مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اوريانا فلاچي: پنهنجي دور جي دلير ۽ لاپرواهه قلمي پورهيت

Sarwech Sario

تعليمدان، ليکڪ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اوڻٽيهين جون 2026 جي صبح جو، معمول موجب، موبائل اسڪرين تي مختلف ڏيهي ۽ پرڏيهي اخبارون پڙهندي هڪ پرڏيهي اخبار ۾ سنگل ڪالم مختصر خبر منهنجو ڌيان ڇڪايو، جنهن ۾ پنهنجي دور جي هڪ بي ڊپي، بهادر ۽ پنهننجي موقف ۾ ارڏي ۽ آخري حد تائين ويندڙ، اطالوي صحافڻ ۽ ليکڪا، اوريانا فلاچيءَ جي سار کي ساريو ويو هو.
اوريانا فلاچي (جنم: 29 جون 1929، وفات: 15 سيپٽمبر 2006) سان منهنجو پهريون تعارف ستاويهه، اٺاويهه سال اڳ ڪاليج جي شاگرديءَ دوران “اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط” جي نالي سان سندس ناول جي سنڌي ويس پارائڻ دوران فياض لطيف ڪرايو. موهن جو دڙو پبلشنگ ايجنسيءَ پاران ڇپايل اهو ناول لاڙڪاڻي مان خريد ڪري ڳوٺ ڏانهن ويندڙ بس ۾ ويهڻ سان ئي پڙهڻ شروع ڪيم ۽ ساڳي ڏينهن آڌيءَ رات جو چمنيءَ جي روشنيءَ تي پورو ڪيم. پنهنجي ئي پيٽ ۾، پنهنجي ئي پيار پاران لتَ هڻي ڪيرايل ٻار سان ڪيل خود ڪلاميءَ تي ٻڌل ناول جو سحر، ڪيترائي ڏينهن منهنجن حواسن مٿان حاوي رهيو ۽ منهنجن جذبن، سوچن ۽ احساسن کي بي ترتيب ڏوٽيون کارائيندو رهيو هو.
سندس ڪتاب “تاريخ سان ملاقات”Interviews With History جو انگريزي ايڊيشن ته مون سندس پهريون ڪتاب پڙهڻ جي ٽن سالن کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبريريءَ جي اورينٽل سيڪشن ۾ ڪجهه ويهڪن دوران پڙهيو، پر جنهن ڏينهن مان ڪراچيءَ جي حسن اسڪوائر واري علائقي ۾ قائم سيڪنڊ هينڊ ڪتابن جي مارڪيٽ مان سندس ٻه ناولA Man ۽ Letter To A Never Born Child خريد ڪري رهيو هئس ته ٺيڪ ان وقت هوءَ هيءَ دنيا ڇڏي چڪي هئي. (سندس موت جي خبر مون کي ٻئي ڏينهن جي ڊان اخبار ذريعي پئي).
اوريانا فلاچيءَ جي شخصيت بابت ڪنهن دانشور ڪيڏو نه ڪڙو سچ چيو آهي ته: “هڪ اهڙي عورت جنهن سان توهان شدت سان نفرت ڪندا يا محبت، وچون رستو وٺڻ جي نوبت اوهان تائين ايندي ئي ڪونه!” پاڻ خود ڪٿي لکيائين ته: “مان جيڪو سوچيو، اهو چئي ڇڏيو؛ جيڪو ڪرڻ چاهيو، اهو ڪري ڏيکاريو؛ ۽ جيون ائين گذاريو، جيئن مون گذارڻ چاهيو!”
اٽليءَ جي شهر فلورينس ۾ پورهيت گهراڻي ۾ جنميل اوريانا، پنهنجو ٻاروتڻ، ٻي مها ڀاري جنگ دوران فاشزم خلاف وڙهندڙ پنهنجي پيءُ جي ٻانهن ٻيلي بڻجي، گوريلا ويڙهه ڪندي گذاريو ۽ فاشسٽن جي قيد مان ڀڳل/ڀڄايل قيدين جي ملم پٽي ۽ تيماداري ڪندي گذاريو. 16 ورهين جي ڄمار ۾، ميڊيڪل سائنس ۾ داخلا وٺندڙ اوريانا، ٿوري ئي وقت ۾ يونيورسٽي ڇڏي صحافڻ بڻجي وئي ۽ پنهنجو پورو صحافتي ڪيريئر، ڀرپور نموني، سدائين جان جوکي ۾ وجهي، پهرين صف جي عالمي صحافيءَ جي حيثيت سان گذاريو.
اطالوي ٻوليءَ جي هفتيوار سياسي رسالي،L’Europeo سان لاڳاپجي، پهريان شوبز ۽ فلم انڊسٽريءَ سان لاڳاپيل ماڻهن جا انٽرويو ڪرڻ لڳي، پوءِ مختلف سياسي شخصيتن جي منفرد انٽرويوز ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ۽ ساڳي وقت، مختلف جنگي محاذن تان پهرين صف جي “وار ڪارسپانڊينٽ” بڻجي، دنيا کي باخبر ڪرڻ لڳي. ويٽنام، لاطيني آمريڪا، وچ اوڀر ۽ انڊيا-پاڪ جنگ (1971)، کي جنگي محاذن تان ئي رپورٽ ڪيائين. لاطيني آمريڪا جي شهر ميڪسيڪو ۾ احتجاجين مٿان جڏهن گوليون وسايون ٿي ويون ته ساڻن گڏگڏ هلڻ دوران کيس به ٽي گوليون لڳيون ۽ کيس مئل سمجهي، لاش مرده خاني پهچايو ويو ته کيس هوش آيو ۽ هن رڙيون ڪيون، پوءِ سندس جان بچائي وئي، جنهن کي پاڻ “جان بخشي وئي” چوندي هئي. 1983ع دوران لبنان جي جنگي محاذ تي ترسيل پڻ رهي ۽ ان جنگ جي واقعن کيInshaallah نالي لکيل ناول ۾ ڀرپور قلمبند ڪيو اٿائين.
سنهڙي سيپڪڙي هڏڙن مٺ اوريانا، ڦڦڙن جي هڪ قسم جي خانداني ڪينسر ۾ مبتلا هجڻ باوجود پنهنجي پوري حياتي چين سموڪر، پشمي ڪپڙن، ڪوٽن، پرفيومز ۽ مهانگن ۽ معياري وڏن ٽوپلن جي شوقين رهي.
انٽرويوز ڪرڻ ۾ خاص مهارت رکندڙ اوريانا، پنهنجي همعصر دور جي هر ان حڪمران ۽ شخصيت جو انٽرويو ڪيو، جنهن متعلق سندس خيال هو ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان “پاور” ان شخص جي ڪمزوري رهيو هجي يا سندس تعاقب ۾ رهيو هجي ۽ ان دائري ۾ ان دور جا سڀ دبنگ سياستڪار اچي وڃن ٿا، جن جي ڪمزوري “پاور” هو يا جيڪي “پاور” جي حاصلات لاءِ پوري دنيا کي دوزخ بڻائي رهيا هئا. ڪينيڊي، ڪسينجر، نگوئين وان ٿيو، جنرل گياپ، گولڊا ميئر، ياسر عرفات، حسين، امام خميني، ذوالفقار علي ڀٽو، مجيب، اندارا گانڌي، رضا پهلوي، دلائي لاما، قذافي، ڊنگ شيائوپنگ سميت جرمن چانسلر ولي برانٽ، اٽليءَ جا حڪمران، پوپ وغيره سميت اهڙي ڊگهي فهرست آهي، جن جي اندر مان اهڙيون ڳالهيون نڪري سامهون آيون، جيڪي نه سلڻ جهڙيون به هيون ۽ پوءِ اهي ڳالهيون پوري دنيا ۾ نئون ڀونچال پيدا ڪري ڇڏينديون هيون.
اوريانا، انٽرويو ڪرڻ جي ڀرپور تياري ڪندي هئي ۽ اڳواڻن کان مختلف ويهڪن ۾ ستن ستن ڪلاڪن تائين به ساندهه انٽرويو ڪندي هئي، سندس انٽرويو جارحيت سان ڀرپور ۽ ايترا ته تڪراري هوندا هئا جو انٽرويو ٿيڻ دوران به اڳواڻن جا پگهر نڪرندا هئا ته انٽرويو ڇپجڻ کانپوءِ هو ويتر نئين مصيبت ۾ ڦاسي ويندا هئا ۽ هوءَ ترجمان ذريعي ڪنهن اڳواڻ جو انٽرويو وٺڻ جي سخت مخالف هوندي هئي. بقول سندس، انٽرويوز ڪرڻ جو عمل، ڄڻCoitus & Seduction جو عمل هو، جيڪو ڪندي هوءَ نه رڳو ڀرپور لطف اندوز ٿيندي هئي، پر پوري دنيا کي ڏندين آڱريون به ڏئي ڇڏيندي هئي ۽ اهڙي ئي هڪ انٽرويوءَ دوران هوءَ حقيقي طور Coitus & Seduction جو شڪار ٿي وئي. يونان ۾ آمريت خلاف ويڙهه وڙهندڙ اڳواڻ، اليگزينڊر پيناگولس جيئن ئي آمر جي قيد مان آزاد ٿيو ته سندس آفيس جي هڪ ٻئي صحافيءَ سندس انٽرويو وٺڻ لاءِ اٿينس اسهڻ جو اعلان ڪيو ته پاڻ نه رڳو ان کي روڪيائين، پر پاڻ اڳواٽ طئي ٿيل جرمن چانسلر ولي برانٽ جو انٽرويو به ان ڏينهن وٺڻ جو ارادو ترڪ ڪري، پيناگولس جي قيد ۾ ڦاسڻ لاءِ پرڙا ساهي، اٿينس ڏانهن اڏام ڪئي. اوريانا جيCoitus & Seduction جو اثر ابتو ٿيو، هوءَ پيناگولس جي محبت جي اسير ٿي وئي، ساڻس ٽي سال تيستائين گڏ رهي، جيستائين هو ڪار حادثي جو شڪار نه ٿيو، جنهن کي اوريانا قتل جو سازشي منصوبو قرار ڏيندي رهي. پيناگولس، سندس ٻن ناولنA Man ۽Letter To A Never Born Child جو مرڪزي ڪردار به بڻيو ته سندس محبت گاڏڙ نفرت ۽ نفرت گاڏڙ محبت جو سندس پوري حياتي مجسم به بڻيو رهيو. سندس موت پڄاڻان هوءَ سندس ذڪر سدائين پوري احترام سان ڪندي هئي ۽ ذڪر ۾ ايندڙ لفظ هوندا هئا: “منهنجو پيار، منهنجو مڙس، منهنجو سياسي ساٿي، منهنجو دوست.”(My lover, my husband without contract, my political comrade, my friend) پيناگولس جي لت سان ئي سندس پيٽ ۾ پليل ٻار، هن دنيا ۾ اکيون نه کولي سگهيو ۽ هوءَ پوري حياتي شادي ڪرڻ کان ته سخت نفرت ڪرڻ لڳي، باقي ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ حسرت سدائين من ۾ جوان رهندي ٿي آيس.
اوريانا، عالمي سطح تي سدائين محبت ۽ نفرت، اتفاق ۽ اختلاف جي گهيري ۾ رهي. ساڄي ڌر، انساني حقن جا ڪارڪن، لڏپلاڻ مخالف گروهه ۽ قدامت پسند ٽولا سندس سدائين حامي رهيا. کاٻي ڌر وارا، سدائين کيس شڪي نگاهن سان ڏسندا رهيا. 1992ع ۾ ڦڦڙن جي هڪ اهڙي قسم جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي، جنهن ۾ سندس پيءُ سميت ٽي گهر ڀاتي متاثر ٿي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺا هئا. جنهن کانپوءِ هوءَ عملي صحافت کان رٽائر ٿي، نيو يارڪ جي ٽريڊ سينٽر ويجهو ڪنهن فليٽ ۾ رهڻ لڳي ۽ پنهنجي سموري توانائي، پنهنجن ڪتابن جي تياريءَ ۽ انگريزي ترجمن جي نطرثانيءَ ۾ لڳائڻ لڳي.
آمريڪا ۾ يارهين سيپٽمبر جي سانحي کانپوءِ سندس قلم جي تلوار، مسلمانن خلاف وهڻ لڳي. مسلمانن پاران گهڻا ٻار ڄڻڻ جي عمل تي ته هوءَ پنهنجي ذهني بلوغت کان ئي ڏمريل هوندي هئي، ويتر ان سانحي مٿس ايترو اثر وڌو جو اسلام ۽ مسلمانن خلاف ڀرپور لکيائين. سندس ذهني سطح ۽ تخليقي قوت غضب جي هوندي هئي، پو جنهن جي به ڪڍ پئي ۽ جنهن نظريي، خيال ۽ رجحان خلاف سندرا ٻڌي ته پنهنجي پوري قوت سان مٿن حملي آور ٿيندي هئي. تنهنڪري کيس “ننڍڙو صحافتي ڪروزميزائيل”A tiny journalistic cruise missile
چيو ويندو هو.
اوريانا جو وسيع قلمي پورهيو سدائين سندس حياتيءَ ۾ تعريف ۽ تنقيد جو سبب بڻيو رهيو ۽ سندس وئي پڄاڻان به ان تي پيو بحث ٿيندو رهيو، پر سندس تکي ذهني صلاحيت ۽ پورهئي کي رد ڪرڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه نه آهي. سندس ڊزن کن ڪتاب مختلف وقتن تي مارڪيٽ ۾ ايندا رهيا آهن، جيڪي پهريان اطالوي پوءِ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيندا رهيا آهن ۽ سندس هر ڪتاب ۽ ان جو هر ايڊيشن، ڇپجڻ سان ئي لکين ڪاپين جي وڪري جا رڪارڊ ٽوڙيندو رهيو آهي. هتي، سندس جڳ مشهور ڪتابن جو اڀياس ڪجي ٿو.
اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط(Letter To A Never Born Child) هي ناول هڪ انتهائي اثرائتو، فڪر انگيز ۽ جذبات سان ڀرپور ادبي شاهڪار آهي، جيڪو هڪ ڳورهاري ماءُ جي خود ڪلاميءَ تي ٻڌل آهي. 1975ع ۾ ڇپيل ۽ 128 صفحن تي مشتمل ناول، ٿوري وقت اندر ئي دنيا جي ٽيهارو کن ٻولين ۾ ترجمو ٿي ويو. هي ناول ماءُ ٿيڻ، هڪ ماءُ جي ذاتي سڃاڻپ ۽ ٻار کي هن دنيا ۾ آڻڻ جي فيصلي جهڙن موضوعن تي روشني وجهي ٿو ۽ هڪ عورت جي من جي ڪيفيت، دل ۽ دماغ اندر ٿيندڙ ويڙهاند، ذهني ۽ جذباتي ڪشمڪش، شعوري ۽ لاشعوري خيالن جي وهڪري، عورت جي آزادي، احساسن، خوفن، شڪن، اميدن ۽ ماءُ ٿيڻ سان لاڳاپيل اخلاقي، سماجي، مذهبي، وجودي سوال تي ۽ ان کان به اڳتي هڪ عورت هجڻ جي وجود جي حقيقي معنيٰ تي نفسياتي، فلسفياڻي، سماجي ۽ اخلاقي پسمنظر ۾ پوري بيباڪي، ايمانداري ۽ سوچن، جذبن جي سچائيءَ سان بحث ڪري ٿو. سندس لکڻ جو انداز انتهائي طاقتور، دل کي ڇهندڙ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندڙ آهي. سندس ننڍن ننڍن لفظن ۽ جملن ۾ تمام وڏن خيالن جي پختگي ۽ گهرائي سمايل آهي. هوءَ هڪ اهڙي عورت (جيڪا خود پاڻ آهي) جي احساسن، خوفن، اميدن ۽ شڪن کي پيش ڪري ٿي، جيڪا پنهنجي اڻ ڄاول ٻار سان مخاطب ٿي پنهنجي دل جون ڳالهيون ڪري ٿي. هن جي شاعراڻو ۽ روان نثر، ڪهاڻيءَ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي ٿو ۽ دل کي ڇهندڙ ننڍڙن ننڍڙن جملن ذريعي پڙهندڙن کي آزادي، ذميواري، زندگي جي اهميت ۽ انساني جذبن بابت گهري سوچ ۾ وجهي ڇڏي ٿو. هن ناول ۾ انساني جذبن ۽ انساني نفسيات جي اهڙي ته شاندار عڪاسي ٿيل آهي جو ناول ۾ پيش ڪيل خيالَ، پڙهندڙن کي پنهنجن جذبن جي ترجماني ڪندي نظر ايندا. فلاچيءَ، جهڙي نموني ماءُ ٿيڻ ۽ عورت هجڻ بابت هن ناول ۾ روايتي نظرين جا ڇوڏا لاٿا آهن، سندس اهڙي اظهار جي بيباڪي، ان موضوع تي تمام ٿورڙن ليکڪن ڏيکاري آهي. مختصر ته انساني زندگيءَ جي مقدس پڻي، عورت جي حقيقي ڪارج، ماءُ ٿيڻ جي پيچيدگين، سماجي روايتن جو عورت تي اثر، عورت ڏانهن مرداڻي سوچ جي رجحانن سميت هڪ سچي، باوقار ۽ ڀرپور مطئمن زندگي گذارڻ بابت هي ناول، پڙهندڙن جي ذهن تي سگهارو اثر ڇڏڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. مون کي هن ناول ۾ جيڪا خامي نظر آئي ته اُها، اِها ئي آهي ته ناول ۾ ڪيترن ئي جاين تي ساڳين خيالن جو ورجاءُ ٿئي ٿو، جيڪو نه ٿيڻ سان پڙهندڙن کي ڪنهن قدر بوريت کان بچائي وٺي ها.
“اي مين”(A Man) هي ناول، ڪٿا جي صورت ۾ اوريانا، پنهنجي پيار ۽ يونان ۾ آمريت خلاف ويڙهه وڙهندڙ هيري، اليگزينڊر پيناگولس(Alexandros Panagoulis’) جي زندگي، جدوجهد ۽ ساڻس پنهنجي پيار کان ويندي قتل ٿيڻ تائين بابت لکيو آهي. 472 صفحن جو هي ناول، 1979ع ۾ پهريان اطالوي ٻوليءَ ۾ ۽ پوءِ 1981ع دوران انگريزي ٻوليءَ ۾ ڇپيو ۽ هن ناول جو اسلوب بايوگرافيڪل ۽ يادگيرين(Biographical & Memoirs) جي گهاڙيٽي ۾ سمايل آهي. اليگزينڊر پيناگولس، جنهن مٿان الزام هو ته هن يوناني آمر جارج پاپاڊوپولوس کي 1968ع ۾ قتل ڪرڻ جي سازش جو ماسٽر مائينڊ هو. قتل جي الزام ۾ پيناگولس گرفتار ٿيو، مٿس ڪيس هليو ۽ موت جي سزا ٻڌائي وئي. ملڪ ۾ حالتون مٽيون، عالمي دٻاءُ وڌيو ۽ کيس 1973 ع ۾ آزاد ڪيو ويو. آزاديءَ بعد اوريانا سندس انٽرويو ڪرڻ وئي، ٻئي هڪٻئي سان پيار جو پيچ اڙائي ويٺا، بنا ڪانٽريڪٽ جي ٽن سالن تائين، تيستائين گڏ رهيا، جيستائين پيناگولس روڊ حادثي ۾ حياتي نه وڃائي ويٺو. جنهن لاءِ فلاچيءَ جو پختو خيال هو ته اهو حادثو کيس ڄاڻي واڻي قتل ڪرڻ لاءِ رچايو ويو هو. ناول ۾ هڪ انارڪسٽ هيرو جي آمريت خلاف جدوجهد، پيار جي جنونيت، جذباتي خوشي ۽ پِيڙا، بوگس جمهوريت ۽ ڪرپٽ سياسي نطام خلاف ويڙهه، ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي تڏهوڪن رجحانن جي چير ڦاڙ سميت همعصر دور جي ڪيترن ئي رازن تان پردو کنيو ويو آهي. هي ناول، ان دور جي يورپ جي آمريتن، آمريت نواز حڪومتن ۽ سندن سرپرستن ۽ ڪوڙي جمهوريت جا بخيه اڊيڙيندي نظر اچي ٿو. هن ناول ۾ ليکڪا جي خيالن سان توهان اختلاف ته رکي سگهندا، پر ان دور جو آئينو، اوهان کي اهو گهڻو ڪجهه ڏيکاريندو، جيڪو اوهان عام طور ان دور جي سياسي ادب مان حاصل نٿا ڪري سگهو.
“انشاءَ الله”(Inshallah) پهرين جنوري 1990ع تي پهريون ڀيرو اطالوي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ ۽ سال جي مختصر عرصي تائين انگريزي ويس ۾ ايندڙ هي ناول، لبنان ۾ جاري 1983ع واري گهرو ويڙهه کي فوڪس ڪري ٿو. 600 صفحن جو هي ناول، پنهنجي پلاٽ ۾ بيروت جي چوڌاري ڦري ٿو ۽ جنگ جي تباهه ڪارين ۽ انساني المين کي انساني جذبن جي ڪسوٽيءَ سان پرکي ٿو. اوريانا جي پهرين ناولن جي ابتڙ گهڻ-ڪرداري هن غير معمولي ناول جو پسمنظر بيروت جو ورهايل شهر آهي، جيڪو پرڏيهي فوجن، هڪٻئي سان وڙهندڙ لبناني ڌڙن ۽ انتهاپسند دهشتگرد گروهن جي گهيري ۽ مسلسل حملن سبب سخت تباهه ۽ متاثر ٿي چڪو آهي. ناول جي شروعاتي صفحن ۾ آمريڪي ۽ فرانسي فوجين جي بيرڪن تي تباهي مچائيندڙ خودڪش حملن جي منظر نگاري ڪئي وئي آهي. تنهن کانپوءِ ناول ۾ پاڻ ٽن ملڪن جي گڏيل امن فوج ۾ شامل اطالوي دستي جي ڪيترن ئي معتبر فوجين سان ملون ٿا، ساڳئي وقت بيروت جي عورتن ۽ عام شهرين سان به پنهنجي ملاقات ٿيندي هلي ٿي، جيڪي هن بدترين جنگ جي ور چڙهي ويا آهن. هي ناول جنگ جو انتهائي بي رحم ۽ ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ ڀوائتي خواب جهڙو منظر پيش ڪري ٿو. هن ناول جي ڪردارن ذريعي محبت ۽ نفرت، اميد ۽ خوف، بهادري ۽ بزدلي، وفاداري ۽ غداري، شفقت ۽ وحشت، رحمي ۽ بي رحمي، جي اهڙي ته تصوير ڪشي ڪئي وئي آهي جو ناول پڙهندي، انساني جذبن جي درياءَ ۾ پاڻ کي ٻڏڻ کان بچائي ئي نٿو سگهي. هي ناول، رڳو جنگ ۽ امن تباهه ڪارين ۽ خوبين کي بيان نٿو ڪري، پر انساني محبت، نفرت جو هر پاسو، تقدير، تدبير جي دلچسپ موضوع سميت ڪاوڙ، ڪروڌ، سنجيدگي ۽ مزاح کي پوري پوري ڏانءَ سان پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ تائين لاهي ٿو. هي ناول بنا ڪنهن جنسي ۽ قومي فرق جي، انساني جذبي سان ڀرپور حوصلي، همت ۽ بقا جي دائمي جذبي جو غير معمولي شاهڪار آهي.
“تاريخ سان ملاقات”(Interviews With History And Power) اوريانا جو جڳ مشهور انٽرويوز جو هي ڪتاب، 1976ع ڌاري پهريان اطالوي ٻوليءَ ۾ پوءِ نيو يارڪ مان 376 صفحن تي مشتمل انگريزي ٻوليءَ ۾ ڇپيو. هن وقت تائين هن ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن ۽ ڪتاب انٽرنيشنل بيسٽ سيلر جي فهرست ۾ رهندو آيو آهي. جيئن مان مٿي لکي آيو آهيان ته هن ڪتاب ۾ شامل ان دور جي سياسي قوت رکندڙ سياستدانن جا انٽرويوز، پهريان اطالوي رساليL’Europeo ۾ ڇپجندا رهندا هئا ۽ پوري دنيا ۾ پاور ڪاريڊورس ۾ بحث جو موضوع بڻبا رهندا هئا. هن ڪتاب جي هر ايڊيشن ۾ 14 سياستدانن جا انٽرويوز شامل آهن ۽ ان ڪتاب ۾ اوريانا 3 ڀيرا سنوارَ ۽ سڌارَ ڪئي آهي. مان سندس جيڪو ڪتاب پهريون ڀيرو پڙهيو هو، ان ۾ جان ايف ڪينيڊي، دلائي لاما، امام خميني، معمر قذافي ۽ ايريل شيرون، ڊنگ شيائوپنگ، ليچ وليسا جا انٽرويوز نه هئا، ۽ وري سندس ڪتاب جي جنهن ايڊيشن ۾ اهي انٽرويوز پڙهيا ته ان ۾ ولي برانٽ، بشپ ميڪريس، اليگزينڊر پيناگولس، پيٽرو نينسي، ڊوم هيلرڊ ۽ حسين (جارڊن) جا انٽرويوز نه هئا. سندس وفات کانپوءِ واري ايڊيشن مان هيٺيان نالا ڪڍيا ويا آهن ۽ مٿيان ڏنا ويا آهن. هي ڪتاب پڙهڻ سان ستر وارو پورو ڏهاڪو، اوهان جي اکين آڏو گهمڻ لڳي ٿو ۽ ان دور جي پاور پوليٽڪس جي ڪل مهندارن جي ذهنن جي ستن پردن هيٺان به جيڪو ڪجهه لڪيل هو، اوريانا پوري سچائيءَ سان اهو ڪڍي ٻاهر آندو. محلاتي سازشون، هڪٻئي کي جهڪائڻ جون حرفتون، تڏهوڪن هلندڙ جنگين جون ڪاميابيون، ناڪاميون، هن ڪتاب جو عنوان آهن ۽ ان کان به اڳتي، هن ڪتاب جي سونهن تڏهن نروار ٿي ٿئي، جڏهن انٽرويوز شروع ڪرڻ کان اڳ فلاچي، سندن تفصيلي خاڪو لکي ٿي. هرهڪ سياستدان جون ڪمزوريون، طبيعت، مزاج، سوچ جي اڏام، اهليت ۽ قابليت، ذهني ليول ۽ مختلف نفسياتي پاسن کي جهڙي نموني اوريانا، پنهنجي سمجهه جي گلاس ۾ اوتي پيئي ٿي، ان مان اهي شخصيتون پنهنجي تمام تر خوبين، خامين سميت پڌريون ٿي بيهن ٿيون. سندس پاران مختلف سياستدانن کي ڏنل خطاب، اڄ به انهن سياستدانن لاءِ ڄڻ وصفون بڻيا پيا آهن. ذري گهٽ پنج ڏهاڪا پراڻو هجڻ باوجود، هي ڪتاب اڄ به سياسي ادب ۾ دلچسپي رکندڙ شاگرد لاءِ بنيادي اهميت وارو ڪتاب آهي.
اوريانا فلاچيءَ جي قلمي پورهئي ۾ اڃان ٻيا به ڪافي ڪتاب اچي وڃن ٿا، جيڪي مان پڙهي ته ناهيان سگهيو، باقي انهن بابت پنهنجي سُڌِ جي بنياد تي هيٺيون سٽون لکان پيو. انهن مان هڪ ڪتاب “ضعيف جنس”(The Useless Sex) به مٿين ڪتابن جهڙو معياري ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو. 1964ع ۾ ڇپيل اهو ڪتاب، سندس دنيا جي اهڙي سفري ڪٿا آهي، جيڪا پاڻ رپوٽيج فارميٽ ۾ لکي اٿائون ۽ ان ۾ عورتن جون خوشيون، ڏک، زندگيون، جيون جاکوڙون ۽ سماجي رتبو بيان ڪري ٿي، جيڪو کين سندن سماجن ۾ مليل هو. اولهه کان وچ اوڀر، انڊونيشيا، جاپان، چين، انڊيا، پاڪستان سميت لاطيني آمريڪا جي ملڪن تائين اهو ڪتاب عورتن جا اهنجَ، اسان جي آڏو آڻي رکي ٿو. جيئن ته اوريانا، بنيادي طور صحافڻ هئي، ان ڪري سندس اهي تفصيلي رپورٽون به سندس مئگزين ۾ پهريان ڇپيون، پوءِ ڪتابي صورت ۾ آيون.
اوريانا فلاچي، جڏهن عملي صحافت تان رٽائر ڪري نيو يارڪ ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر ويجهو پنهنجي زندگيءَ جا پويان ڏينهن پنهنجي قلمي پورهئي جي انگريزي ترجمن جي نئين سر سنوار سڌار ۾ گهاري رهي هئي ته يارهين سيپٽمبر 2001ع وارو واقعو رونما ٿيو، جنهن مٿس ذهن تي بدترين اثر ڇڏيو ۽ سندس قلم وري سياسي اسلام، بنياد پرستي، ملائيت ۽ ايستائين جو عام مسلمانن خلاف به حرڪت ۾ اچي ويو ۽ اٽليءَ جي هڪ ٻي اخبار ۾ وري لکڻ جو سلسلو شروع ڪيائين، جيڪو سندس نفرت جي گرمي پد کي ٽهڪندڙ درجي تائين وٺي ويو. انهن ڏينهن ۾ سندس تڪراري “ٽريالاجي” سامهون آئي. نائن اليون جي حملي جي پسمنظر ۾ سندس ڊگهو مضمون “ڪاوڙ ۽ تڪبر”(The Rage & the Pride) ، پهريان قسطوار اطالوي اخبار ۾ پوءِ ترت اطالوي ۽ انگريزي ٻولين ۾ 2001ع ۾ ئي ڇپيو، ۽ وري 2004 ع ۾ سندس ٻيو ڪتاب “دليل جي طاقت” (The Force of Reason) ڇپيو، جنهن ۾ هن يورپي سڃاڻپ ۽ ڪلچر تي اسلام ۽ مسلمانن جي اثر جي اينگل کان جائزو ورتو ۽ سندس وفات کان ٿورو اڳ، هڪ ٻيو به ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيو، جنهن ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جو پنهنجي مخصوص انٽرويو وٺڻ واري انداز ۾ ڇيد ڪيو ۽ سندس موت پڄاڻان، هڪ ٻيو ناول پهريان اطالوي، پوءِ انگريزيءَ ۾ ڇپيوA Hatred Full Of cherries (2008) ، جيڪو خانداني سيگا تي آڌاريل ناول آهي ۽ اهو ناول لکندي، هن پنهنجي صحت جي سنڀال ڪرڻ مڪمل ڇڏي ڏني، جنهن ڪري وقت سر دوائون نه وٺڻ ۽ ڊاڪٽر ڏانهن ضروري چيڪ اپ واسطي نه وڃڻ جي نتيجي ۾ سندس موت واقع ٿيو.
پنهنجي جنم ڀوميءَ ۾ پنهنجا پڇاڙڪا پساهه کڻندڙ ۽ اتي ئي مدفون اوريانا فلاچيءَ جو سڦل جيون، مڪمل متحرڪ، بي پرواهه ۽ پنهنجي خيالن کي پوري بي خوفيءَ سان دنيا آڏو آڻيندي گذريو. پوري دليريءَ سان پنهنجو قلمي پورهيو جاري رکيائين ۽ موت ۾ بي خوف ٿي موت سان به مهاڏو اٽڪايائين ته پنهنجن پڇاڙڪن سالن تائين ڪورٽن ۾ ڪيسن کي به منهن ڏيندي رهي. اهڙين شخصيتن جو پورهيو، هڪ اهڙو وکر آهي، جيڪو پئي پراڻو ته ٿيڻو ناهي، پر پوري دنيا لاءِ ساڃاهه جون نيون روشن راهون ڏيکارڻ ۾ پڙهندڙن کي خيالن جي نواڻ آڇيندو رهندو.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو