مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سرڪاري ڪاليجن جي ۾ لائين داخلا ۽ پرنسپالن جي ذميواري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

حڪومت سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي طرفان، يارھين ڪلاس ۾ آن لائين داخلا جي سلسلي ۾ ميڊيا رپورٽن مطابق ھن مھل تائين ھڪ لک سٺ ھزارن  جي قريب درخواستون وصول ٿي چڪيون آھن. اچو ته داخلائن جي ان طريقيڪا کي سمجھون ۽ پرنسپال صاحبان کي سندن ڪجھه اھم ذميوارين کان آگاھ ڪيون.  سنڌ جي ڪاليج سائيڊ ۾ پنج ڊائريڪٽوريٽ آھن، جيڪي ترتيبوار ھيٺ ڏجن ٿا: ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شھيد بينظيرآباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر جن جو انتظام ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ھلائين ٿا. سڄي سنڌ ۾ 378 ڪاليج آھن، جن ۾ اڪثريت ڇوڪرن، ڇوڪرين جا جدا ڪاليج آھن، پر 6 ڪاليج اھڙا به آھن، جتي ڪو ايجوڪيشن آھي. سنڌ جي انھن پنجن ڊائريڪٽوريٽ ۾ ڪاليجن جو تعداد ھيٺ ڏيون ٿا:

ڪراچي ريجن: 156، حيدرآباد ريجن: 72، ميرپورخاص ريجن: 33، شھيد بينظيرآباد ريجن: 34، لاڙڪاڻو ريجن: 37 ۽ سکر ريجن: 46 ڪاليج.

ان مرڪزي داخلا پاليسي تحت ھن سال لاءِ سڄي سنڌ ۾ ڪلاس يارھين جون 220989 جايون رکيون ويون آھن، جنھن مان ھن مھل تائين جي انگن اکرن موجب تقريبن لک کن جايون اڃان خالي آھن، پر جيئن ته داخلائن جو سلسلو ھلي پيو ته اميد ڪري سگهجي ٿي ته سڀ ڪاليج شاگردن سان  ڀرجي ويندا.  جيڪڏھن پنج سال پٺتي وڃي داخلائن جا انگ اکر ڏسون ته 2021 ۾ 178744 شاگردن سرڪاري ڪاليجن ۾ داخلا ورتي ھئي. ان حساب سان گذريل پنجن سالن ۾ 42245 جو اضافو ٿيو آھي. اھو تعداد ايترو گھڻو به ناھي، پر جيڪي ٻيا ادارا اھڙيون داخلائون ڪن ٿا ۽ انھن کي گڏائجي ٿو ته انگ اکر مطمئن ڪندڙ آھن. سرڪاري ڪاليجن کانپوءِ وري سرڪاري ھائر سيڪنڊري اسڪول به آھن، انھن ٻنھي قسمن جي ادارن ۾ داخلا بلڪل مفت آھي ۽ شاگردن کان ڪنھن به قسم جي في نٿي ورتي وڃي. ان کان علاوه شايد ست ڪيڊٽ ڪاليج آھن، پبلڪ اسڪول تقريبن ھر ضلعي ۾ آھن ۽ پرائيويٽ ڪاليج به کوڙ آھن. جيڪڏهن انھن سڀني کي ملائجي ته يارھين ڪلاس ۾ لڳ ڀڳ 350,000 ٻارن کي داخلا ملي ٿي. اھو انگ مناسب لڳي ٿو. خوشي جي ڳالھه اھا به آھي ته ڪاليج ويندڙ ڇوڪرين جو تعداد وڌي رھيو آھي. ڪراچي جي ٻارن جو رجحان ڪمپيوٽر سائنس، آءِ ٽي، ڪامرس طرف وڌيڪ آھي. جڏھن ته سنڌ جي باقي سڀني ضلعن ۾ اڄ به پري ميڊيڪل ۽ پري انجنيئرنگ پھرين چوائس آھي. مرڪزي داخلا پاليس (ڪيپ) شروع ۾ صرف ڪراچي ريجن جي ڪاليجن ۾ لاڳو ھئي، پر پوءِ ان جو نالو بدلائي سيڪيپ رکيو ويو ۽ سڄي سنڌ تي لاڳو ڪئي وئي. ان پاليسي جي ڪري ڪراچي ريجن جي پرنسپالن تي سياسي ۽ ٻيا پريشر ختم ٿي ويا آھن، شھر ۾ 156 ڪاليج آھن ۽ شاگردن کي پنھنجي گهر جي ويجھو يا پاڙي ۾ داخلا ملي ٿي وڃي. جڏھن ته سنڌ جي ٻين شھرن ۾ گهڻو ڪري صرف ھڪ يا ٻه ڪاليج آھن.

موجوده طريقيڪار موجب ٻارن کي داخلا سلپ يا ڪارڊ ڪلارڪن واري آفيس مان ملي ٿو ۽ پوءِ ھو وڃي ٿا ڪلاس اٽينڊ ڪن. پرنسپال صاحبن کي صرف تعداد جي خبر ٻڌائن ٿا باقي انھن جي باري ۾ ڪا خاص معلومات ڪون ٿا وٺن. جڏھن مان 1991 ۾ آدمجي سائنس ڪاليج ۾ پروفيسر ٿي آيم ته سينيئر ترين ھئڻ ڪري مون کي ايڊميشن ڪاميٽي جو چيئرمين ڪري رکيائون. مون ڪاميٽي جي ميمبرن جي تعاون سان ھرھڪ شاگرد جو فارم ۽ سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪرايا ته ڪجھه ڇوڪرن جي مشڪوڪ ڊوميسائيل ڪري داخلان روڪيوسين، ان تجربي جي بنياد تي مان زور ڏئي چوان ٿو ته پرنسپال صاحبن کي ھرھڪ شاگرد جي باري ۾ مڪمل معلومات وٺڻ گهرجي. ڪراچي ۾ ٻين صوبن جا ٻار به داخلا وٺي ٿا وڃن ۽ انٽر کانپوءِ يونيورسٽين ۾ داخلا جا حقدار ٿيو وڃن، ڪئين افغاني به انھن ۾ شامل آھن. ان رويي جي ڪري ڪراچيءَ جي ڪيترن ڪاليجن تي پختون اسٽوڊنش فيڊريشن جو قبضو ٿي ويو آھي. سنڌ جي ڪجھه شھرن جھڙوڪ: گھوٽڪي، ڏھرڪي، ڪشمور وغيره ۾ رحيم يار خان، بھاولپور کان وٺي ملتان تائين جا شاگرد داخل ٿين ٿا، پوءِ وري انھن کي امتحانن ۾ به “ھر قسم جون سھولتون ملن ٿيون.” افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ان غلط ڪم ۾ ڪافي ڏسڻا وائسڻا معتبر پرنسپال ۽ پروفيسر به ارادتن يا بيخبري ۾ شامل آھن.

ڪاليجن ۾ داخلا نائين ڪلاس جي مارڪن تحت ڏني وڃي ٿي، جيڪو قابل تعريف فيصلو آھي. ڇاڪاڻ جو ميٽرڪ جو نتيجو دير سان اچي ٿو ۽ ان جي انتظار ۾ ٻارن جا 2 مھينا ضايع ٿي وڃن ٿا. جيڪڏھن سرڪاري ڪاليجن ۽ ھائر سيڪنڊري اسڪولن جي تعليمي معيار ۽ استادن جي قابليت ۽ پنھنجي سبجيڪٽ جي ڄاڻ بابت گفتگو ڪيون ته ڪاليج ھر لحاظ کان ھائر سيڪنڊري اسڪولن کان بھتر آھن. سرڪاري ڪاليجن ۽ هائر سيڪنڊري اسڪولن ۾ سائنس سبجيڪٽس جھڙوڪ: فزڪس، ڪيمسٽري ۽ بايولاجي جا پريڪٽيڪل ڪونه پيا ٿين، نه ئي وري ڪمپيوٽر سائنس جون ليباريٽريون ھر ڪاليج ۾ آھن. شھرن جي ڪاليجن ۾ پڙھندڙ ٻار ليپ ٽاپ جو پرپور استعمال ڪن ٿا، پر ٻھراڙي جي غريب ٻار کي اھا سھولت ميسر ناھي. ڪيترن ڪاليجن ۽ ھائر سيڪنڊري اسڪولن ۾ استادن جي به کوٽ آھي، ڪجھه ڪاليجن خاص طور عورتن جي ڪاليجن ۾ ڪيترن سبجيڪٽن ۾ ضرورت کان وڌيڪ به آھن ۽ وري ڪجھه اھڙا ڪاليج به آھن جتي صفا کوٽ آھي. ھڪڙي بدعت پئجي وئي آھي ته جيئن ئي داخلائن جو پراسيس پورو ٿئي ٿو ته ڪوچنگ ۽ ٽيوشن سينٽرن ۾ به رجسٽريشن ٿئي ٿي، پوءِ اھي شاگرد سڄو سال ڪاليجن ۾ ڪلاس اٽينڊ نٿا ڪن، پر بورڊ جي امتحاني فارمن تي ڪلارڪ 75 سيڪڙو حاظري جو ٺپو ھڻي بورڊ ۾ جمع ڪرائين ٿا. پرنسپال جو عھدو تمام اھميت وارو آھي، جڏھن ميڊم صدف انيس ۽ مسٽر شھاب انصاري ڪاليج ايجوڪيشن جا سيڪريٽري ھئا ته ھنن پرنسپالن جي مقرري کان اڳ سندن انتظامي صلاحيتن کي جاچڻ لاءِ سينيئر آفيسرن جي ھڪ پنج رڪني ڪاميٽي جوڙي ھئي، جنھن ۾ مون کي به شامل ڪيو ويو ھو، ان ڪاميٽي انٽرويو وٺي ميرٽ تي سفارشون ڪيون، پر پوءِ ان سلسلي کي ختم ڪري “پنھنجن کي نوازڻ وارو پراڻو طريقو بحال ڪيو ويو.” حڪومت سنڌ کي سوچڻ کپي ته ڪروڙين رپين جي بجيٽ تي ھلندڙ تعليم مان شاگردن کي ساڳيا پراڻا مضمون ۽ مدي خارج سليبس مان ھو ڪيئن اڳتي وڌندا؟ دنيا بدلجي چڪي آھي، نوان مضمون، نئين ٽيڪنالاجي ۽ نئين سوچ دنيا تي حاوي ٿي چڪي آھي، اسان جو تعليمي نظام پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين پراڻي نظام تي بيٺو آھي، صوبي ۾ 80 لکن جي قريب ٻار اسڪول کان ٻاھر آھن، وري جيڪي اسڪول ۾ داخلا وٺن ٿا، انھن مان تقريبن 50 سيڪڙو ٻار پرائمري جا پنج سال ئي پورا ڪون ٿا ڪري سگهن، نياڻيون ته خاص طور تڪليف ۾ آھن، جو انھن جي حفاظت لاءِ اسڪولن کي چوديواري ۽ واش روم ڪونھي. اسان سمجھون ٿا  ته “سنڌ ۾ تعليم لاءِ پئسن جي کوٽ ناھي، پر نظام کي سمجھڻ ۽ ھلائڻ لاءِ مناسب استادن ۽ انتظامي عھدن لاءِ ميرٽ تي قابل ماڻھن جي مقرري مسئلو آھي.”

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو