13 نومبر يوم شھادت: حسن ناصر شهيد
Tufail Magsi
ڪالم نگار
عظيم انقلابي اڳواڻ حسن ناصر جو تعلق حيدرآباد دکن جي هڪ نواب خاندان سان هو. هن جو بابا سائين رياست جو جوائنٽ سيڪريٽري هو ۽ حسن ناصر نواب محسن الملڪ جو وڏو ڏوهٽو هو. شروعاتي عمر کان ئي حسن ناصر کي شاهاڻي ٺٺ ٺانگر کان نفرت هئي ۽ هو انقلابين کي وڌيڪ پسند ڪندو هو. پهرين نظام جي خلاف هلڻ واري تلنگانه ۾ هارين جي تحريڪ ۾ شامل ٿيو. جوانيءَ ۾ ئي دولت و شان شوڪت ڇڏي پاڪستان هليو آيو ۽ محلات ۾ رهڻ واري هن عظيم انسان پنهنجي زندگي مزدورن ۽ هارين جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ پاڻ ڪراچي جي جهريل ڀريل مزدورن جي وسندين ۾ ساڻن گڏ رهيو ۽ انقلابي انجمنن ۽ ٽريڊ يونينن کي منظم ڪندو رهيو.
1951ع ۾ پنڊي سازش ڪيس کانپوءِ روپوشي جي دوران گرفتار ٿيو. سندس بابا سائين جا دوست پاڪستان ۾ اعليٰ ترين عهدن تي مقرر هئا، هن کي پنهنجن ساٿين جا راز ٻڌائڻ جي لاءِ هر قسم جي سهولتن جي آفر ڪئي وئي، مگر حسن ناصر جو حوصلو ٽٽڻ باوجود اڃان به مضبوط ٿيو. 1954ع ۾ ڪيمونسٽ پارٽي تي پابندي مڙهي وئي ته وڏا وڏا ڪانڀو خان خاموش ٿي ويهي رهيا، مگر حسن ناصر ته ڄڻ پنهنجي زندگي ذلتن جي شڪار ماڻهن لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. پاڻ هر وقت پيٺل طبقن کي منظم ڪرڻ جي جدوجهد ۾ لڳل رهيو ۽ ان دوران هن ڪيتريون ئي اذيتون ۽ قيد جو تڪليفون برداشت ڪيون. نيٺ 1960ع ۾ ايوبي آمريت جي زماني ۾ هن کي مشهور شاهي قلعي جي ٽارچر سيل ۾ قيد ڪيو ۽ ٻن مهينن تائين بدترين تشدد جو نشانو بڻايو جنهن جي پاداش ۾ هن عظيم انقلابي اڳواڻ 32 سالن جي عمر ۾ شهادت جو جام پيتو.
ايوب شاهي جي ظلم جو دستور اتي ختم نه ٿيو، حسن ناصر جي شهادت کانپوءِ ان جي لاش کي به غائب ڪيو ويو. انهيءَ لاءِ جڏهن هن جي امڙ دکن کان لاهور آئي ته پوليس مياني صاحب جي قبرستان ۾ ڪنهن ٻي قبر جي کوٽائي ڪئي، جنهن کي هن جي امڙ سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ عدالت ۾ بيان ڏنائين ته اهو لاش منهنجي پٽ جو ناهي.
وقت جي فرعونن جي هٿان شهيد ٿيندڙ حسن ناصر جهڙن هزارين گمنام انقلابين جو رت هن ڌرتي ۾ شامل آهي، جن جي رت جي حرمت کان ڪڏهن ته هن ڌرتي کان ظلم جي نظام جو خاتمو ٿيندو.
اڄ هر ڪنهن جو هي رايو آ، تو نينهن “اياز” نڀايو آ،
تو ڳاتا گيت بغاوت جا، تو لاٿا زنگ ضميرن جا.
ڪامريڊ حسن ناصر شهيد واقعي پنهنجي سياست سان، نظريي سان، ثابت قدمي سان نينهن ڪيو، اهو نينهن هن نڀايو آهي. هن جاگيرداري، سرمائيداري ۽ سامراجي سماج ۾ سهيسين اذيتون توڙي اهي تڪليفون جن جو ڪامريڊ ڪڏهن اظهار نه ڪيو، برداشت ڪري بغاوت جا گيت ڳايا ضميرن جا زنگ لاهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. نينهن جو اهو ناتو نڀائڻ سولو نه هو، نينهن نڀائڻ جي اها ريت جيڪا نظير عباسي نڀائي، اها ريت جنهن لاءِ اياز چئي ٿو:
ها، پر پوءِ به انهيءَ جي ساڳي
رهندي آئي ريت اڀاڳي!
هي مضمون ڪيئن رهيو؟