مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ناول: (ٽيون نوٽ بُڪ پارٽ-2-حصو آخري): وحـشي

Shahzad Parvez Sahito ايم.اي (انگلش)، ايم.ايس.سي (سماجيات)، ايم.ايڊ (ايجوڪيشن)، پي ايڇ ڊي (شاگرد).

استاد، محقق، ڪهاڻيڪار، ترجمه نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

“صحيح ڳالهه آھي، جڏهن کان مان اها دوا وٺڻ شروع ڪئي آهي، تڏهن کان مان شراب جو هڪ ڦڙو به نه پيتو آهي. مان هاڻي جسماني طرح بلڪل ٺيڪ آهيان ۽ اھو سڀ توهان جي مهربانيءَ سان ممڪن ٿيو آهي. خبر اٿئي ته مان سدائين اهي چرين جهڙا ڪارٽون ڪونه ٺاھيندو رھندس. هاڻ جڏهن ته مان شراب ڇڏي ڏنو آهي، پنهنجا مسئلا حل ڪري ورتا آھن ۽ ھاڻي مان پڙهائي شروع ڪرڻ وارو آھيان. مون کي پڪ آهي ته مان ھڪ وڏو مصور بڻجي سگهان ٿو. مان توهان کي اھو ڪري ڏيکاريندس، بس رڳو هي ڏکيو مرحلو گذري وڃي، بس ان وقت تائين مهرباني ڪريو… ھاڻي ھڪ چمي ٿي وڃي؟“
هن کلندي چيو، “ڪيترو نه ڪنو آھين! مون کي خبر آھي ته تون اڳ ۾ ئي عادي ٿي چڪو آهين.” هوءَ جڏھن دوائون کڻڻ لاءِ الماري ڏانهن وئي ته سندس بي ساکين جي ٺڙ ٺڙ جو آواز آيو. “مان توکي سڄو دٻو نٿي ڏئي سگهان. نه تون سڄو ئي استعمال ڪري ڇڏيندين. ھي وٺ، اڌ.”
“ڪيتري نه ڪنجوس ٿي وئي آهين! چڱو، جيڪڏهن توھان کي بهتر ٿو لڳي ته ائين ئي صحيح آهي.”
گهر پهچي مان پاڻ کي ھڪ سئي ھنئي.
يوشيڪو ڊڄندي پڇيو، “سور نٿو ٿئي؟”
“ھا، سور ته بلڪل ٿئي ٿو، پر اھا دوا ته مون کي وٺڻي آھي، مون کي ڪيترو به سور ٿئي ۽ اھو ئي منهنجي ڪم جي صلاحيت کي وڌائڻ جو واحد طريقو آهي. توهان غور ڪيو ھوندو ته مان اڳ کان وڌيڪ صحتمند ٿي ويو آهيان.” پوءِ، مذاق ۾ چيم، “بهرحال، ڪم، ڪم، ڪم.”
هڪ دفعي، رات جو دير سان، مان دواخاني جو دروازو کڙڪايو. جيئن ئي ان عورت کي نائيٽ گائون ۾، بي ساکين تي اڳتي ايندي ڏٺو ته مان کيس ڀاڪر ۾ جهلي چمي ڏني ۽ روئڻ جو بهانو ڪيو.
هن بنا ڪجهه چوڻ جي دوا جو ھڪ دٻو ڏنو.
جيستائين مون کي پوري طرح احساس ٿئي ته دوائون شراب کان به وڌيڪ گنديون… نه، بدترين شيون ٿينديون آهن، تيستائين مان انهن دوائن جو صفا عادي ٿي چڪو هئس. مان بي حيائيءَ جي انتها تي پهچي چڪو هئس. اھي دوائون وٺڻ جي چڪر ۾، مان وري فحش تصويرن جا خاڪا ٺاهڻ شروع ڪيا. مان فارميسيءَ واري معذور عورت سان به هڪ اهڙي لاڳاپي ۾ ڦاسي پيس، جنهن کي حقيقت ۾ بيهوده ۽ گهٽيا چئي سگهجي ٿو.
مان سوچيو، “مان مرڻ ٿو چاهيان. مان اڳ جي ڀيٽ ۾ اڃان به وڌيڪ شدت سان مرڻ جي خواھش ڪئي. ھاڻي ٺيڪ ٿيڻ جو ڪو امڪان ڪونهي. مان ڪنهن به ڪم ڪرڻ جي ڪيتري به ڪوشش ڪريان، پڪ سان ناڪام ٿيندس. بس منهنجي شرمندگيءَ تي هڪ آخري ليپو لڳندو. ساون وڻن ۾ وڪوڙيل آبشار ڏسڻ لاءِ سائيڪلن تي وڃڻ وارو خواب، مون جهڙن جي وس کان ٻاھر ھو. هاڻي ته رڳو ھڪ گندي گناھہ مٿان ٻيو گناھہ گڏ ٿيندو ويندو ۽ منهنجون تڪليفون اڃان به شدت سان وڌنديون وينديون. مون کي مرڻ جي تمنا آھي، ان ڪري مون کي ضرور مرڻ گهرجي. زنده رھڻ، گناھہ ڪرڻ جو ذريعو آھي.” مان اڌ چريائپ واري حالت ۾، دوائن جي دڪان ۽ گهر واري رستي تي ڦيرا ڏيندو رھيس.
مان جيترو وڌيڪ ڪم ڪندو ھئس، ايترو ئي وڌيڪ مارفين استعمال ڪرڻي پوندي ھئي ۽ دوائن جو قرض خوفناڪ حد تائين وڃي پهتو. اھا عورت جڏھن به مون کي ڏسندي ھئي ته ڳوڙھا ڳڙي پوندا ھئس ۽ مون کي به روئڻ اچي ويندو ھو.
انفرنو Inferno:
مان ان مسئلي جي آخري حل جي باري ۾ سوچيو، جيڪو منهنجي انفرنو کان بچڻ جي آخري اميد ھئي. مان سوچيو ته بابا کي ھڪ ڊگهو خط لکان، جنهن ۾ ساڻس پنهنجي حالتن جو مڪمل ۽ صحيح اقرار ڪريان. (بس ان ۾ عورتن سان لاڳاپن جي ڪا ڳالهه نه ھجي). جيڪڏھن مان ائين نه ڪري سگهيس ته مون وٽ ڦاھو کائڻ کانسواءِ ٻيو رستو نه ھوندو. اھو ھڪ اھڙو فيصلو ھو، جيڪو خدا جي وجود تي شرط لڳائڻ جي برابر هو.
ان جو نتيجو اهو نڪتو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون. بابا جي خط جي جواب جو مان ڏينهن رات انتظار ڪيو، پر جواب ڪڏهن به نه آيو، جنهن ڪري منهنجي پريشاني ۽ خوف سبب دوا جي مقدار ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ٿي ويو.
مان هڪ ڏينهن اھو فيصلو ڪيو ته رات جو پاڻ کي ڏهہ انجيڪشن لڳائي درياءَ ۾ ٽپو ڏيندس.
هڪ ڏينهن مان پڪو ارادو ڪيو ته اُن رات پاڻ کي ڏهہ انجيڪشن لڳائيندس ۽ پوءِ پاڻ کي درياءَ ۾ اڇليندس، پر جنهن ڏينهن لاءِ مان ائين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، اُن ئي ڏينهن جي منجهند جي وقت فليٽ فِش، هوريڪي سان گڏ، اوچتو اچي ڪڙڪيو. ڄڻ ته کيس پنهنجي شيطاني دماغ جي ڪري، منهنجي منصوبي جي اڳواٽ خبر پئجي وئي ھئي.
هوريڪي منهنجي سامهون ويهي، نرميءَ سان مُسڪرائيندي چيو، سندس چهري تي اھڙي مرڪ مان اڳ ڪونه ڏٺي ھئي. “خبر پئي آھي ته توکي کنگهه ۾ رت ٿو اچي.” اها مهربان مسڪراهٽ ڏسي مان ايترو احسان مند ٿيس، جو منهن ورائي روئي ڏنو. رڳو اُن هڪ مهربان مسڪراهٽ ئي مون کي اندران جهوري وڌو.
مون کي زوريءَ ھڪ ڪار ۾ ويهاريو ويو. فليٽ فِش مون کي شفيق ۽ ھمدريءَ واري لهجي ۾ ٻڌايو ته مون کي ٿوري عرصي لاءِ اسپتال وڃڻو پوندو ۽ ھاڻي منهنجي ھر ذميواري انهن جي مٿان ھوندي. مان بي وسيءَ مان روئيندي، پنهنجي مرضيءَ، پنهنجي فيصلي يا پنهنجي خواھش جي بنا، انهن ٻنهي جي ھر ڳالهه مڃي ورتي. اسان چارئي ڄڻا (يوشيڪو به ساڻ هئي) هڪ ڪار ۾ ڪافي دير تائين لوڏا کائيندا رھياسين. سج لهڻ کان ٿورو اڳ، ڪار ھڪ ٻيلي جي وچ ۾ ٺهيل وڏي اسپتال جي در تي اچي بيٺي.
منهنجو اهو خيال هو، “هي هڪ شفا گهر هجڻ گهرجي.”
ھڪ نوجوان ڊاڪٽر وڏي ڌيان سان، بلڪہه اڻ وڻندڙ نموني منهنجي چڪاس ڪئي. “توهان کي آرام جي ضرورت آھي، ان ڪري مڪمل ٺيڪ ٿيڻ تائين توھان کي ھتي رهڻو پوندو.” هن مرڪندي، پر منهنجي خيال ۾ شرمائيندي چيو.
جڏهن فليٽ فِش، هوريڪي ۽ يوشيڪو مون کي اڪيلو ڇڏي وڃڻ لڳا ته يوشيڪو مون کي ڪپڙن جي ٿيلهي ڏني ته جيئن ضرورت جي وقت ڪپڙا مٽايان ۽ پوءِ ھن آھستي پنهنجو ھينڊ بيگ کولي چمڙيءَ ۾ لڳائڻ جي انجيڪشن ۽ باقي بچيل دوائون حوالي ڪيون. ڇا اهو ممڪن آهي ته يوشيڪو اڃان تائين اهو سمجهي رهي هئي ته اهي طاقت واريون دوائون آهن؟
“نه” مان چيو، “ھاڻي مون کي ھن جي ضرورت ناهي.”
اها واقعي هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي. اھو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناھي ته مان پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪا ڏنل شيءِ وٺڻ کان انڪار ڪيو ھو. منهنجو ڏک اهڙن غمگين ماڻهن جي ڏک جيان ھو، جيڪي “انڪار” ڪري نه ہسگهندا آھن. مون کي سدائين اهو ڊپ رهيو ته جيڪر مان ڪنهن شيءِ وٺڻ کان انڪار ڪيو ته منهنجي دل ۽ سامهون واري جي دل ۾ايتري وٿي پيدا ٿي ويندي، جيڪا ڪڏھن به ختم ٿي نه سگهندي، پر پوءِ به ان وقت مان مارفين وٺڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن لاءِ مان سڪندو ھئس. ڇا اھو يوشيڪو جي فطرتي معصوميت جي اثر سبب ھو؟ مان سمجهان ٿو ته مان ان گهڙيءَ ئي پنهنجي اھا عادت ڇڏي ڏني ھئي.
نوجوان ڊاڪٽر شرم مان مسڪرائيندي، مون کي ھڪدم ھڪ وارڊ ۾ وٺي ويو. پٺيان دروازي جي تالي ۾ چاٻيءَ جي کڙکڙ جو آواز آيو. مان ھاڻي هڪ چرين جي اسپتال ۾ هئس.
مان جيڪي ننڊ جون گوريون کائڻ بعد وڦلندي چيو ھو، “مان ان هنڌ ويندس، جتي ڪابه عورت نه هوندي.” سا ڳالهه هڪ خوفناڪ نموني سچ ثابت ٿي وئي. منهنجي وارڊ ۾ رڳو چريا مرد هئا، نرس به مرد ئي ھئا ۽ ڪا ھڪ به عورت نه هئي.
مان هاڻي مجرم نه بلڪه ھڪ “چريو” هئس، پر نه مان ته قطعي طور تي چريو نه هئس. مان ڪڏهن به هڪ پل لاءِ به چريو نه ٿيو آهيان، پر مان ٻڌو آھي ته انهن جي مطابق اڪثر چريا به ائين ئي چوندا آھن، پر اها پڻ حقيقت آهي ته جيڪي هن پناھہ گاھہ يا شفاخاني ۾ قيد ڪيا ويندا آھن، بس اهي ئي “چريا” هوندا آھن ۽ ٻيا جيڪي آزاد ھوندا آھن، سي “نارمل” ھوندا آھن.
اي رب ڪريم! مان توکان اھو ٿو پڇان ته ڇا بنا ڪجهه ڪڇڻ جي هر ڳالهه قبول ڪرڻ به گناهہ آهي؟
مان هوريڪي جي ان بيحد خوبصورت مسڪراھٽ تي روئي ڏنو ھو ۽ عقل، احتياط ۽ مزاحمت کي وساري ان ڪار ۾ ويٺو ھئس، جيڪا مون کي هتي وٺي آئي ۽ هاڻ… مان هڪ “چريو” بڻجي چڪو هئس. ڀلي مان آزاد نه ٿي وڃان، پر منهنجي پيشانيءَ تي سدائين لاءِ “چريو” يا شايد “ڌڪاريل” جو داغ لڳي چڪو آهي.
بحيثيت ڌڪاريل انسان، مان هاڻي انسان ٿيڻ بلڪل ڇڏي ڏنو آهي.
مان اونهاري جي شروعات ۾ آيو ھئس. مان دريءَ جي مٿان لوھي سلاخن مان اسپتال جي ننڍڙي تلاءُ ۾ سوسن جي گلن کي ڦٽندي ڏسي پئي سگهيس. ٽن مهينن کانپوءِ، جڏهن باغ ۾ ڪازماس (cosmos) جا گل ڦٽڻ لڳا ته منهنجو وڏو ڀاءُ ۽ فليٽ فِش اوچتو مون کي وٺڻ آيا، جنهن تي مون کي وڏي حيرت ٿي. منهنجي ڀاءُ پنهنجي فطرتي سنجيده ۽ جهيڻي لهجي ۾ مون کي ٻڌايو ته گذريل مهيني جي آخر ۾ اسان جو پيءُ معدي جي السر جي ڪري وفات ڪري ويو. “اسان تنهنجي ماضي بابت ڪو سوال نه ڪنداسين ۽ پنهنجي خرچن بابت به فڪر نه ڪر، اھو سڀ اسان تي ڇڏي ڏي. توکي ڪجهه به ڪرڻو نه پوندو. بس توکي اسان جي ھڪڙي ڳالهه مڃڻي پوندي ته تون ھڪدم ٽوڪيو مان نڪري وڃ. مون کي خبر آهي ته هتي تنهنجون هر قسم جون يادون وابستہه هونديون، پر اسان چاهيون ٿا تہ تون ڳوٺ ۾ پنهنجي صحتيابي جي شروعات نئين سر ڪرين.” ھن وڌيڪ چيو ته مون کي ٽوڪيو ۾ پنهنجي مختلف ذميوارين بابت به فڪر نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته فليٽ فِش انهن سڀني جو خيال رکندو.
مون کي ائين لڳو، ڄڻ منهنجي اکين آڏو منهنجي اباڻي علائقي جا جبل ۽ نديون اچي ويون هجن. مان هوريان ڪنڌ لوڏيو.
هڪ ڌڪاريل انسان، ھڪ حقيقت.
بابا جي موت جي خبر مون کي ڄڻ اندران خالي ڪري ڇڏيو ھو. ھڪ مشهور، حيبتناڪ وجود، جيڪو گهڙي پل لاءِ به منهنجي دل مان نڪتو نه ھو، اھو هاڻي مري چڪو هو. مون کي ائين لڳو ڄڻ ته منهنجي اذيتن جو ٿانءُ خالي ٿي ويو هجي، ھاڻي ڄڻ دنيا ۾ منهنجي لاءِ ڪا دلچسپ شيءِ بچي نه ھجي. مون ۾ ھاڻي اذيتون ڀوڳڻ جي سگهه به ڪونه بچي ھئي.
منهنجي ڀاءُ پنهنجي واعدي تي پوريءَ طرح عمل ڪيو. هن مون لاءِ سامونڊي ڪناري تي گرم چشمي واري ھنڌ تي هڪ گهر خريد ڪيو، جيڪو منهنجي ننڍپڻ واري شهر کان ڏکڻ طرف ريل ذريعي لڳ ڀڳ چار يا پنج ڪلاڪن جي پنڌ تي ھو. اهو علائقو جاپان جي انهيءَ حصي ۾ غير معمولي طور گرم هو. ان گهر جي ڇت ڪکائين، قديم نموني جي بناوٽ ۽ ڳوٺ جي ٻاھران جوڙايل ھو. ان گهر ۾ پنج ڪمرا، ڀتين جو رنگ لٿل، اڏوھي لڳڻ سبب، ڪاٺ جي سامان جي اھڙي حالت ھئي، جو ان جي مرمت ممڪن ئي نه ھئي. منهنجي ڀاءُ منهنجي سارسنڀال لاءِ لڳ ڀڳ سٺ ورهين جي هڪ بدصورت عورت موڪلي، جنهن جا وار ناسي ۽ نهايت ئي بيڪار هئا.
لڳ ڀڳ ٽي سال گذري چڪا آهن، ان عرصي دوران، ڪراڙي نوڪرياڻيءَ مون سان ڪيترائي ڀيرا حيرت انگيز حد تائين زيادتي ڪئي آھي. ڪڏهن ڪڏهن اسان زال مڙس وانگر وڙهڻ لڳندا آهيون. منهنجي سيني جو مرض ڪڏهن بهتر ته ڪڏهن وري خراب ٿي ويندو آهي. جنهن جي ڪري منهنجو وزن به گهٽ وڌ ٿيندو رھيو آھي. ڪڏهن ڪڏهن کنگهه ۾ رت ايندو ھو. مان ڪالهه پنهنجي ڪراڙي نوڪرياڻيءَ ٽيٽسو کي ڳوٺ جي دواخاني ڏانهن موڪليو ته وڃي مون لاءِ ننڊ جون ٽڪيون وٺي اچي. هوءَ دوا جي جيڪا دٻي وٺي آئي، اھا ان کان مختلف ھئي، جنهن کان مان واقف ھئس، پر مان ان تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو. مان سمهڻ کان اڳ ڏهہ گوريون کائي ڇڏيون، پر حيرت ان ڳالهه جي آھي ته پوءِ به مون کي ننڊ ئي نه آئي. ھاڻي منهنجي پيٽ ۾ سور شروع ٿي ويو. مون کي شديد دست ٿي پيا ھئا، ان ڪري مان لڳاتار ٽي دفعا ڪاڪوس ڏانهن ويس. مون کي شڪ ٿي پيو. دوا جي دٻي تي غور ڪرڻ سان خبر پئي ته اھا جلابن جي دوا ھئي.
جڏهن مان بستري تي ليٽي ڇت ڏانهن نهاري رهيو هئس ته پيٽ تي گرم پاڻيءَ جي بوتل رکيل هئي، تڏهن مان سوچيو ته ڇا مون کي ٽيٽسو کي شڪايت ڪرڻ گهرجي؟
مان سوچيو ته کيس ٻڌايان، “اهي ننڊ جون نه، پر جلاب آڻڻ واريون گوريون هيون!” پر مان زور سان کليس. مون کي لڳو ته “ڌڪاريل” (reject) شايد ڪو مزاحيه اسم آهي. مان ننڊ جي دوا جي بدران دست آڻڻ واري دوا کائي ڇڏي هئي.
هاڻي مون وٽ نه ڪا خوشي بچي آهي، نه ئي ڪو غم يا اداسي.
هر شيءِ عارضي ھوندي آھي.
مان سمجهان ٿو ته ھي واحد شيءِ آھي، جيڪا انساني معاشري ۾ سچائي سان مشابهت رکي ٿي، جتي مان تتل دوزخ جهڙي معاشري ۾ زندگي گذاري آھي.
هر شيءِ عارضي ھوندي آھي.
هن سال مان ستاويهن سالن جو ٿي ويو آھيان. منهنجا وار گهڻا تڻا سفيد ٿي چڪا آهن. اڪثر ماڻهو مون کي چاليهه سالن کان مٿي جو سمجهندا آھن.
پڄاڻي:
مان نوٽ بوڪ جي لکڻ واري جنوني شخص سان ڪڏهن ذاتي طور نه مليو آھيان. بهرحال، مان ان عورت کان ٿورو گهڻو ضرور واقف آھيان. جيتري قدر مان سمجهان ٿو ته انهن ڊائريَن ۾ڪيوباشي جي هڪ بار جي مالڪياڻي طور سندس ذڪر ٿيل آهي. جسامت ۾ سنهڙي ۽ بيمار نظر ايندڙ عورت آهي، سندس اکيون ترڇيون ۽ چنجهيون ۽ نڪ وڏو اٿس. طبيعت اھڙي سخت اٿس، جو هوءَ خوبصورت عورت ھجڻ کان وڌيڪ ڪنهن نوجوان مرد جهڙي لڳندي آھي. ڊائري ۾ بيان ڪيل واقعا گهڻو ڪري لڳ ڀڳ 1930 جي ٽوڪيو سان لاڳاپيل لڳن ٿا، پر اھي 1935 کانپوءِ جا بلڪل نه آھن. جڏهن جاپاني فوجي جٿن پهريون ڀيرو سر عام ڏاڍ ڪرڻ شروع ڪيو ھو ته منهنجا دوست مون کي ان بار ۾ وٺي ويا. مان اتي ٻه ٽي ڀيرا وسڪي ۽ سوڊا پيتي هئي، پر جنهن اهي ڊائريون لکيون ھيون، مون کي ان شخص سان ملڻ جو ڪڏهن موقعو ئي نه مليو.
پر هن فيبروريءَ ۾، مان هڪ دوست وٽ ويس، جيڪو جنگ دوران فناهاشي (چِبا پريفئڪچر)Chiba Prefecture ڏانهن منتقل ٿي ويو هو. هو منهنجو يونيورسٽيءَ جي ڏينهن جو واقفڪار آهي. ھو ھن وقت عورتن جي ڪاليج ۾ پڙهائي رھيو آھي. ھن سان منهنجي ملڻ جو اصل مقصد ھي ھو ته مان پنهنجي ڪنهن مائٽ جي شاديءَ جي سلسلي ۾ سندس مدد وٺان، جيئن ته مان اتي ھئس، ان ڪري مان سوچيو ته گهر وارن لاءِ ڪجهه تازا سامونڊي کاڌا وٺي وڃان. مان پنهنجي پٺيءَ تي ٿيلهوکڻي فناهاشي روانو ٿي ويس.
فناهاشي ڪافي وڏو شهر آهي، جنهن جي اڳيان مٽيءَ وارو سامونڊي ڪنارو آھي. منهنجو دوست ھتي اڃان تازو ئي شفٽ ٿيو آھي. ان ڪري مان گهٽيءَ ۽ گهر نمبر جي مطابق سندس گهر جي پڇا ڪئي ته ڪنهن کي به رستو ٻڌائڻ نه آيو. سخت سيءُ ھو ۽ ٿيلهي جي ڪري ڪلهن ۾ سور ٿي رھيو ھو. هڪ ڪيفيءَ جي اندران وائلن جي موسيقيءَ واري رڪارڊ جو آواز ٻڌي، متوجهه ٿيس ۽ در کوليو. ھڪ عورت کي ڏسي ھلڪو ياد آيو ته مان کيس اڳ ڪٿي ڏٺو آھي. ھن کان پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته ھوءَ واقعي ڪيوباشي جي ان بار جي مالڪياڻي هئي، جتي مان ڏهہ سال اڳ ويو هئس. جڏهن ان ڳالهه جي پڪ ٿي وئي ته هن به اهو ئي ٻڌايو ته هوءَ به مون کي ياد ڪندي ھئي. اسان ٻنهي کي بيحد حيراني ٿي ۽ ڏاڍو کلياسين. جيئن انهن ڏينهن ۾ ماڻهو ھميشه پنهنجي عادت مطابق هوائي حملي دوران پنهنجي تجربن جي باري ۾ ڳالهيون ڪندا هئا، ائين اسان وٽ اھڙي اجائي بحثن کانسواءِ ڳالهائڻ لاءِ ڪافي ڳالهيون هيون.
مان چيو، “توھان ته بلڪل به نه بدليا آهيو.”
هن وراڻيو، “نه، مان ته هاڻ پوڙھي ٿي وئي آھيان. جوڙن مان چرڙاٽن جا آواز ايندا آھن. باقي توھان واقعي جوان پيا لڳو.”
“مذاق نه ڪريو! مون کي هاڻي ٽي ٻار آهن. اڄ مان ھتي انهن لاءِ سامونڊي کاڌو وٺڻ آيو آھيان.”
اسان پراڻن دوست وانگر عام حال احوال ڪياسين ۽ هڪٻئي جي ڄاتل سڃاتل ماڻهن بابت خبرون وٺڻ لڳاسين. ان عورت اوچتو، ٿورو سنجيده ٿي ٻئي ڳالهيون بند ڪري اھو پڇيو، “ڇا توھان يوزو کي سڃاڻندا ھئا؟” مان انڪار ڪيو. ان تي هوءَ اندر وئي ۽ ٽي نوٽ بوڪ ۽ ٽي تصويرون کڻي آئي ۽ مون کي ڏيندي چيو، “ٿي سگهي ٿو ناول لکڻ لاءِ بهتر مواد ثابت ٿئي.”
جڏھن ڪو پنهنجي مرضيءَ جو مواد ڏيندو آھي ته مان ھرگز لکي نه سگهندو آھيان. ان ڪري مان کيس سڀ ڪجهه بنا ڏسڻ ۽ جاچڻ جي واپس ڪرڻ وارو هئس، پر جڏھن ته انهن تصويرن مون تي گهرو اثر وڌو، ان ڪري نوٽ قبول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مان کيس واپسيءَ تي ترسڻ جو واعدو ڪيو ۽ مان ھن کان پنهنجي دوست جو پتو معلوم ڪيو. جيئن ته هوءَ به ھتي تازي شفٽ ٿي هئي، تنهنڪري ھوءَ کيس سڃاڻي پئي. دراصل، ڪڏهن ڪڏهن اهو دوست سندس دڪان تي خريداريءَ لاءِ ايندو هو. سندس گهر ٿوري ئي پنڌ تي هو.
ان رات، دوست سان ٿوري دير شراب پيئڻ کانپوءِ، مان اتي ئي رات گذارڻ جو فيصلو ڪيو. مان نوٽ بڪ پڙهڻ ۾ ايترو ته محو ٿي ويس، جو سڄي رات اک ئي نه لڳي.
مان جيڪي واقعا بيان ڪيا آھن، اھي ڪافي سال پراڻا آھن، پر مون کي پڪ هئي ته اڄ به ماڻهو انهن ۾ دلچسپي ضرور وٺندا. مان سوچيو ته ان ۾ اجائي ٺاھہ جوڙ ڪرڻ جي بدران اھو بهتر ٿيندو ته اهو سمورو مواد، جيئن جو تيئن ڪنهن رسالي ۾ ڇپائجي.
ھن شهر مان مون کي پنهنجي ٻارن لاءِ سوکڙيءَ طور سڪل مڇي ملي سگهي ٿي. مان پنهنجي دوست جي گهر مان ٿيلهو کڻي ڪافي شاپ جي ڀرسان اچي بيٺس. ٿيلهو اڃان به اڌ خالي ھو.
ڳالهه اوچتو اتي اچي پهتي. “جيڪڏھن دل ۾ نه ڪريو ته مان ھي نوٽ بُڪ ڪجهه وقت لاءِ پاڻ وٽ رکڻ چاھيان ٿو.”
“ها بلڪل.”
“جنهن اھي نوٽ بُڪ لکيا آھن، ڇا اهو شخص اڃان جيئرو آهي؟”
“مون کي ڪابه خبر نه آهي. اٽڪل ڏهہ سال اڳ ڪنهن شخص مون کي ڪيوباشي ۾ منهنجي ايڊريس تي، نوٽ بڪ ۽ تصويرن تي مشتمل هڪ پارسل موڪليو ھو. مون کي پڪ آهي ته موڪلڻ وارو يوزو ئي هو، پر هن ان پارسل تي پنهنجو پتو يا نالو به نه لکيو هو، پر ھوائي حملن دوران اھو پارسل ٻين شين سان ملي ويو، پر معجزاتي طور تي نوٽ بڪ بلڪل محفوظ ھئا. بس ٻئي ئي ڏينهن مون انهن کي پهريون ڀيرو پڙهيو ھو.”
“جڏھن توھان کي يوزو جي باري ۾ اھا خبر پئي ته ڇا توھان رُنئو؟”
“نه مان رنس ته ڪونه… مان بس اهو سوچيندي رهيس ته جڏهن انسان اهڙو رستو اختيار ڪندا آھن ته ھو ڪنهن جي لاءِ به بهتر ثابت نه ٿيندا آھن.
“ڏهه سال ٿي ويا آهن. مان سمجهان ٿو ته هو فوت ٿي ويو ھوندو. هن ضرور توهان کي مهرباني طور اھي نوٽ بڪ موڪليا هوندا. اھو واضح آھي ته نوٽ بُڪ جي ڪجهه حصن ۾ مبالغي مان ڪم ورتو ويو آھي، پر اهو ته صاف ظاهر آهي ته توکي هن کان تڪليف پهتي ھوندي. جيڪڏهن انهن نوٽ بُڪ ۾ لکيل هر ڳالهه سچي آهي ۽ جيڪڏهن مان هن جو دوست هجان ها ته مان پاڻ به کيس پاڳل خاني ۾ داخل ڪرائڻ چاھيان ھا.”
“اھو سڀ سندس پيءُ جي غلطين جو نتيجو هو،” هن بي حسيءَ مان وراڻيو. “اسان جنهن يوزو کي سڃاڻيندا هئاسين، اهو ته تمام خوش مزاج ۽ وندرائيندڙ شخص هو ۽ جيتوڻيڪ ھو شرابي ھو… پر جيڪر هو شرابي نه هجي ها ته هو سٺو ڇوڪرو ۽ فرشتو ھجي ھا.”
…(پورو ٿيو)…
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو