مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ناول: (ٽيون نوٽ بُڪ-حصو ٽيون): وحـشي

Shahzad Parvez Sahito ايم.اي (انگلش)، ايم.ايس.سي (سماجيات)، ايم.ايڊ (ايجوڪيشن)، پي ايڇ ڊي (شاگرد).

استاد، محقق، ڪهاڻيڪار، ترجمه نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

”پنهنجا رينگٽ بند ڪر ۽ اچي سمهه ۽ ھا، ڪجهه کائيندين؟” هوءَ ڪافي پرسڪون هئي ۽ مون کي سنجيده نه ورتائين.
“جيڪڏهن ٿورو شراب بچيو ھجي ته ڏي. مرد جي زندگي وهندڙ نديءَ وانگر آهي. مرد ندي آھي. نه، منهنجو مطلب آهي ندي وهي پئي… وهندڙ زندگي.”
جنهن وقت شيزوڪو منهنجا ڪپڙا لاهيندي ھئي ته مان ائين ئي ڳائيندو ھئس. منهنجي پيشاني سندس سيني سان لاتل ھوندي ھئي ۽ اھوئي منهنجو روز جو معمول هوندو ھو.
…۽ اسان ساڳيو ڪم ٻيهر شروع ڪندا آھيون.
اڳئين ڏينهن وانگر،
خوفناڪ خوشين کان بچڻ خاطر،
ڏکن کان ڏوريءَ خاطر،
پنهنجي پنڌ ۾ پيل پٿر کان،
پاسو ڪندڙ ڏيڏر وانگر.
جڏهن مان پهريون ڀيرو گائي چارلس ڪراس جون اهي سِٽون ترجمي سان پڙهيون، تڏهن منهنجو منهن صفا ڳاڙھو ٿي ويو.
ڏيڏر.
(مان اهوئي ته هئس… هڪ ڏيڏر. سوال اھو نه هو ته سماج مون کي برداشت ڪري ٿو يا نه، سماج مون کي ڌڪاري ٿو يا نه، پر مان ته ڪتي ۽ ٻليءَ کان به ڪمتر جانور آهيان. ھا مان ڏيڏر آھيان. مان آهستي آهستي هلندو رھيس… ۽ بس.)
مان شراب جو جيترو مقدار پيئندو ھئس، اھو آهستي آهستي وڌندو ويو. نه صرف ڪوئنجي اسٽيشن جي ڀر واري علائقي ۾، پر مان شراب پيئڻ لاءِ گِنزا تائين ويندو هئس. ڪڏهن ڪڏھن ته پوري رات ٻاهر گذاريندو هئس. مان شراب خانن ۾ بدمعاشن جهڙو ورتاءُ ڪندو ھئس. بنا ڪنهن پرواھہ جي عورتن کي چميون ڏيندو ھئس ۽ اھي سڀ ڪم ڪندو ھئس، جيڪي سماج ۾ قابلِ قبول نه ھوندا ھئا. اڳ جي ڀيٽ ۾ خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ شراب پيئندو ھئس. پئسن جي ايتري ته قلت ھوندي ھئي، جو شيزوڪو جا ڪپڙا گروي رکندو ھئس.
هڪ سال گذري چڪو هو، جڏهن مان پهريون ڀيرو هن جي اپارٽمينٽ ۾ آيو هئس ۽ ٽٽل پتنگ تي تلخيءَ سان مرڪندو هئس. جڏهن چيريءَ جي وڻن تي پنن جي ڦوٽهڙي جي ڏينهن واري موسم ۾، هڪ ڏينهن، مان شيزوڪو جا ڪپڙا ۽ ڪمربند چوري ڪري، دڪان تي وڪڻي ڇڏيا ۽ انهن پئسن مان گنزا ۾ وڃي شراب پيتو. مان لڳاتار ٻه راتيون گهر کان ٻاھر گذاريون. ٽئين ڏينهن جي شام تي مون کي پنهنجي رويي تي پڇتاءُ ٿيڻ لڳو ۽ مان شيزوڪو جي اپارٽمينٽ ڏانهن موٽي آيس. جيئن ئي مان دروازي جي ويجهو پهتس ته اڻڄاڻائيءَ مان پنهنجي پيرن جو آواز نه ڪيو ۽ مان شيزوڪو کي شيگيڪو سان ڳالهائيندي ٻڌو.
“هو ڇو ٿو پيئي؟”
“ائين ناھي جو کيس شراب وڻندو آهي، پر ھو ان ڪري پيئندو آھي، جو هو تمام گهڻو سٺو آهي، ڇاڪاڻ ته…”
“ڇا سڀ سٺا ماڻهو شراب پيئندا آھن؟”
“ضروري ناهي، پر…”
“مون کي پڪ آهي ته بابا کي حيرانگي ٿيندي.”
“شايد هن کي پسند نه ايندو. ڏس! اھو بلڪل الڳ ٿلڳ سوچ جو انداز آھي.”
“جيئن، ھن ان ڪهاڻيءَ ۾ اھو مزاحيه ماڻهو ٺاهيو ھو.”
“ائين آھي نه؟” شيزوڪو جي ھلڪي مسڪراھٽ مان سندس اصل خوشيءَ نظر آئي.
مان ٿورو دروازو کوليو ۽ اندر ڏٺو ته ڪمري ۾ هڪ ننڍڙو اڇو سهو وڏا ٽپا ڏئي ڊوڙي رھيو ھو ۽ اهي ٻئي ڄڻيون، ان سهي کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري رھيون ھيون.
(اهي ٻئي بيحد خوش هيون، انهن جي خوشيءَ ۾ رخنو وجهڻ بيوقوفي ھئي. جيڪڏهن مان احتياط نه ڪريان ھا ته انهن جي خوشيءَ ۾ خلل پئجي وڃي ھا. بهترين ماءُ ۽ ٻار هڪ نفيس خوشيءَ ۾ مشغول ھئا. مان دل ۾ خدا کي پڪاريو. يا خدا! جيڪڏهن تون مون جهڙن ماڻهن جي دعا ٻڌندو آھين ته مون کي هڪ ڀيرو خوشي عطا ڪر. پوري زندگيءَ ۾ بس ھڪ ڀيري جي خوشي منهنجي لاءِ ڪافي آھي! يا ڪريم، منهنجي دعا قبول فرماءِ!)
مون کي ائين لڳو، ڄڻ ته مان اتي جو اتي گوڏن ڀر ويهي دعا پئي گهري. مان آھستي دروازو بند ڪري، گنزا ڏانهن ھليو ويس ۽ اپارٽمينٽ ڏانهن واپس نه موٽيس.
منهنجا ايندڙ ڏينهن، ٻئي جي پئسي تي پلجندڙ ماڻهو جي حيثيت سان، ڪيوباشي اسٽيشن جي ويجهو هڪ بار (شراب خاني) جي مٿان هڪ اپارٽمينٽ ۾ گذريا.
مون کي ائين لڳندو آھي، ڄڻ ته مان به بلآخر آهستي آهستي سماج جي ڳجهي ۽ حقيقي مفهوم کي سمجهڻ شروع ڪيو آھي. سماج ٻن انسان جي وچ ۾ جدوجهد جو نالو آهي، اھا هڪ اهڙي جدوجهد آھي، جيڪا ساڳئي وقت ساڳئي ھنڌ ڪئي ويندي آھي، جتي فوري ڪاميابي ئي سڀ ڪجهه هوندي آهي. ھڪ انسان ڪڏهن به ٻئي انسان جي اڳيان نہٿو جهڪي. ايتري تائين جو غلام به پنهنجا نيچ قسم جا بدلا وٺڻ لاءِ مختلف طريقا اپنائيندا آھن. انسانن وٽ جيئڻ لاءِ فوري طورتي مقابلي ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو طريقو قابلِ تصور ئي ناهي ھوندو. هو وطن لاءِ فرض شناسيءَ جهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا، پر انهن جي ڪوششن جو مرڪز هميشه فرد ئي هوندو آهي، ۽ جڏهن ھڪ فرد جون سڀ ضرورتون پوريون ٿي وينديون آھن، ته وري سندس مقابلو ٻئي فرد سان ئي ٿي ويندو آھي. سماج کي نه سمجهڻ مان مراد فرد کي نه سمجهڻ ھوندو آھي. سماج سمنڊ ناھي ھوندو، سمنڊ ته ماڻهو ھوندا آھن. اهڙي ريت مان دنيا نالي سمنڊ جي فريب کان ٿوري آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. اڳ وانگر بي پناھہ پريشان رھڻ جي بدران، مان اڃان به وڌيڪ پرتشدد رويو اپنائڻ سکي ورتو، ائين ڪرڻ، ڄڻ ته وقت جي ضرورت ھجي.
جڏهن مان ڪوئنجي وارو اپارٽمينٽ ڇڏي آيس، ته مان ڪيوباشي جي بار جي مالڪياڻيءَ کي بس اھو ٻڌايو، “مان ھُن کي ڇڏي هاڻ توھان وٽ آيو آهيان.” منهنجي خيال ۾ ايترو چوڻ ئي ڪافي هو. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته منهنجو واحد ۽ اتي جو اتي واري مقابلي جو فيصلو ٿي چڪو هو ۽ ان رات کان مان بنا ڪنهن تڪلف جي، هن جي گهر جي مٿئين ماڙ تي رھڻ لڳس. “سماج” جيڪو قائدي مطابق بي رحم ۽ ظالم هجڻ گهرجي ها، ان مون کي ذري برابر به نقصان نه پهچايو ۽ مان به ان جي ڪا وضاحت پيش نه ڪئي. جيستائين بار جي مالڪياڻي جي رضامندي هئي، ان وقت تائين سڀ ڪجهه ٺيڪ رهيو.
بار ۾ مون سان ڪڏھن گراهڪ، ڪڏھن مالڪ، ڪڏھن نوڪر ۽ ڪڏھن ته انتظاميه جي مائٽ جهڙو سلوڪ ڪيو ويو. شايد ئي ڪنهن کي توقع ھجي ته مون کي هڪ بيحد مشڪوڪ ڪردار سمجهيو ويندو، پر “سماج” کي مون تي گهٽ ۾ گهٽ ڪو شڪ نه هو ۽ بار جي روزمره جي گراهڪ مون سان دل ڏکوئيندڙ شفقت سان پيش ايندا ھئا. اهي مون کي منهنجي نالي سان ئي سڏيندا ھئا ۽ شراب خريد ڪري ڏيندا ھئا.
آهستي آهستي مان دنيا ڏانهن پنهنجي توجهه گهٽائڻ لڳس. ھاڻي مان اھو سمجهڻ شروع ڪيو ته دنيا ايتري به خوفناڪ جڳهه ناهي. منهنجي اندر ۾ جيڪو ڊپ هو، اهو اهڙن سائنس سان لاڳاپيل وهمن مان پيدا ٿيو هو. جيئن بهار جي هوا ۾ ڦهلجندڙ لکين وڏي کنگهه جا جراثيم، غسل خانن ۾ اکين کي نقصان ڏيندڙ لکين بيڪٽيريا، حجمن جي دڪان ۾ پکڙيل جراثيم، جيڪي وارن جي ڇڻڻ جو سبب بڻجن ٿا، گاڏين جي چمڙي جي پٽين ۾ موجود خارش پيدا ڪندڙ ھزارين جراثيم يا خدا ٿو ڄاڻي ته ڪچي مڇي، اڌ پڪل وڏي گوشت يا سوئر جي گوشت ۾لڪل ڪهڙا ڪهڙا جراثيم ھوندا آھن يا اها حقيقت به ٿي سگهي ٿي ته توهان اگهاڙي پير ويندا ھجو ۽ ھڪ شيشي جو ننڍڙو ذرو پير ۾ گهڙي وڃي، جيڪو سڄي جسم مان گذرندو آخرڪار توھان جي اک تائين پهچي وڃي ۽ انڌي ٿي وڃڻ جو سبب بڻجي ٿو. ان حقيقت کان ڪوبه انڪار نہٿو ڪري سگهجي ته اھا ڳالهه سائنسي لحاظ کان بلڪل درست آهي ته لکين جراثيم هر هنڌ پاڻي ۽ ھوا ۾ تري ۽ اڏامي رهيا آهن، پر ساڳئي وقت، جيڪڏهن توهان انهن کي پوريءَ طرح نظرانداز ڪيو ته اهي توهان سان پنهنجو لاڳاپو ختم ڪري ڇڏيندا آھن ۽ فوري طور تي صرف سائنس جا ئي نظر نه ايندڙ “ڀوت” بڻجي ويندا آھن. مون کي هيءَ ڳالهه پڻ سمجهه آئي. مان سائنس جي انگن اکرن مان ايترو ته ڇرڪجي ويو هئس (جيڪڏهن ھڪ ڪروڙ ماڻهو روزاني پنهنجي منجهند جي مانيءَ مان ٽي داڻا چانور ضايع ڪري ڇڏين ته هڪ ڏينهن ۾ چانورن جون ڪيتريون ٻوريون ضايع ٿي وينديون؟ جيڪڏهن ھڪ ڪروڙ ماڻهو ھر روز هڪ ٽشو پيپر بچائين ته ڪل ڪيترا ٽشو پيپر بچي سگهن ٿا؟) ان ڪري جڏھن به مان چانورن جو هڪ داڻو به ضايع ڪندو ھئس يا ٽشوءَ سان نڪ صاف ڪندو هئس ته مون کي ائين لڳندو هو ته مان چانورن جا انبار ۽ ٽشو پيپرن جا ٿها ضايع ڪري رھيو آھيان ۽ مون کي ائين افسوس ۽ ڏک ٿيندو هو، ڄڻ ته مان ڪو وڏو ڏوهہ ڪيو هجي، پر اهي سڀ سائنس، شماريات ۽ رياضيءَ جا ڪوڙ هئا. توھان هر ماڻهو وٽان چانورن جا ٽي داڻا گڏ نہٿا ڪري سگهو. ان کي رڳو ضرب يا ونڊ جي مشق طور به ڏسجي ته انتهائي ابتدائي ۽ بيوقوفاڻو مسئلو نظر ايندو. بلڪل ائين ئي جيئن اُنهن انگن اکرن کي ڳڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته اونداهه ۾، بنا بلب وارن غسل خانن ۾ داخل ٿيڻ وقت ماڻهو ڪيترا ڀيرا ترڪي ٽوائلٽ ۾ ڪري پوندا آھن يا سب وي جي ٽرين جي در جي ۽ پليٽ فارم جي ڪناري جي وٿيءَ ۾ماڻهن جي پير ڦاسي پوڻ جا ڪيترا امڪان ھوندا آهن يا اهڙيون ئي ٻيون بيڪار ۽ سمجهه کان ٻاھر ڳڻپون ھونديون آھن. اهڙا واقعا ممڪن ته ٿي سگهن ٿا، پر مان ڪڏهن به ڪنهن کي ٽوائلٽ ۾ ڪري زخمي ٿيڻ جو حقيقي واقعو ڪونه ٻڌو آهي. مون کي پنهنجي پاڻ کان نفرت پئي ٿي ۽ پاڻ تي رحم پئي آيو. ڇو ته ڪالهه تائين اهڙين خيالي ڳالهين، سائنسي حقيقتن کي سچ سمجهي ويٺو هئس ۽ انهن کان ڊنس پئي. ھِن مان ان ڳالهه جي خبر پئي ٿي ته مان آهستي آهستي اُن حقيقي فطرت کي سمجهڻ لڳو ھئس، جنهن کي “دنيا” سڏيو وڃي ٿو.
اھو ٻڌائڻ کانپوءِ، مون کي اھا ڳالهه مڃڻي پوندي ته مان اڃان به انسانن کان ڊڄندو هئس ۽ ان ڪري بار ۾ موجود گراهڪن سان ملڻ کان اڳ، مون کي شراب جو گلاس پي پاڻ کي مضبوط ڪرڻو پوندو ھو. جيئن ڪو ٻار خوفناڪ شين کي ڏسڻ سان پنهنجي پالتو جانور وڏي زور سان پڪڙيندو آھي ائين منهنجي خواھش ھر رات مون کي بار ۾ ڇڪي ويندي هئي، مان پنهنجي بار ۾ موجود گراھڪن کي نشي ۾ ڌت ٿي، فن جا عجيب ۽ غريب نظريا وڏي آواز ۾ ٻڌائيندو ھئس.
هڪ مزاحيه خاڪا ٺاھڻ واري فنڪار ۾ موجود هڪ اجنبي شخص وٽ نه ڪا وڏي خوشي ۽ نه ئي ان معاملي ۾ ڪو وڏو غم ھو. مون کي شدت سان ڪنهن وڏي وحشي خوشيءَ جي خواھش هئي، ڀلي اھا ڪيتري به وڏي مصيبت واري ڇو نه هجي، پر منهنجي اصل خوشي ته گراهڪن سان اجايون ڪچهريون ڪرڻ ۽ انهن جي شراب پيئڻ ۾ هئي.
ڪيوباشي جي بار ۾ اھڙي ذلت واري زندگي گذاريندي، اٽڪل هڪ سال گذري چڪو هو. منهنجا ڪارٽون هاڻي ٻارن جي رسالن تائين محدود نه رهيا ھئا، پر هاڻي اهي ريلوي اسٽيشنن تي وڪرو ٿيندڙ سستن ۽ فحش رسالن ۾ شايع ٿيندا ھئا. مان هڪ بيهوده تخلص سان، اگهاڙين عورتن جون گنديون تصويرون ٺاهيندو ھئس، جن ۾ مان اڪثر ڪري عمر خيام جي رباعيات مان مناسب شعر شامل ڪندو ھئس.
اجايو وقت نه وڃائي، ۽ نه ئي اجايو ڳولها جي رڻ ۾ رل
۽ نه وري فضول بحثن ۾ پئجي، ڀُل،
بهتر آ ته مٺن انگورن جو شراب پي مست رھ،
بجاءَ جو لاحاصل يا کٽن ميون جي حسرت ۾، ٿئين غم دل.
ڪي دنيا جي ڪاميابي لاءِ،
ته ڪي وري واعدي ڪيل جنت لاءِ تڙپن ٿا.
اي دوست! حال مان مزو وٺ، پورو نه ٿيندڙ واعدن کي ڇڏ،
۽ ڏور وڄندڙ، من موھيندڙ سرن تي ڌيان نه ڌر!
۽ ابتي پيالي جهڙو، جنهن کي اسان آسمان ٿا چئون
جنهن هيٺان قيد خاني ۾ رڙھندي ٿا جيئون ۽ مرون
مدد لاءِ، پنهنجا هٿ ان ڏانهن نه کڻ، ڇو ته هو به ہ
اوترو ئي بيوس آهي، جيترو مان آهيان يا تون.
ان دور ۾، منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ ڇوڪري هئي، جيڪا مون کي شراب ڇڏي ڏيڻ لاءِ زور ڀريندي ھئي. “توهان ھن طرح ڏينهن رات شراب پي زندگي نٿا گذاري سگهو.”
ھن جي عمر اٽڪل سترهن سال هئي ۽ ھوءَ بار جي سامهون هڪ ننڍڙي سگريٽن جي دڪان تي ڪم ڪندي هئي. سندس نالو يوشيڪو ھو. سندس منهن پيلو ۽ ڏند ٿورا ٽيڙا هئا. مان جڏهن به سگريٽ وٺڻ ويندو هئس ته هوءَ مرڪندي پنهنجو مشورو ورجائيندي ھئي.
“شراب پيئڻ ڇو غلط آهي؟ اهو ڇو خراب آهي؟ (بهتر آ ته مٺن انگورن جو شراب پي مست رھہ، بجاءَ جو لاحاصل يا کٽن ميون جي حسرت ۾ غمگين ٿجي.) ڪيترائي سال اڳ هڪ فارسيءَ جو… نه، بس ڇڏيو ان کي. (خدائي آفتن يا انسانن جي پيدا ڪيل پريشانين کان نه ڊيڄار، آئيندي جا مسئلا پاڻ ئي حل ٿي ويندا ۽ سروءَ جي قد جهڙي سنهڙي سهڻي ساقيءَ جي زلفن ۾ ھٿ ڦير.) ڇا توکي سمجهه ۾ آيو؟”
“نه، سمجهه ۾ نه آيو.”
“اڙي چري ڇوڪري مان توکي چمڻ وارو آھيان.”
“ڀلي!” هن بنا ڪنهن شرم جي پنهنجو هيٺيون چپ ٻاهر ڪڍيو.
“اينادان! تون ۽ تنهنجي پاڪ دامنيءَ جا تصور…”
يوشيڪو جي چهري جي تاثرن مان سندس پاڪ دامني واضح نظر اچي رھي ھئي ۽ اھي تاثر ان ڳالهه جي شاھدي ڏئي رھيا ھئا ته سندس عزت تي اڃان تائين ڪو داغ ناھي لڳو.
نئين سال جا ڪجهه ڏينهن گذريا ھئا ته سخت سياري جي هڪ سرد رات ۾ مان نشي ۾ ڌت ٿي، سگريٽ وٺڻ لاءِ ٻاهر نڪتس ۽ يوشيڪو جي دڪان جي سامهون هڪ گٽر ۾ ڪري پيس. مان يوشيڪو کي سڏيو ته اچي مون کي بچائي. هن مون کي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ منهنجي ساڄي ٻانهن جي زخم تي پٽي ٻڌي. يوشيڪو، بيحد سنجيده ۽ بنا مُرڪڻ جي چيو، “توھان تمام گهڻو شراب پيئندا آھيو.”
مون کي مرڻ جي خيال ڪڏهن به خوفزده ناهي ڪيو، پر زخمي ٿيڻ، رت وھڻ يا معذور ٿيڻ وغيره، نه بابا… بيحد خوفناڪ خيال آھن. جڏھن مان يوشيڪو کي ڏٺو ته هوءَ منهنجي هٿ تي پٽي ٻڌي رهي هئي، مان سوچيو تہه مان هاڻ شراب پيئڻ گهٽ ڪري ڇڏيان.
“مان شراب ڇڏي ڏيندس. سڀاڻي کان مان هڪ ڦڙو به نه پيئندس.”
“ڇا واقعي؟”
“ان ۾ ڪو شڪ ناهي. مان شراب ڇڏي ڏيندس. جيڪڏهن مان شراب ڇڏي ڏيان ته ڇا تون مون سان شادي ڪندينءَ، يوشيڪو؟”
جڏھن ته کانئس شاديءَ لاءِ پڇڻ، بس مذاق ئي ھو.
“جي ھا، ڇو نه.”
“ٺيڪ آھي ته پوءِ ھٿ ملائي، مان واعدو ٿو ڪريان ته مان شراب ڇڏي ڏيندس.”
پنهنجي عادت مطابق، ٻئي ڏينهن، مان پيئڻ ۾ گذاريو.
شام جو ٿيڙ کائيندو، مان يوشيڪو جي دڪان تي ويس ۽ کيس سڏ ڪيم. “يوشيڪو، مون کي معاف ڪجانءِ، مان شراب پيتو آھي.”
“اڙي، تون ته وڏو ظالم آھين. شراب پيئڻ جو ڊرامو ڪري، مون کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش پيو ڪرين.” مان پريشان ٿي ويس. اوچتو ئي مون کي لڳو ته مون کي ھوش اچي رھيو آھي.
“نه، اهو سچ آهي ته مان واقعي شراب پيتو آھي ۽ ڪو ڍونگ نه پيو ڪريان.”
“مون کي تنگ نه ڪر، تون مطلبي آهين.” هن کي ذرو به شڪ نه ٿيو.
“مون کي لڳو ته تون مون کي ڏسي ئي سمجهي ويندينءَ. مان اڄ منجهند کان وٺي شراب پئي پيتو آھي، مون کي معاف ڪجانءِ.”
“تون هڪ سٺو اداڪار آهين.”
“اڙي چري! مان اداڪاري ڪونه پيو ڪريان، مان توکان چمي وٺندس.”
“ڀلي وٺ.”
“نه، مان ان لائق نه آهيان، مون کي لڳي ٿو ته مون کي توسان شادي ڪرڻ جو خيال به ڇڏڻو پوندو. منهنجي منهن ڏانهن ڏس، ڳاڙهو آھي نه؟ مان شراب پيتو آھي.”
“تنهنجي چهري تي سج لٿي جي روشني پئي چمڪي. مون کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪر. تو ڪالهه واعدو ڪيو ھو ته تون نه پيئندين. تون واعدو به نه ٽوڙيندي. ائين نه؟ اسان ھٿ تي ھٿ رکي واعدو ڪيو ھو، ھاڻي اھو نه چئو ته تو شراب پيتو آھي، مونکي خبر آھي ته اھو سڀ ڪوڙ آھي.”
جنهن وقت يوشيڪو ھلڪي روشنيءَ واري دڪان ۾ ويٺي ھئي، ان وقت سندس مرجهايل مکڙي تي مرڪ ھئي. مان سوچيو ته اھا پاڪ دامني ڪيتري نه پاڪ ۽ مقدس ھوندي آهي، جنهن تي اڃان تائين ڪو داغ ناھي لڳو. مان ڪڏهن به ڪنهن پاڻ کان ننڍي ۽ ڪنواري ڇوڪريءَ سان نه ستو هئس. مان هن سان شادي ڪندس. ڀلي اھا لذت ڪيتري به دردناڪ ڇو نه هجي، پر مان پنهنجي زندگيءَ ۾ بس هڪ ڀيرو، ان بي رحم خوشيءَ بابت ڄاڻڻ ٿي چاهيو. مان ھميشه اهو تصور ڪيو هو ته ڪنوارپ جي سونهن ڪنهن لذيذ شيءِ، نادان شاعرن جي جذباتي وھمن کان وڌيڪ ناھي، پر اها ھن دنيا ۾ حقيقي وجود رکي ٿي. اسان شادي ڪنداسين. اسان بهار جي موسم ۾ سائيڪلن تي سوار ٿي، سر سبز وڻن ۾ وڪوڙيل آبشار ڏسڻ وينداسين.
مان اتي ئي ۽ ان وقت ئي فيصلو ڪيو ۽ مان سندس ڪنوارپ ناس ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي. ان عمل جي نتيجي ۾، جيڪا خوشي مان حاصل ڪئي، اها نہه ڪا وڏي هئي ۽ نه ئي وري وحشي جذبي واري ھئي، پر ان جي سبب، جيڪا تڪليف پهتي، سا منهنجي سوچ کان به گهڻو وڌيڪ دل دھلائيندڙ هئي. جيڪڏهن ان کي “هولناڪ” به سڏجي، ته به گهٽ ٿيندو.
“دنيا” بهرحال اڃان به دردن ۽ دھشتن جو اونهو کوھہ هئي. ھيءَ دنيا ڪنهن به ريت ايتري سادي نه هئي، جو جتي سڀ شيون هڪ ئي لمحي ۾ ۽ هڪ ئي فيصلي سان سلجهي وڃن.
…(هلندڙ)…
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو