11 آڪٽوبر ڇوڪرين جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌ جي ڌيئرن جون موجوده سماجي حالتون!
Muhi uddin Jokhio
تعليمدان، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار
ڪنهن به سماج جي حقيقي ترقيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اتي ڇوڪريءَ کي ڪيترو پڙهڻ، اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي خوابن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جو حق حاصل آهي. جيڪو سماج پنهنجي ڌيئرن جي خوابن کي دٻائي ٿو، سو حقيقت ۾ پنهنجي مستقبل جي امڪانن کي محدود ڪري ٿو. جڏهن ته جيڪو سماج ڇوڪريءَ جي هٿ ۾ ڪتاب ڏئي ٿو، ان لاءِ تعليم جا دروازا کولي ٿو ۽ کيس برابريءَ جا موقعا فراهم ڪري ٿو، اهو ايندڙ نسلن جا بنياد مضبوط ڪري ٿو. ڇوڪري رڳو هڪ خاندان جي ڌيءَ ناهي، هوءَ مستقبل جي ماءُ، استاد، سائنسدان، ڊاڪٽر، اڳواڻ ۽ هڪ باشعور شهري پڻ ٿي سگهي ٿي. انهيءَ احساس ۽ عالمي شعور کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ هر سال 11 آڪٽوبر تي “ڇوڪرين جو عالمي ڏينهن” ملهايو وڃي ٿو.
2009ع ۾ اسپين جي هڪ غير سرڪاري عالمي تنظيم Plan International ڇوڪرين لاءِ هڪ عالمي ڏينهن ملهائڻ لاءِ مهم شروع ڪئي. ان مهم جو مقصد ڇوڪرين کي درپيش ڪيترن ئي اهم مسئلن ڏانهن عالمي برادريءَ جو ڌيان ڇڪائڻ هو، جنهن ۾ تعليم، صحت، تحفظ، صنفي متڀيد ۽ ڇوڪرين جي حقن سان لاڳاپيل ٻيا ڪيترائي مسئلا شامل هئا. ان مهم جي نتيجي ۾ ڇوڪرين جي حقن بابت عالمي سطح تي بحث وڌيڪ مضبوط ٿيو ۽ آخرڪار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ تائين اهو معاملو پهتو.
ان کانپوءِ 31 ملڪن گڏيل طور تي 11 آڪٽوبر کي ڇوڪرين لاءِ عالمي ڏينهن قرار ڏيڻ بابت قرارداد پيش ڪئي، جنهن کان پوءِ ٻين ڪيترن ئي ملڪن به ان قرارداد جي حمايت ڪندي اسپانسر طور پنهنجا نالا شامل ڪرايا. آخرڪار ڇوڪرين جي حقن ۽ انهن کي درپيش مسئلن بابت عالمي شعور کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 19 ڊسمبر 2011ع تي قرارداد A/RES/66/170 منظور ڪندي 11 آڪٽوبر کي “ڇوڪرين جو عالمي ڏينهن” قرار ڏنو، جنهن جو باقاعده آغاز 2012ع کان ٿيو.
قرارداد ۾ رڳو هڪ ڏينهن مقرر ڪرڻ جي ڳالهه نه هئي، پر ڇوڪرين کي بااختيار بڻائڻ، انهن جي حقن جي تحفظ ۽ دنيا جي ڇوڪرين جي صورتحال بابت عالمي سطح تي شعور پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو ويو هو. ان کان علاوه ميمبر ملڪن، گڏيل قومن جي ادارن، ٻين عالمي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي کي پڻ هي ڏينهن ملهائڻ ۽ ڇوڪرين جي حقن بابت شعور اجاڳر ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي هئي، پر سوال اهو آهي ته دنيا ۾ ڇوڪرين جي حقن بابت ايترو عالمي شعور پيدا ٿيڻ، قراردادون منظور ٿيڻ ۽ هر سال 11 آڪٽوبر تي ڏينهن ملهائڻ کانپوءِ به ڇا هر ڇوڪري کي پنهنجي بنيادي حقن تائين حقيقي رسائي حاصل ٿي سگهي آهي؟ ڇا هر ڇوڪري کي بنا ڪنهن خوف، فرق ۽ سماجي رڪاوٽ جي اسڪول وڃڻ، تعليم حاصل ڪرڻ، پنهنجي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن کي اجاڳر ڪرڻ جا برابر موقعا ميسر آهن؟ حقيقت اها آهي ته اڄ به دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ ڇوڪريون غربت، صنفي اڻبرابري، ننڍي عمر جي شادي، تعليم کان محرومي، تشدد ۽ مختلف قسمن جي استحصال کي منهن ڏئي رهيون آهن. ان ڪري ڇوڪرين جو عالمي ڏينهن رڳو هڪ جشن يا رسمي ڏينهن نه، پر اسان لاءِ اهو سوال کڻي اچي ٿو ته اسان ڇوڪرين لاءِ ڪهڙو سماج تعمير ڪري رهيا آهيون.
پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ ڇوڪرين جي تعليم ۽ تحفظ جو مسئلو اڃان به خاص ڌيان طلب آهي. ڪيترين ئي ڇوڪرين کي غربت، اسڪولن جي کوٽ، گهر کان اسڪول جي ڊگهي فاصلي، محفوظ ٽرانسپورٽ جي اڻاٺ، ننڍي عمر جي شادي ۽ روايتي سماجي سوچ سبب تعليم اڌ ۾ ڇڏڻي پوي ٿي. خاص طور تي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڇوڪريءَ جي تعليم کي اڃان تائين ڪيترن ئي خاندانن ۾ ڇوڪريءَ جي مستقبل جي بنيادي ضرورت بدران هڪ اضافي سهولت سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته هڪ ڇوڪريءَ جي تعليم صرف سندس ذاتي زندگي کي تبديل نٿي ڪري، پر ان جا اثر ايندڙ نسلن تائين پهچن ٿا. هڪ پڙهيل ۽ باشعور ڇوڪري مستقبل ۾ پنهنجي خاندان، ٻارن ۽ سماج جي بهتر تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. تنهنڪري ڇوڪريءَ جي هٿ ۾ ڪتاب ڏيڻ اصل ۾ هڪ بهتر، باشعور ۽ ترقي يافته سماج جي هٿ ۾ مستقبل ڏيڻ برابر آهي. عالمي اداري UNICEF جي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 5 کان 16 سالن جي عمر جا لڳ ڀڳ 25.1 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جنهن ۾ خيبر پختونخواهه ۽ سنڌ ۾ اسڪولن کان ٻاهر ڇوڪرين جو تعداد ڇوڪرن کان وڌيڪ آهي. پاڪستان جي تازين صوبائي چائلڊ ليبر سرويز کي گڏ ڪندي يونيسيف مطابق ملڪ ۾ تقريبن 8.6 ملين ٻار چائلڊ ليبر ڪن ٿا. جڏهن ته 6.6 ملين ٻار خطرناڪ ڪمن ۾ لڳل آهن، جيڪي ٻار جي صحت، حفاظت يا جسماني ۽ ذهني نشونما لاءِ خطرناڪ آهن. هتي اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته اهي انگ ڇوڪرين لاءِ الڳ نه آهن، پر اهي مجموعي ٻارن جي صورتحال کي ظاهر ڪن ٿا.
2023ع جي آدمشماريءَ تي ٻڌل هڪ تحقيقي رپورٽ جيڪا “State of Children in Pakistan 2024” جي نالي سان يونيسيف شايع ڪئي. ان مطابق سنڌ ۾ 5 کان 16 سالن جي عمر جون 3,507,875 ڇوڪريون ڪڏهن به اسڪول نه ويون، جڏهن ته ڇوڪرن جو انگ 3,108,188 هو. هي انگ رڳو اسڪول کان ٻاهر رهندڙ ٻارن جو مسئلو ظاهر نٿو ڪري، پر اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته تعليم تائين رسائي جي معاملي ۾ ڇوڪريون اڃان به وڌيڪ محرومي کي منهن ڏئي رهيون آهن. موجوده ايجوڪيشن ڊيٽا مطابق سنڌ ۾ 5 کان 16 سالن جي عمر جا تقريبن 7.4 ملين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، يعني ان عمر جي ٻارن جي آباديءَ جو لڳ ڀڳ 44 سيڪڙو صوبي سنڌ مان آهي، جتي اسڪولن کان ٻاهر ڇوڪرين جو انگ ڇوڪرن کان وڌيڪ آهي.
سنڌ جي MICS 2018-19 يعنيMultiple Indicator Cluster Survey، مطابق 20 کان 24 سالن جي عورتن مان لڳ ڀڳ هڪ چوٿون يعني 24.7 سيڪڙو، 18 سالن جي عمر کان اڳ شادي شده ٿي چڪيون هيون. اڳئين MICS ۾ اهو انگ 31 سيڪڙو هو. انگن ۾ گهٽتائي ضرور ٿي آهي، پر ان باوجود هر چئن مان تقريبن هڪ عورت جو ننڍي عمر ۾ شادي ٿيڻ هڪ اهڙو مسئلو آهي، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. سنڌ ۾ ڇوڪرين جي تحفظ جي صورتحال اڃان به ڳڻتي جوڳي آهي. ننڍي عمر جي شادي صرف هڪ سماجي روايت جو نالو ناهي، پر ان جا اثر ڇوڪريءَ جي تعليم، صحت، نفسياتي نشونما، معاشي آزادي ۽ مستقبل جي فيصلن تائين پهچن ٿا. جڏهن هڪ ڇوڪريءَ کي پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان اڳ ئي شاديءَ جي ذميواريءَ ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو ته ان سان گڏ سندس ذهني تربيت ۽ نشونما، ڪيترائي خواب، خواهشون ۽ مستقبل جا امڪان به محدود ٿي وڃن ٿا.
قبائلي ۽ خانداني تڪرارن ۾ ڇوڪرين کي “وني” يا “سڱ چٽي” جهڙين روايتن تحت ڪنهن تڪرار کي ختم ڪرڻ يا بدلي جي عمل جو حصو بڻائڻ به ڇوڪريءَ جي بنيادي حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. هڪ ڇوڪري ڪنهن جهيڙي جو بدلو، ڪنهن خاندان جي عزت جو بار يا ٻن ڌرين جي وچ ۾ ٺاهه جو وسيلو نه آهي. نياڻي کي ڪاري چئي مارڻ به سماج جو وڏو ناسور آهي. هوءَ پنهنجي مرضي، پنهنجي خوابن ۽ پنهنجي مستقبل سان هڪ مڪمل انسان آهي، جنهن کي پنهنجي زندگيءَ بابت فيصلو ڪرڻ جو حق حاصل هجڻ گهرجي.
ڏنل انگ اکر ٻڌائين ٿا ته صورتحال ڪيڏي نه ڳڻتيءَ جوڳي آهي، جتي نياڻين کي سندن حق ته ٺهيو، پر ڪيتريون ئي بنيادي ضرورتون به مڪمل طور ميسر نٿيون ٿين. جڏهن هڪ ئي سماج ۾ ڇوڪرو تعليم کي پنهنجو حق سمجهي اسڪول وڃي سگهي ٿو، پر ڇوڪريءَ کي غربت، فاصلي، روايتن يا صنفي فرق سبب گهر ۾ ويهڻو پوي ٿو ته پوءِ اهو سوال پيدا ٿيڻ فطري آهي ته اها صنفي متڀيد ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟
اهي انگ اکر رڳو انگ نه آهن، اهي هزارين ۽ لکين نياڻين جي انهن زندگين جي تصوير پيش ڪن ٿا، جن جا خواب شايد ڪنهن اسڪول جي دروازي تي بيهي رهيا هجن، ڪنهن ننڍي عمر جي شاديءَ ۾ دفن ٿي ويا يا غربت ۽ سماجي روايتن جي بار هيٺ دٻجي ويا. هر انگ جي پويان هڪ انسان آهي، هڪ خاندان آهي ۽ هڪ اهڙو مستقبل آهي، جيڪو بهتر ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن کيس موقعو ڏنو وڃي.
اهي انگ اکر اهو پڻ ٻڌائين ٿا ته ڇوڪرين جو مسئلو رڳو تعليم تائين محدود ناهي. ننڍي عمر جي شادي، اسڪول کان محرومي، غربت، سماجي روايتون، صنفي فرق ۽ تحفظ جا مسئلا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. يونيسيف جي تحقيق پڻ ظاهر ڪري ٿي ته “چائلڊ مئريج” جي پويان سماجي روايتون، صنفي طاقت جا لاڳاپا، غربت ۽ تعليم تائين محدود رسائي جهڙا ڪيترائي عنصر ڪم ڪن ٿا. تنهنڪري ڇوڪرين جي مسئلن جو حل صرف هڪ ڏينهن جي مهم يا نعريبازيءَ سان ممڪن ناهي. ان لاءِ گهر کان اسڪول تائين ۽ اسڪول کان سماج تائين سوچ ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. مائٽن کي سمجهڻو پوندو ته ڌيءَ جي تعليم اضافي خرچ نه، پر خاندان ۽ سماج جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي. اسڪولن کي ڇوڪرين لاءِ محفوظ ۽ سازگار بڻائڻو پوندو. جڏهن ته رياست کي تعليم، تحفظ ۽ قانوني حقن تائين عملي رسائي کي يقيني بڻائڻو پوندو. ڇوڪريءَ کي مضبوط ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته کيس ڇوڪري هجڻ جي بنياد تي ڪا خاص سهولت ڏني وڃي. اصل مقصد اهو آهي ته جيڪي رڪاوٽون صرف ڇوڪري هجڻ سبب سندس رستي ۾ بيهاريل آهن، انهن کي ختم ڪيو وڃي. کيس اهو حق ڏنو وڃي ته هوءَ پڙهي، سوچي، سوال ڪري، پنهنجي صلاحيتن کي آزمائي ۽ پنهنجي زندگيءَ بابت باخبر فيصلو ڪري سگهي. ڇو ته هڪ ڇوڪريءَ کي اسڪول موڪلڻ سان رڳو هڪ ٻار پڙهيل نٿو ٿئي، پر هڪ مستقبل جي ماءُ، استاد، ڊاڪٽر، سائنسدان، محقق، اڳواڻ ۽ باشعور شهري کي تيار ٿيڻ جو موقعو ملي ٿو. هڪ ڇوڪريءَ جي تعليم جو اثر هڪ فرد تائين محدود نٿو رهي. اهو خاندان، ايندڙ نسل ۽ آخرڪار سڄي سماج تائين پهچي ٿو.
آخرڪار، 11 آڪٽوبر اسان کي صرف اهو ياد نٿو ڏياري ته ڇوڪرين جا به حق آهن، پر اهو به سوال ڪري ٿو ته اسان انهن حقن کي عملي زندگيءَ ۾ ڪيترو تسليم ڪيو آهي. جيڪڏهن اسان واقعي ترقي يافته ۽ باشعور سماج چاهيون ٿا ته اسان کي ڇوڪرين لاءِ صرف خواب ڏسڻ بدران انهن خوابن کي حقيقت بڻائڻ جا موقعا پيدا ڪرڻا پوندا. ڇو ته قومن جو مستقبل صرف انهن جي وڏين عمارتن، رستن ۽ معاشي انگن اکرن سان طئي نٿو ٿئي. قومن جو اصل مستقبل انهن جي ٻارن، خاص طور تي انهن جي نياڻين جي هٿن ۾ هوندو آهي. جنهن ڏينهن هر ڇوڪريءَ جي هٿ ۾ ڪتاب هوندو، سندس اکين ۾ خواب هوندا ۽ انهن خوابن کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ سماج سندس ساٿ ڏيندو، ان ڏينهن اسان چئي سگهنداسين ته اسان واقعي ترقي ڪئي آھي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟