مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

خود شناسي ئي ڪائنات جي حقيقت کي سمجهڻ جو رستو ڏيکاري سگهي ٿي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڇا اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته ڇا اوهان رڳو ھڪ وجود آهيو؟ جيتوڻيڪ اوهان آئيني ۾ ڏسي ٻين جي نظرن ۾ اچي ۽ انهن جي تصديق سان يا وري سوچ ويچار جي ذريعي پنهنجي وجود جو يقين حاصل ڪري ڇڏيو ھجي، پر ڇا ڪڏهن اوهان پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ڪمن ۾ ايتري حد تائين محو ۽ مشغول لڌو آهي جو انهن ڪمن کي وڌيڪ ڪنهن شعوري ڪوشش جي ضرورت نه رھي ھجي؟ ۽ ڇا اوهان ڪڏهن اھڙي لاشعوري وجود جو تجربو ڪيو آهي، چاھي اھو مختصر ئي ڇو نه ھجي، جيڪو ظاھري طور اوھان جي مادي وجود کان بلڪل الڳ ٿلڳ محسوس ٿيندو ھجي؟
جيتوڻيڪ انسان فاصلن کي پنهنجي رسائي جي راھ ۾ ھڪ رڪاوٽ سمجهي هميشه پِٽڪو ۽ ماتم ڪيو آهي، پر هي ھميشه فاصلو ئي ناھي ھوندو جيڪو انسان کي ان شيءِ تائين پھچڻ کان روڪيندو آهي جيڪو ھن جي سڀ کان وڌيڪ ويجهو ھوندو آھي. جيڪڏھن ائين نه ھجي ھا ته انسان نه رڳو پري پري وارين ڪھڪشائن جا نقشا تيار نه ڪري ھا، پر پنهنجي اندر موجود ان سڀ کان ويجهي ۽ ڄاتل سڃاتل وجود (ذات) جي اسرار کي به ڪڏهوڪو حل ڪري چڪو ھجي ھا. جيڪڏهن فاصلي ڪنهن شيءِ کي لڪايو آهي، ته اھا فقط “ذات” (self) ئي آهي. فاصلي جو ھي تضاد ٽن بنيادي حدن جي طرف اشارو ڪري ٿو:
ذات جي تلاش ھڪ نسبتن جديد دور جو معرڪو آهي. لساني حدن ذات جي ان تلاش کي تنگ نظرياتي دائرن ۾ قيد ڪيو آهي. بقا جي بنيادي جبلت انسانن کي پنهنجي اندروني وجود جي بجاءِ بيروني دنيا ۾ الجهائي رکيو آهي. فلسفي جو مادي ڪائنات کان ھٽي ڪري انساني ذات جي طرف متوجھه ٿيڻ اھڙن سوالن جي صورت ۾ سامهون آيو جن اھو ظاهر ڪيو ته گذريل مفروضن جي ابتڙ خود شناسي ئي آهي جيڪا ڪائنات جي حقيقت کي سمجهڻ جو رستو ڏيکاري سگهي ٿي. ڊيڪارٽس ذات کي ھڪ خالص فڪري جوھر قرار ڏئي ٿو. مارس مرلو پونٽي ذات جي بنياد انساني جسم تي رکي ۽ ھي دليل ڏنو ته شعور ڪوئي اندروني دماغ نه آهي، پر ھڪ زنده جسم ۽ ان جو تعلق دنيا سان گڏ ڳنڍيل آهي. ابن عربي ذات کي ستن مرحلن ۾ ورھايو آهي، اماره کان وٺي انسان ڪامل تائين ۽ وحدت الوجود جي اندر فنا ۽ بقا جي ذريعي ھي واضح ڪيو ته خود شناسي ئي اصل ۾ خدا شناسي آهي. ٻين مفڪرن جن ۾ سقراط، افلاطون، ارسطو، نٽشي، رومي ۽ اقبال به ذات کي روح، جسم يا وصال الاھي جي مختلف زاوين جي حوالي سان پيش ڪيو آهي. “ذات” جا ھي مختلف پھلو اھو ٻڌائين ٿا ته ھي ڪا اڪيلي ھستي ناھي، پر وجود جا مختلف تھه آهن، جن مان ھرھڪ دريافت ھئڻ ۽ ٿيڻ جو منتظر آهي. ھن وقت تائين وجود جا ٽي تھه دريافت ٿي چڪا آهن:
پھرين تھ مادي يا حسي وجود آهي، جنهن ۾ جسم، جنھن جي گواھي حسي تجربا ڏيندا آهن ۽ جن کي ٻيا ڏسندا آهن. ٻيو شعوري وجود آهي، جيڪو مزاج ۾ ڊيڪارٽي آهي، جتي سوچ وجود جي تصديق ڪندي آهي. ٽيون محو عمل ھئڻ جي حالت آهي، ھڪ اھڙي ڪيفيت جتي شعور گهٽجي يا پوئتي ھليو وڃي ٿو ۽ انسان خالص، غير عڪاسي ڪندڙ عمل ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو. ھي ھائيڊيگر جي “دسترس ۾ موجود وجود” (ready-to – hand existence) جي تصور جي نظريي جي عڪاسي ڪري ٿو. ھتي پاڻ تي نظر رکڻ جو عمل ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ذات خود انھيءَ عمل اندر حل ٿي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ ھي تھ اسان جي حسي ۽ شعوري صلاحيتن سان جڙيل آهي، پر ھي ان کان مٿي ٿي ڪري سمورن فڪري فاصلن کي ختم ڪري ڇڏي ٿو. آخرڪار ذات پوئين ٻنهي ذات جي حدن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ھن ڪيفيت ۾ جذب ٿي وڃي ٿي. وجود جي ھر تھه جي سڃاڻپ اسان کي پنهنجي چوڌاري دنيا کي سمجهڻ ۾ مدد فراھم ڪري ٿي. مثال طور: حواس مادي دنيا کي رڪارڊ ڪن ٿا؛ شعور چاھي ڪيترو ئي موضوعي ڇو نه ھجي، پنهنجي ۽ پنهنجي ماحول جي حقيقت کي تشڪيل ڏيڻ ۾ مدد ڪندو آهي؛ ۽ محويت جي حالت حسي ۽ شعوري حقيقت کان مٿي کڻي ويندي آهي. تنھن ھوندي به، حقيقت اڃان به غير واضح ۽ سمجھه ۾ نه ايندڙ راز آهي، جيڪو ذات يا وجود کي غير دريافت شده تھن ۾ دفن ڪري ھڪ گهري سچ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ليکڪ ويجهو، وجود جو چوٿون ۽ پنجون تھه ان وجودي بحث جي چوڌاري ٺھيل ٺڳيءَ جي ٺاهه کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. چوٿون تھه يعني “بي ذات ذات” (selfless self) نئين سر اندر طرف رجوع ڪندي، ان قسم جي جستجو يا سچائي جي دريافت تي ختم ٿي سگهي ٿي يا وري اسان جي گمراھ ڪندڙ ڪوششن جي اعتراف تي. بعد واري صورت ۾ هڪ پنجون تھه جنم وٺي سگهي ٿو. “برتر ذات” (super self) ھڪ اھڙي ذات جيڪا ذات ۽ حقيقت ٻنهي جو ادراڪ رکندي ھجي ۽ جيڪا انسان ذات کي ان جي غير ضروري حالت مان ڪڍي حقيقت جي رستي تي وٺي اچي، جتي معروضي حقيقت ئي واحد حقيقت ھجي. ھي وجودي بحث کي حل ڪري سگهي ٿي ۽ انھن سڀني سوالن جا جواب ڏئي سگهي ٿي يا ان کي غير واسطيدار بڻائي سگهي ٿي جيڪي غور ۽ فڪر ڪرڻ واري انسان پنهنجي وجود ۽ پنهنجي چوڌاري دنيا جي باري ۾ ازل کان اٿاري رکيا آهن.
ذات، پنهنجن سمورن تھن سان گڏ، انسانيت جي سڀ کان گهري ۽ نامڪمل ترين تلاش ۽ ڳولها ۾ رهي آهي. پنهنجو پاڻ کي مڪمل طور ڄاڻڻ ئي شايد حقيقت مطلق کي ڄاڻڻ آهي. ھي جستجو چاھي ڪيتري ئي ڳجهي ۽ ھٿ نه اچڻ واري ڇو نه ھجي، شايد اھا سڀ کان بنيادي انساني ڪوشش آهي جيڪا ڪوبه انسان ڪري سگهي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو