ناول: (ٽيون نوٽ بُڪ-پارٽ 2-حصو ٻيون): وحـشي
Shahzad Parvez Sahito ايم.اي (انگلش)، ايم.ايس.سي (سماجيات)، ايم.ايڊ (ايجوڪيشن)، پي ايڇ ڊي (شاگرد).
استاد، محقق، ڪهاڻيڪار، ترجمه نگار
مان ڪيترائي ناول پڙھيا آھن، جن ۾ شادي شده عورتن سان ظلم ۽ زيادتي ڏيکاريل ھوندي آھي، پر انهن ناولن مان ڪنهن ھڪ ۾ به يوشيڪو سان پيش آيل واقعي جهڙو دل دھلائيندڙ واقعو نه مليو آھي. سندس ڪهاڻي، ڪنهن ناول ۾ سمائي نٿي سگهجي. جيڪڏهن ان سنهڙي سيپڪ دڪاندار ۽ يوشيڪو جي وچ ۾ محبت جو ڪو ٿورڙو به اشارو ملي ھا ته ٿي سگهي ٿو، مون کي ائين نه لڳي ھا، پر هڪ اونهاري جي رات بس اھو ئي ٿيو، جو يوشيڪو جي ويساھہ سان دوکو ٿيو… ۽ انهيءَ واقعي جي صدمي جي سبب منهنجي پيشانيءَ ۾ گهنج پئجي ويا، منهنجو آواز گگهو ٿي ويو. وار وقت کان اڳ سفيد ٿي ويا ۽ يوشيڪو ويساھہ گهاتيءَ سبب پريشان رھندي آھي. جيڪي ناول مان پڙهيا آھن، انهن ۾ گهڻو زور ان ڳالهه تي ڏنو ويو آھي ته مڙس پنهنجي زال جي “عمل” کي معاف ڪيو يا نه، پر مون کي ائين لڳندو آھي ته اهو مڙس جيڪو معاف ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو حق رکي ٿو، اهو خوش نصيب ٿيندو آهي. جيڪڏهن هو اھو سمجهي ٿو ته هو پنهنجي زال کي معاف نہٿو ڪري سگهي، ته پوءِ کيس گهڻي واويلا ڪرڻ بدران جلدي طلاق ڏئي، ٻي شادي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ھو ائين نٿو ڪري سگهي ته پوءِ کيس گهرجي ته ھو معاف ڪري ۽ صبر جو مظاھرو ڪري. ٻي صورت ۾، اهو مامرو پوريءَ طرح مڙس جي احساسن تي ڇڏجي، ته هو ان جو ڪهڙو حل ٿو ڪڍي. ٻين لفظن ۾، ائين کڻي چئجي ته اهڙو واقعو ڪنهن به مڙس لاءِ وڏو صدمو ھوندو آھي، پر اهو صدمو ڪنهن زلزلي جي جهٽڪي وانگر ناھي ھوندو، جنهن کانپوءِ ننڍن جهٽڪن جو سلسلو ھر ھر اچي، سندس سر تي طاري رھي. مون کي اهو اھڙو مسئلو نظر آيو، جيڪو ڪنهن به بااختيار مڙس جي غصي سان ختم ٿي سگهي ٿو، پر اسان جي معاملي ۾، مڙس وٽ ڪو اختيار ئي نه هو ۽ جڏهن مان سموريون ڳالهين تي بار بار سوچيو ته مون کي لڳو ته هر شيءِ جو ذميوار مان پاڻ ئي آهيان. ڪاوڙ ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آھي مان ته شڪايت به ڪري نه سگهيس. اها سندس ناياب خوبي هئي، جنهن جي ڪري منهنجي زال سان زيادتي ٿي. سندس ان خوبيءَ کي مان ھميشه ساراهيندو ھئس، ناقابل برداشت حد تائين قابل رحم خوبي، جنهن کي انڌو اعتبار رکڻ چوندا آھن.
ڇا انڌو اعتبار ڪرڻ گناهہ آهي؟
هاڻ، جڏهن کان مون کي ان اعتبار واري واحد خوبيءَ تي به شڪ پيدا ٿيڻ لڳا، جنهن تي مان ڀروسو ڪندو هئس، تڏهن کان مان پنهنجي اردگرد موجود هر شيءِ کي سمجهڻ جي صلاحيت وڃائي ويٺس. ان لاءِ منهنجو واحد سهارو شراب هو. منهنجو چهرو ڏاڍو سڪي ويو ھو ۽ لڳاتار شراب نوشيءَ جي ڪري منهنجا ڏند ٻاھر نڪري پيا ھئا. مون کي شراب وٺڻ لاءِ پئسن جي ضرورت ھوندي ھئي، ان ڪري هاڻي مان لڳ ڀڳ فحش خاڪا ٺاهيندو هئس. بلڪه ائين کڻي چوان ته مان اُن وقت اھي فحش تصويرون نقل ڪرڻ شروع ڪيون، جن کي مان لڪائي وڪڻندو هئس. جڏهن مان يوشيڪو ڏانهن ڏسندو هئس، ته ھوءَ ھميشه پنهنجون نظرون ڦيرائي ڇڏيندي ھئي ۽ ڏڪڻ لڳندي ھئي، تڏهن منهنجي شڪ مان نوان شڪ جنم وٺندا هئا ته ڇا اهو ممڪن ھو ته اھا عورت جيڪا بلڪل بيوس هجي ۽ اُن دڪاندار سان رڳو هڪ ڀيري ئي ويجهو ٿي هجي؟ ڇا اها هوريڪي سان به ستي هئي؟ يا ڪنهن اھڙي شخص سان به ستي ھئي، جنهن کي مان نه سڃاڻندو ھجان؟ مون وٽ کانئس اھو پڇڻ جي به همت نه هئي. پنهنجي ھر روز جي شڪن ۽ خوفن ۾ پڄرندو ھئس ۽ شراب پيئندو رهيس. ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن نشي ۾ ڌت هوندو هئس، تڏهن ڊڄندي، اڻ سڌي طرح سوال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. مان دل ئي دل ۾، يوشيڪو جي جوابن تي بيوقوفيءَ مان خوشيءَ ۽ غم جي وچ ۾ لوڏا پيو کائيندو ھئس، پر بظاهر مان پنهنجي مسخري ڪرڻ ڪڏھن بند نه ڪئي. بعد ۾ اگهور ننڊ سمهڻ کان اڳ، مان يوشيڪو سان نفرت انگيز ۽ ڪراھت ڏيندڙ جسماني لاڳاپو رکندو ھئس.
انهيءَ سال جي پڇاڙيءَ ۾ مان هڪ رات شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي، گهر دير سان آيس. مون کي شربت پيئڻ تي دل چيو. يوشيڪو ننڊ پئي ھئي، تنهڪري مان پاڻ رڌڻي ۾ کنڊ جي پيالي کي ڳولهڻ ويس. مان ڍڪڻ لاھي ڏٺم ته کنڊ ختم ھئي. بس ھڪ ڪارو خالي دٻو نظر آيو. مان ائين بي خياليءَ ۾ دٻو ھٿ ۾ کڻي ان جو ليبل پڙهيو. اھو ڏسي مون کان ڇرڪ نڪري ويو، ته ڪنهن نه ڪنهن ان تان لڳ ڀڳ سڀ اکر مٽائي ڇڏيا ھئا، پر انگريزي اکرن جو ھڪ حصو DIAL موجود ھو جيڪو پڙهڻ لائق هو.
DIAL ان وقت مان رڳو شراب تي ھلندو ھئس ۽ ڪڏھن به ننڊ جو گوريون نه کائيندو هئس. بهرحال مون لاءِ ننڊ جو نه اچڻ هڪ دائمي شڪايت هئي ۽ مان ننڊ جي اڪثر گورين کان واقف هئس. هن هڪ دٻي ۾ موجودDIAL جو مقدار يقينن موت لاءِ ڪافي هو. دٻي جي سيل ٽٽل نه ھئي. لڳي ٿو ته ضرورت جي وقت استعمال ڪرڻ لاءِ شايد مان ماضيءَ ۾ ان کي هتي لڪايو هجي ۽ رکڻ کان اڳ مان ان جو ليبل ڦاڙي ڇڏيو هجي. ويچاريءَ کي انگريزي اکر پڙهڻ نه ايندا هئا ۽ شايد ان ڪري ئي مان جاپاني ٻوليءَ ۾ لکيل حصو پنهنجي ننهن سان لاھي ڇڏيو ھجي. (توهان ڪوبه گناهہ ڪونه ڪيو آهي.)
مان خاموشيءَ ۽ وڏي احتياط سان سان هڪ گلاس ۾ پاڻي ڀريو ته جيئن آواز نه ٿئي ۽ دٻي جي سيل کولي ان ۾ موجود سمورو مواد پنهنجي وات ۾ وجهي ڇڏيو. مان خاموشيءَ سان پاڻيءَ جو گلاس ھڪ ئي ساھيءَ ۾ پي ڇڏيو. مان بتيون بند ڪري سمهي پيس.
ٽن ڏينهن ۽ راتين تائين مان ھڪ لاش وانگر پيو رھيس. ڊاڪٽر ان کي هڪ حادثو سمجهيو ۽ مون تي مهرباني ڪئي، جو ھن پوليس کي رپورٽ نه ڪئي. مون کي ٻڌايو ويو ته جنهن وقت مان ھوش ۾ اچڻ لڳس ته وڦلندي اھو چيو ته “مان گهر پيو وڃان.” ان ڳالهه جي مون کي پاڻ کي ئي خبر ناھي ته ڪهڙي “گهر” جي ڳالهه پئي ڪئي. بهرحال ھڪ شخص جيڪو مون سان گڏ ھو، ان ٻڌايو ته مان اھي لفظ روئيندي چيا.
آهستي آهستي نشو لٿو ۽ جڏھن مون کي هوش آيو ته منهنجي وھاڻي جي ڀرسان فليٽ فش بيٺو ھو. ھو منهن مان ڪاوڙيل پئي لڳو.
“گذريل ڀيري به سال جا پويان ڏينهن ھئا نه؟ هي ھميشه سال جا آخر ڏينهن ئي چونڊيندو آهي ۽ بس جڏهن هرڪو بيحد مصروف هوندو آهي. جيڪڏهن هن جو اهڙيون حرڪتون جاري رھيون ته پوءِ منهنجو موت ته پڪو آھي.”
ڪيوباشي ۾ بار جي مالڪياڻي فليٽ فش جي سموري گفتگو پئي ٻڌي.
مان سڏ ڪيو، “ميڊم.”
“جي… توھان کي ھوش اچي ويو آھي؟” ھن کلندي پنهنجو چهرو منهنجي مٿان جهليندي چيو.
مان زارو زار روئڻ لڳس. “مون کي يوشيڪو کان ڪافي ڏور وٺي وڃو.” اهي لفظ مون لاءِ پڻ حيران ڪن ھئا.
ميڊم اٿي بيٺي ۽ ھلڪو ساھہ کنيو.
پوءِ بنا سوچڻ سمجهڻ جي منهنجي واتان نڪري ويو. اھا ڳالهه ايتري ته مزاحيه ۽ ايتري ته بيوقوفاڻي ھئي، جو ان جو بيان ڪرڻ ئي ڏکيو آھي. مان چيو، “مان ڪنهن اهڙي جاءِ ڏانهن وڃي رهيو آهيان، جتي عورتون ته بلڪل به نه هونديون.”
سڀ کان پهريان فليٽ فِش کلندي ٺٺولي ڪئي. ميڊم ٿورو کلي ۽ مان، پنهنجي اکين مان ڳوڙھا ڳاڙيندي، شرم مان ڳاڙهو ٿي ويس ۽ مان پاڻ به ٿورو کليس.
“واھہ تمام بهتر سوچيو اٿئي.” فليٽ فِش اڃان به بيوقوفيءَ مان کلندي چيو. “تون واقعي اهڙي هنڌ وڃڻ گهرين ٿو، جتي عورتون نه هجن. جيستائين عورتون توسان گڏ ھونديون تيستائين توسان ڪجهہ نه ڪجهه خراب ٿيندو رھندو. ها، ڪا اھڙي جاءِ، جتي عورتون نه ھجن، اھا جاءِ ئي بهتر ثابت ٿي سگهي ٿي.”
“اھڙي جاءِ جتي عورتون نه ھجن.” واري ڳالهہ کان به وڌيڪ بري، بي تڪي ۽ بيوقوفاڻي ڳالهه اها هئي، جيڪا بعد ۾ هولناڪ طريقي سان سچ ٿي ثابت ٿي.
يوشيڪو کي ڄڻ ته اهو وهم ٿي پيو هو ته مان ننڊ جون گوريون کائي سندس گناھہ جو ڪفارو ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ڪري ئي هوءَ مون لاءِ وڌيڪ شڪي ٿي پئي ھئي. هوءَ ڪڏهن به نه کلندي هئي ۽ ائين لڳندو ھو، ڄڻ ته ھن کان ڳالهرائڻ ئي وڏي مشڪل جي ڳالهه ھجي. مون کي اپارٽمينٽ ايترو گهُٽيندڙ لڳو، جو آخرڪار مان ھميشه وانگر سستو شراب حرص ڪري پيئڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويندو هئس، پر “ڊائِل” واري واقعي کانپوءِ، منهنجو وزن ڪافي گهٽجڻ لڳو. منهنجا هٿ ۽ پير ڳرا محسوس ٿيڻ لڳا. ايتري تائين جو ڪارٽون ٺاهڻ ۾مون کي سُستي ٿيندي هئي. فليٽ فِش جڏهن مون سان ملڻ آيو ته ڪجهه پئسا ڏئي ويو. (هن چيو، “هي منهنجي طرفان هڪ ننڍڙو تحفو آهي” ۽ ھن اھي پئسا ائين ڏنا ڄڻ ته سندس هجن، جڏھن ته مون کي اندازو آھي ته اهارقم ھميشه وانگر منهنجن ڀائرن جي موڪليل ھوندي. جڏھن مان فليٽ فِش جي گهر مان ڀڄي ويو ھئس، ان جي برعڪس ھن ڀيري، سندس رويي مان مون کي اھميت ڏيڻ واري ڏيکاءُ جي روايتي جهلڪ نظر آئي. مان به ته چالاڪ ھئس، ان ڪري جيڪو ڪجهه ٿي رھيو ھو، ان کان اڻ ڄاڻائيءَ جو ڍونگ ڪري رھيو ھئس. رقم ڏيڻ لاءِ سندس عاجزيءَ سان شڪريو ادا ڪيم. تنهن هوندي به سمجهه ۾ اچڻ باوجود مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته فيلٽ فش جهڙا ماڻهو اهڙيون پيچيده چالون ڇو اختيار ڪندا آھن.) مان بنا ڪنهن هٻڪ جي اهو پئسو خرچ ڪرڻ لاءِ اڪيلي ئي ڏکڻ اِيزو جي گرم چشمن وارن علائقن ڏانهن نڪري ويس، پر مان اهڙو ماڻهو به نه هئس، جو سک ۽ سڪون سان گرم چشمن وارن هنڌن تي سير ڪندو ھجي. جڏهن به مون کي يوشيڪو جو خيال ايندو ھو ته مان ايترو ته اداس ٿي ويندو ھئس، جو منهنجو ذھني سڪون صفا تباهہ ٿي ويندو ھو. شايد ان سڪون جي سبب مان هوٽل جي دريءَ مان جبلن جي نظارن مان لطف ماڻيان ھا. مان نه اسپورٽس وارا ڪپڙا مٽائيندو ھئس ۽ نه ئي وري غسل ڪندو ھئس. ان بدران، مان انهن گندن شراب خانن ڏانهن ويندو ھئس، جيڪي يادگار ماڳن جهڙا لڳندا ھئا، جتي مان شراب پي مست ٿي ويندو ھئس. ٽوئر تان ٽوڪيو واپسيءَ تي اصل بيمار ٿي پيو ھئس.
جنهن رات مان ٽوڪيو واپس پهتس ته تمام گهڻي برفباري ٿي رهي هئي. مان نشي ۾ ڌت ٿي، گنزا جي پويان سيلونن واري گهٽيءَ ۾ گھمندو رهيو ھئس ۽ لڳاتار پنهنجي منهن ڳائي رھيو ھئس. بلڪل ھلڪو آواز آيو. “ھتان گهر سوين ميل پري آھي… هتان گهر سوين ميل پري آهي.” مان رستي تي جمع ٿيل برف کي پنهنجي بوٽ سان ٿڏا ھڻندو اڳتي وڌندو رھيس. اوچتو مون کي الٽي اچي وئي. هي پهريون ڀيرو هو، جو مون کي رت آيو ھو، جنهن سان برف تي ھڪ اڀرندڙ سج جهڙو نشان ٺهي پيو. مان اتي ٿوري دير اوڪڙو ٿي ويهي رھيس. مان صاف برف کڻي پنھنجو منهن ڌوتو. پر مان رُنس پئي.
“هي ننڍڙو رستو ڪيڏانهن ٿو وڃي؟”
“هي ننڍڙو رستو ڪيڏانهن ٿو وڃي؟”
مون کي پري کان ڪنهن ننڍي ڇوڪريءَ جي ڳائڻ جي آواز اچڻ جو وھم ٿيو. اداسي… دنيا ۾ هر قسم جا اداس ماڻهو موجود آهن. منهنجي خيال ۾ ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته پوري دنيا ئي غمگين ماڻهن سان ڀري پئي آھي، پر اھي ماڻهو پنهنجي اداسيءَ سان سڌيءَ ريت، منهن ڏيئي، سماج سان وڙهڻ جي سگهه رکندا آهن ۽ سماج به اهڙن ماڻهن جي جدوجهد کي آسانيءَ سان سمجهي ۽ ان سان همدردي ڪندو آهي. منهنجي اداسي پوريءَ طرح تي منهنجي پنهنجي برائين مان ڦٽي نڪتي هئي ۽ وري مون وٽ ڪنهن سان به وڙهڻ جو ڪو رستو نه هو. جيڪڏهن مان اعتراض ڪريان ھا يا وري احتجاج ۾ پنهنجو آواز اٿارڻ جي ڪوشش ڪريان ها، يا ٻڙڪ به ڪريان ھا ته نه صرف فليٽ فش، پر پورو سماج بنا ڪنهن شڪ جي حيرت مان دانهون ڪري ھا. “ھن جي ھمت ته ڏسو ته جو ائين پيو ڳالهائي.” مون کي “انا پرست” سڏيو ويندو آھي. ڇا واقعي ائين آھي؟ يا مان ان جو ابتڙ، هڪ بي ھمت ۽ ڪمزور انسان آهيان. مان واقعي ۾ به پاڻ کي نہٿو سڃاڻان، پر بهرحال لڳي ائين ٿو ته مان برايُن جو هڪ مجموعو هجان. آهستي آهستي، مان اداسيءَ جي سمنڊ ۾ غرق ٿيندو ويس ۽ ان کان بچڻ جو مون وٽ ڪو خاص منصوبو ئي ناهي.
مان برف جي ڍير تان اھو سوچي اٿيس ته مون کي بنا دير جي ڪا خاص دوا وٺڻ گهرجي. مان ڀرسان ئي هڪ دواخاني ڏانهن ويس. جيئن ئي مان اندر داخل ٿيس ته دڪاندار عورت ۽ مان هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو. اُنهيءَ گهڙيءَ سندس اکيون ڦوٽارجي ويون ۽ هن پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو، ڄڻ ته سندس اکين ۾ فليش لائٽ جي روشني لڳي وئي هجي. هوءَ لوھي سيخ جيان سڌي ٿي بيٺي ھئي، پر سندس ڦوٽاريل اکين ۾ ڪنهن ڊپ يا نفرت جي ڪابه علامت نه ھئي. سندس نگاهہ مان اُميد جي جهلڪ پئي نظر آئي، ڄڻ ته نجات جي تلاش ۾ ھجي. مان سوچيو، “هوءَ به اداس ئي ھوندي آهي. اداس ماڻهو ٻين غمگين ماڻهن جي اداسي محسوس ڪري وٺندا آھن.” اُن وقت مان غور ڪيو ته هوءَ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان بي ساکين تي بيٺي هئي، مون کي هن جي ڀرسان وڃي بيهڻ جي تمنا ٿي، پر مان سندس چهري کان پنهنجون اکيون هٽائي نه سگهيس. مون کي ائين لڳو، ڄڻ ته منهنجي اکين مان لڙڪ لڙي پيا ھجن ۽ ساڳي طرح ھن جي وڏين اکين مان به ڳوڙھا وھي رھيا ھئا.
بس هڪ لفظ چوڻ بنا مان دواخاني مان ٻاهر نڪري، ٿيڙ کائيندو پنهنجي اپارٽمينٽ ڏانهن واپس هليو ويس. يوشيڪو منهنجي چوڻ تي پاڻيءَ ۾ لوڻ ملائي کڻي آئي، جيڪو مان پي ورتو. کيس ڪجهه به ٻڌائڻ بنا سمهي پيس. پوءِ مان ٿڌ لڳڻ جو ڪوڙو بهانو ڪري، سڄو ڏينهن ستو ئي رھيس. رات جي وقت لڪي لڪي کنگهڻ، ۽ رت اچڻ سبب گهٻراھٽ ايتري وڌي وئي، جو مون کي بستري مان اٿڻو پئجي ويو. مان ٻيهر دواخاني ويس. هن ڀيري مان ان عورت کي مُسڪرائيندي پنهنجي صحت جو حال احوال ٻڌايو ۽ نهايت عاجزيءَ سان مان کانئس مشورو ورتو.
“توهان کي شراب ڇڏڻو پوندو.”
اسان ڄڻ ته سڳا مائٽ هئاسين.
“شايد مون کي گهڻي شراب پيئڻ جي ڪري، ان جو زھريلو اثر ٿي پيو آھي، پر پوءِ به مان پيئڻ چاهيان ٿو.”
“اوھان کي ائين نه ڪرڻ گهرجي. منهنجي مڙس کي ٽي بي هوندي ھئي، ان ھوندي به ھو شراب جي نشي ۾ ڌت رھندو ھو. ھو ھميشه چوندو هو ته شراب پيئڻ سان جسم جا جراثيم مري ويندا آهن. اھڙيءَ طرح هن پنهنجي حياتي پاڻ ئي گهٽائي ڇڏي.”
“مان ايترو ته پريشان آهيان، جو برداشت نہٿو ڪري سگهان. مون کي اھو خوف اچي ورائيندو آھي ته مان بلڪل بيڪار قسم جو ماڻهو آھيان، جنهن جو ڪنهن کي ڪوبه فائدو ناھي.”
“مان اوهان کي ڪجهہ دوا ٿي ڏيان، پر مهرباني ڪري، گهٽ ۾ گهٽ شراب ڇڏي ڏيو.”
هوءَ بيواھہ هئي ۽ کيس هڪڙو ئي پٽ هو. اهو ڇوڪرو صوبي جي ڪنهن ميڊيڪل اسڪول ۾ پڙهندو هو، پر ھاڻي، ھو ساڳئي بيماريءَ سبب اسڪول مان موڪل تي هو، جنهن سبب سندس پيءُ فوت ٿي ويو هو. سندس سُهرو اڌرنگي سبب گهر ۾ بستري تي هو. ان عورت جو جسم پڻ ھڪ پاسي کان سڪل ھو. ڇاڪاڻ ته جڏھن ھوءَ پنجن سالن جي ھئي ته کيس پوليو ٿي پيو ھو. هوءَ بي ساکين جي سهاري دڪان تي ھيڏانهن ھوڏانهن گهمندي رھندي ھئي. ھن الڳ لڳ خانن مان دوائون کنيون ۽ هر دوا جي ڊوز بابت سمجهائيندي وئي.
ھن دوا سان توھان جو رت ٺهندو.
هي وٽامن جي انجيڪشن لاءِ دوا(Serum) آهي. هي چمڙيءَ ۾ لڳائڻ جي (hypodermic) سُئي آهي.
هي ڪيلشيم جون گوريون آهن ۽ ھي دوا نشاستي کي شوگر ۾ تبديل ڪندڙ (Diastase) دوا آھي جنهن سان توھان جو معدو ٺيڪ رھندو.
ھر ھڪ دوا جي باري ۾ سمجهائيندي، ھن نرمي سان پئي ڳالهايو. ھن اداس عورت جو پيار نهايت شديد ثابت ٿيو. آخر ۾، هن چيو، “جڏهن توهان کي شراب پيئڻ جي ٻاڙ لڳي ۽ پيئڻ بنا رھي نه سگهو ته هي دوا استعمال ڪجو.” هن دوا جي ننڍڙي دٻي ويڙهي ڏني.
اها مارفين(morphine) هئي.
هن ٻڌايو ته اھا دوا شراب کان گهٽ نقصانڪار آھي ۽ مان به سندس ڳالهه تي يقين ڪيو. ھڪ ته مان ان اسٽيج تي پهچي چڪو ھئس، جو شراب مان گندي ڪراھت اچي رھي ھئي ۽ ٻيو مون کي ان ڳالهه جي بيحد خوشي ٿي رھي ھئي ته شراب جي عادت ڇڏي پئي سگهيس. بغير ڪنهن دير جي مان مارفين جي سئي ڀري پاڻ کي لڳائي ورتي. منهنجي بيچيني، پريشاني ۽ ڊپ ختم ٿي ويا. مان پر اميد، خود اعتماد ۽ روانيءَ سان ڳالهائيندڙ شخص بڻجي ويس. انهن سرنجن جي سبب مون کي پنهنجي جسم جي ڪمزوري وسري وئي ۽ مان وڏي چاھہ سان ٻيهر ڪارٽون ٺاھڻ ۾ لڳي ويس. ڪڏهن ڪڏهن ته مان ڊرائنگ ڪندي زور سان کلڻ لڳندو هئس.
منهنجو ارادو روزانو ھڪ سئي ھڻڻ جو ھو، پر ھڪ مان ٻه، ٻن مان ٽن تائين پهتس، پر ھاڻي جيستائين روزانو چار سئين جو ڊوز نه وٺندو ھئس، تيستائين ڪم ئي نه ڪري سگهندو ھئس.
مون کي فارميسيءَ واري ان عورت جي ضرورت ھئي، جيڪا مون کي خبردار ڪندي ايترو چئي ته ان دوا جو عادي ٿيڻ ڪيترو نه خطرناڪ ثابت ٿيندو، پر ائين محسوس ڪرڻ کان اڳ ئي مان پڪو عادي ٿي ويو ھئس. (مون تي ٻين جي ڳالهين جو جلد اثر ٿي ويندو آھي. جيڪڏھن ڪو مون کي ائين چوندو آھي، “توهان کي هي پئسا خرچ نه ڪرڻ گهرجن، پر لڳي ٿو ته وري به خرچ ڪندؤ…” ته مون کي عجيب وهم ٿي پوندو آهي ته جيڪر مان اهي پئسا خرچ نه ڪيا ته ڄڻ تہوڏو ڏوھہ ٿي پوندو. جنهن ڪري مان ھميشه اهي پئسا تڪڙو خرچ ڪري ڇڏيندو آھيان.) دوائن جي عادي ٿيڻ واري منهنجي بيچيني ئي مون کي وڌيڪ دوا وٺڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
“مهرباني ڪري ھڪ ٻيو دٻو ڏيو! مان واعدو ڪريان ٿو ته ھن مهيني جي آخر ۾ بل ادا ڪندس.”
“بل ته ڪڏھن به ڏيو، خير آھي، پر پوليس بي رحم ٿيندي آھي، خبر اٿئي نہ؟”
منهنجي مٿان ھميشه ڪو نه ڪو غليظ، ڪارو ۽ بدبودار پاڇو لامار ڏيندو رھندو آھي.
“خدا جي واسطي! انهن کي ڪجهه به چئي، ٽاري ڇڏيو. مان توھان کي چمي ڏيندس.”
هوءَ شرم مان ڳاڙھي ٿي وئي.
مان پنهنجي ڳالهه جاري رکي، “جيستائين مان اھا دوا نٿو وٺان، تيستائين مون کان ڪم نٿو ٿئي. اھا دوا مون لاءِ طاقت ۽ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ جو ذريعو آھي.”
“ھارمونز جون انجيڪشن گهرجن؟”
“بيوقوفي نه ڪر. شراب يا دوا، منهنجي لاءِ ساڳي ڳالهه آھي. انهن مان ڪا شيءِ نه ھوندي ته مون کان ڪم نه ٿيندو.”
“توهان کي شراب نه پيئڻ گهرجي.”
…(هلندڙ)…
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟