مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ظالم سياست، ادب ۽ صحافت جا موضوع ڦري عام زندگيءَ کي متاثر ڪيو آهي!

Shabir Khokharr تجزيه نگار، ليکڪ، ڪالم نويس، سينئر صحافي

ايم فل اسڪالر، شاعر، تجزيي نگار، نقاد، محقق، اٺ ڪتابن جو ليکڪ، مضمون نگار، ڪالم نويس.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پنجاھ سالن کان مظلومن کي گھلڻ کانپوءِ به اقتدار جي سياست کي سمجھڻ بدران ساڳئي ڪار مڱڻهار ۽ ميراثي دھل کڻي مظلومن کي روڊ تي گھلڻ لاءِ تيار بيٺا آهن، اشرافيه کي تڪ جي سياست تي ڪوبه لھر لوڏو ناهي. سنڌي اليڪشن واري ڏينهن سڀ ڪجھه وساري پ پ کي ووٽ ڏيندا آهن، پوءِ پنجن سالن تائين پادر پيا کائيندا آهن. رڳو ساڳين دانشورن کي گھرائڻ سان ڪو حل نه ملي سگھندو، جيڪي ساڳي اوڳر پيا ورائيندا، ڪوشش ڪري نوان پسمنظر ۾ رھندڙ نوان نالا گھرائي ڏيکاريو، جيڪي ھمعصر دور جي بيانيي سان اختلاف راءِ رکندڙ ۽ تنقيد ڪندڙ آھن، منحرف بلڪل الڳ موقف رکندڙ آهن. سنڌي قوم جن کي اقتدار تي ويھاريو آهي اھي سڀ چپ آھن، باقي جن جو وٽي تي نالو ناھي اھي ويٺا دليل ڏين سياست ۾دليلن جو ڇا؟ سياست پنھنجي زبان سمجھندي آھي اھا ڪو ڇو نه پيو ڳالهائي؟؟
رڳو حڪمران پارٽي کي جواب ڏيڻ جڳائي، غير پارلياماني مخالف ڌر جي بيان بازي سان معاملو خراب ٿي سگھي ٿو. مخالف ڌر پنھنجي سياست چمڪائڻ لاءِ ھر معاملي ۾ ڄنگھه اڙائي بيھي رھي ٿي، جنھن جي ڪري ڪوبه معاملو حل نه پيو ٿي سگهي، حڪومت جي ذميواري وارا معاملا به مخالف ڌر کڻي بيھي ٿي. جن سياسي اڳواڻن جو سياست ۾ ڪوبه ڪردار يا حصو پتي ناھي اھي به قومي سياست جي معاملن تي ڳالھائڻ سان گڏ مظلومن کي روڊ تي گھلڻ لاءِ تيار بيٺا آهن، رڳو پنهنجو سياسي قد وڌائڻ لاءِ ادب، صحافت، ميڊيا کي استعمال پيا ڪن. پاڻي جي معاملي تي مخالف ڌر جي روايتي سياست، واويلا سان ڇا ٿيو؟ درياءَ ۾ پاڻي اچڻ سان مخالف ڌر جي سياست مان ھوا نڪريو وڃي. اٺاوھين ترميم تي پڻ ساڳي سياست چمڪائي وڃي ٿي، حڪمران پارٽي کي سامھون ڪرڻ بجاءِ مخالف ڌر کي اڳيان آندو وڃي ٿو، پارليامينٽ جي سياست تي روڊ جي سياست کي گھليو وڃي ٿو، نتيجي ۾ معاملا نبيرڻ بجاءِ منجهي پون ٿا، جتي سنڌ حڪومت ارسا ۽ صوبائي معاملن جي وزارت يا گڏيل مفادن جي ڪائونسل ڪجھه نٿي ڪري سگھي، اتي مخالف ڌر کي گھليو وڃي ٿو.
حڪمران پارٽي کي جتي وفاق سان معاملو، رڪاوٽون پيش اچن ٿيون اتي جو پارلياماني فورم ڇڏي روڊ جو رستو اختيار ڪري ٿي، حڪومتن جا اختلاف حڪومت کي حل ڪرڻ کپن، پر افسوس آھي ته عوام جي مٿي ۾ ھنيا وڃن ٿا. صوبائي حڪومت رڳو مصلحتن جو شڪار بڻجي وڃي ٿي، ڪو سياسي قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. معاملن تي ڪابينا مان استعيفيٰ اينديون آهن، پر ھتي اھڙو ڪوبه مثال نٿو ملي. رڳو اقتدار کي بچائڻ لاءِ سمجهوتو ڪيو وڃي ٿو، حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو رستو ڪير اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڪرسي کي آخري پناھ گاھ سمجھيو وڃي ٿو. حلقي ۾ واپس وڃڻ جو ڪير به نٿو سوچي. الڳ صوبي جو راڳ ڳائڻ وارن کي ڪير ٽڪر وجھڻ لاءِ تيار ناهي، رڳو اقتدار ۾ حصيداري سان جيڪو معاملو حل ٿي سگهي ٿو ان کي روڊ تي گھلڻ لاءِ اڇلايو وڃي ٿو.
ڪراچي جي ميئر جو رھندو، ڪجھه وزارتن سان ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جو وات بند رکڻ ممڪن ھو، جنھن کي ھاڻي مشڪل بڻايو ويو آهي. سنڌ جي حڪمران پارٽي کي ڇڏي مخالف ڌر جي ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي جي پٺيري ٿيڻ مان ڇا مراد وٺڻ گهرجي؟ حڪمران پارٽي کي ان تي سوچڻ گھرجي يا ان جا جواب ڳولهڻ گهرجن. ھو اسٽيبلشمينٽ کي اھڙا موقعا ڇو ٿي فراھم ڪري، جنھن سان معاملا منجھي پون ٿا. وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي ان نااتفاقي، سياسي ويڇي پيدا ٿيڻ سان مخالف ڌر جي سياست، ادب، صحافت سڀ ڪجھه متاثر ٿي رھيا آھن، سڄي ميڊيا ٻيا ڪم ڇڏي انھن جي پٺيان لڳيو وڃي، جنھن سان قوم جو رڳو نقصان ٿي رهيو آهي.
“آج ڦر جيني ڪي تمنا هي، آج ڦر مرني کان ارادا هي”
سياست کي ڪا مار پوي جيڪا اسان جي جيئڻ مرڻ جا فيصلا ٿي ڪري، اسان کان محبت ڦري وٺي ٿي، اسان ھن جي ھٿن ۾کيڏڻ تي مجبور ٿي پيا آھيون، ان اسان جي آزادي اسان کان ڦري ورتي آهي. ڀرپور سماجي زندگيءَ گذارڻ بجاءِ سياست جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آهيون، جتان ڪنھن جو ثابت ورڻ مشڪل آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي نااتفاقيءَ سبب سياسي معاملن کي قومي حساس معاملو بڻائڻ سان قومي ميڊيا، ادب، صحافت کي پنھنجي نارمل موضوعن تان زبردستي ھٽائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، جنھن سان اسان جو ادب، صحافت، تعميراتي ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ سياست جي ور چڙهي وڃي ٿو، جنھن سان نفرت کانسواءِ ڪجھه پلئه نٿو پوي. منھنجي لکڻ جا موضوع ڪجھه ٻيا رھيا آھن، پر ظالم سياست مون کان منھنجا خوبصورت موضوع ڦري ورتا آهن. مان جبري طور پنھنجي تخليقي ذھن کي سياست جي گند صاف ڪرڻ تي خرچ ڪري رهيو آهيان. سياست زندگيءَ جي ھر نازڪ نفيس معاملي کي ڇو ٿي متاثر ڪري ويھي، ڇا اھو ممڪن ناهي ته ھو پنھنجا معاملا پاڻ تائين محدود رکي باقي سماج کي مرضي سان جيئڻ جو حق ڏئي؟ سياست منھنجي ذاتي، انفرادي، داخلي خارجي زندگي کي بري طرح سان ڌنڌلو ڪري ڇڏيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو