپهه جي پنن مان سڄو رت چوسي ان کي ڪارو ڪري ڏيندي آهي. جڏهن ملڪ ۾ ڪپهه نٿي ٿئي، ته اسان جي ٽيڪسٽائل فيڪٽريون بند ٿيڻ لڳنديون آهن. ڪڻڪ رڳو هڪ فصل ناهي، پر هي غريب جي مانيءَ جو نالو آهي. مارچ جي مهيني ۾ جڏهن ڪڻڪ کي هڪ ٿڌي هوا جي ضرورت هوندي آهي، ان وقت جڏهن اوچتو سج پنهنجي تپش وڌائيندو آهي ته ڪڻڪ جو داڻو وقت کان اڳي ئي خشڪ ٿي ويندو آهي. ان سان سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار گهٽجي ويندي آهي، مارڪيٽ ۾ اٽو مهانگو ٿي ويندو آهي ۽ غريب جو ٻچو بک تي سمهڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي. هاري پنهنجي اباڻي مٽي ڇڏي شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪن ٿا، جنهن کي اسان “ڪلائيميٽ مائيگريشن” چئون ٿا، جنهن جو درد رڳو لڏي ويل ئي ڄاڻي سگهي ٿو.
اسان رڳو درد جا گيت ڳائي يا هٿ تي هٿ رکي ويهڻ سان پنهنجي ڌرتيءَ کي بچائي نٿا سگهون. جيڪڏهن مٽي اسان کان ڪجهه گهري ٿي ته اسان کي ان جو حق ادا ڪرڻو پوندو. اسان کي پنهنجي زراعت کي بچائڻ لاءِ جديد سائنس ۽ عزم جو ڏيئو ٻارڻو پوندو. اسان کي هاڻي پراڻن ۽ روايتي ٻجن کي الوداع چوڻو پوندو. اسان جي زرعي تحقيقي ادارن کي رات ڏينهن هڪ ڪري اهڙا ٻج تيار ڪرڻا پوندا جيڪي 48 کان 50 درجن جي گرميءَ ۾ به پنهنجي ساوڪ ۽ پيداوار برقرار رکي سگهن. ٻنين کي پاڻيءَ سان سڄو ڀري ڇڏڻ وارو طريقو هاڻي هڪ گناهه وانگر آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻي اڳي ئي ناياب آهي. اسان کي ڊرپ اريگيشن ۽ اسپرنڪلر سسٽم ڏانهن وڃڻو پوندو. هن طريقي سان پاڻي ٻوٽي جي پاڙ تائين ڦڙي جي صورت ۾ پهچندو آهي، جنهن سان پاڻيءَ جو ضايع ٿيڻ بند ٿيندو آهي. زهر جي اسپري مان جان ڇڏائي، جيتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جا قدرتي طريقا اختيار ڪيا وڃن. ليبارٽرين ۾ دوست جيتن جي افزائش ڪري کين ٻنين ۾ ڇڏيو وڃي ته جيئن اهي دشمن ڪيڙن کي کائي ختم ڪن. ڌرتيءَ جي بخار جو واحد ۽ مستقل علاج وڻ پوکڻ آهي. اسان کي ٻنين جي ڪنارن تي، نهرن جي ڪڙن تي ۽ پنهنجي گهرن جي اڳيان مقامي وڻ پوکڻا پوندا. نم، ٻٻر، کٻڙ ۽ ٻير جا وڻ اسان جي مٽيءَ جا پنهنجا ٻچا آهن. جڏهن وڻن جو پاڇو گهاٽو ٿيندو، ته مقامي سطح تي گرمي پد ۾ گهٽتائي ايندي ۽ موسم ۾ ٻيهر نرمي موٽي ايندي.
فصلن ۽ جيتن تي گرمي جي پد جا اثر رڳو ڪو سائنسي مضمون يا اخبار جو ورق ناهن، پر هي اسان جي بقا جو آخري سڏ آهي. اسان جي ماني، اسان جي مٽي، اسان جو ثقافتي حسن ۽ اسان جو مستقبل زراعت سان جڙيل آهي. جيڪڏهن اسان اڄ به پنهنجي هارين کي اڪيلو ڇڏي ڏنو ۽ موسمياتي تبديلين کي رڳو ڪتابي ڳالهه سمجهيو ته ايندڙ نسل اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندا. حڪومت، زرعي ماهرن، يونيورسٽين ۽ هارين کي گڏجي هڪ هٿ ٿيڻو پوندو. اسان کي پنهنجي مٽيءَ جو بخار لاهڻو پوندو، وڻ پوکڻا پوندا ۽ پنهنجي زراعت کي سمارٽ بڻائڻو پوندو. وقت اسان جي هٿن مان ريتيءَ جيان نڪري رهيو آهي، ۽ هاڻي عمل ڪرڻ جو وقت آهي. اچو ته گڏجي لطيف سائين جي هن بيت کي پنهنجي عمل سان سچو ڪري ڏيکاريون، جتي هو مٽيءَ جي خوشحاليءَ ۽ نئين ساهه پوڻ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
آگَمَ ڪِيا اللهَ، لَڳَه پَسُ ! لَطيفُ چَي
پَلَرَ جَي پالُوٽَ سِين، پَٽَنِ جَهلِيا پاهَ
وَاحِدَ وَڏائِي ڪِئا، مَٿَي گَسنِ گاهَ
سانگِنِ وَرِئا ساهَ، اُٺَنِ آبُ اَگُوندِرَو
اچو ته گڏجي هن مٽيءَ سان پنهنجي محبت جو حق ادا ڪريون، وڻ پوکيون ۽ ساوڪ کي بچايون ته جيئن اسان جا فصل ٻيهر خوشحاليءَ جا گيت ڳائي سگهن ۽ سنڌ سدا سڪار رهي.
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو