مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ناول: (ٽيون نوٽ بُڪ-پارٽ-2-حصو پهريون): وحـشي

Shahzad Parvez Sahito ايم.اي (انگلش)، ايم.ايس.سي (سماجيات)، ايم.ايڊ (ايجوڪيشن)، پي ايڇ ڊي (شاگرد).

استاد، محقق، ڪهاڻيڪار، ترجمه نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

هوريڪي ۽ مان.
جيئن ته ھوريڪي ۽ مان هڪٻئي کان نفرت ڪندا هئاسين، ان هوندي به اسان پنهنجو پاڻ کي ذليل ڪرڻ لاءِ سدائين گڏ هوندا هئاسين، جيڪڏهن دنيا ان کي “دوستيءَ” جو نالو ڏئي ٿي ته پوءِ هوريڪي ۽ منهنجي وچ ۾ بيشڪ دوستيءَ وارا لاڳاپا هئا.
مان پاڻ کي ڪيوباشيءَ جي بار جي مالڪياڻيءَ جي سخاوت ۽ بهادري جي حوالي ڪري ڇڏيو. (ڪنهن عورت لاءِ لفظ “بهادري” جو استعمال ڪرڻ ٿورو عجيب ٿو لڳي، پر منهنجي تجربي مطابق، گهٽ ۾ گهٽ شهري عورتن وٽ اها ڳالهه، جنهن کي شايد بهادري يا سخاوت چئون، سا مردن جي ڀيٽ ۾ گهڻي ٿيندي آھي. اڪثر مرد ته ڊنل ھوندا آھن، جيڪي پنهنجي ظاھري صورت ۽ ڏيک لاءِ پريشان ھجڻ سان گڏ خرچ ڪرڻ ۾ بيحد محتاط ٿيندا آھن. ان عورت مون کي يوشيڪو سان شادي ڪرڻ ۽ سوميدا نديءَ جي ڀرسان هڪ اپارٽمينٽ جي ھيٺين ماڙ تي ھڪ ڪمرو ڪرائي تي وٺي ڏيڻ ۾ ۾ منهنجي مدد ڪئي، جنهن ۾ يوشيڪو ۽ مان رھڻ لڳاسين. مان شراب ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي سموري سگهه ڪارٽون ٺاهڻ ۾ لڳائي ڇڏي. رات جي مانيءَ کانپوءِ، اسان ٻئي گڏجي فلم ڏسڻ لاءِ ويندا هئاسين ۽ واپسيءَ تي ڪڏهن کير جي دڪان تان کير پيئندا ھئاسين يا وري ڪڏھن گلن جون ڪونڊيون خريد ڪندا هئاسين، پر انهن سڀني شين کان وڌيڪ خوشي مون کي منهنجي پياري زال جي مٺڙين ڳالهين ۽ سندس چال کي ڏسي ملندي ھئي، جيڪا مون تي دل ۽ جان سان ڀروسو ڪندي هئي ۽ پوءِ مان پنهنجي دل کي ان حسين خيال سان دلاسو ڏيڻ لڳس ته شايد مان به ھڪ ڏينهن انسان بڻجي وڃان ۽ ڪنهن دهشتناڪ موت کان بچي وڃان. اڃان ان سوچ ۾ ئي ھئس ته اوچتو هوريڪي ٻيهر اچي ڪڙڪيو.
هن مون کي سلام ڪيو، “عظيم عاشق جا ڪهڙا حال آهن؟ ڇو ھي ڇا آھي؟ مون کي توھان جي چهري تي ڪٿي خوف جا آثار ته نظر نه پيا اچن؟ اڄ مان ڪوئينجي واري بيگم صاحبه جي طرفان پيغام کڻي آيو آهيان.“هن پنهنجو آواز ھلڪو ڪيو ۽ يوشيڪو جي طرف ڏٺو، اھو معلوم ڪرڻ لاءِ ته ڳالهه جاري رکجي يا نه. يوشيڪو ان وقت رڌڻي ۾ چانهه تيار ڪري رهي هئي.
مان کيس نرميءَ سان جواب ڏنو، “ڪا ڳالهه ناهي. توهان ھن جي سامهون به ھر ڳالهه ڪري سگهو ٿا.”
سچ اھو آھي ته يوشيڪو انهن ماڻهن مان آھي، جنهن کي ڀروسي جي لائق ھڪ اھم انسان چئي سگهجي ٿو. هن کي ڪيوباشي جي بار جي مالڪياڻي سان منهنجي لاڳاپن تي ڪوبه شڪ نه هو ۽ جڏهن مان کيس ڪماڪورا ۾ پيش آيل واقعي بابت سڀ ڪجهه ٻڌايو، تڏهن به کيس سُنيڪو سان منهنجي لاڳاپن تي شڪ نه ٿيو. اھا ڳالهه ناھي ته مان ڪو ماھر ڪوڙو ھئس، اھڙن وقت تي مان ھر ڳالهه صاف ۽ چٽي چئي ڏيندو ھئس، پر يوشيڪو کي منهنجي هر ڳالهه مذاق لڳندي ھئي.
“تون ھاڻي به اڳ وانگر مغرور پيو لڳين. بهرحال ان جي ڳالهه جي ڪا اھميت ناھي. هن مون کي چيو آھي ته مان توکي سندس نياپو ڏيان ته تون ڪڏهن ڪڏهن هن سان ملڻ وڃ.”
بس جڏهن مان ھر شيءِ وسارڻ شروع پئي ڪئي ته ھڪ منحوس پکي، پنهنجي چنهب سان منهنجي يادن جي زخمن کي تازو ڪرڻ لاءِ اڏامندو اچي پهتو. اوچتو ئي ماضيءَ جي شرمندگي ۽ گناهن جون يادون منهنجي اکين آڏو کلي پيون. مون کي اھڙي خوف اچي ورايو، جو مان دانهون ڪرڻ ٿي چاھيون. مان هڪ پل لاءِ به اتي ويهي نه پئي سگهيس. “هڪ پيالو ٿي وڃي؟” مون پڇيو.
“ھا بلڪل.” هوريڪي چيو.
مان ۽ هوريڪي… ڏسڻ ۾ ته هوريڪي ٻين وانگر ئي هڪ انسان لڳندو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين لڳندو ھو، ڄڻ ته هو بلڪل مون جهڙو ئي هجي. بلڪل ان ڪري ئي اسان ٻئي شراب خانن جا چڪر ڪاٽيندي، ھِتان، ھُتان سستو شراب پيئندا هئاسين. جڏهن اسان ٻئي هڪٻئي سان روبرو ملندا هئاسين ته ائين لڳندو ھو، ڄڻ ته فوري طور تي ساڳي شڪل ۽ رنگ جا ڪتا بڻجي ويا ھجون ۽ پوءِ برف سان ڍڪيل گهٽين مان ٻرانگهون ھڻندا نڪري ويندا هئاسين.
ان طرح اسان پنهنجي پراڻي دوستيءَ جي شعلن کي اڳ وانگر ٻيهر ڀڙڪايو. اسان گڏجي ڪيوباشي جي بار ۾ وياسين ۽ آخرڪار، اسان ٻئي نشي ۾ ڌت ڪتا شيزوڪو جي ڪوئينجي واري اپارٽمينٽ تي پهتاسين، جتي مان ڪڏهن ڪڏهن رات به گذاريندو هئس.
مون کان اھا ڳالهه ڪڏهن به نه وسرندي… اونهاري جي گرم رات هئي. هوريڪي منهنجي اپارٽمينٽ ۾ شام جو اونهاري واري ڦاٽل ڪيمونو پائي آيو هو. هن ٻڌايو ته ھن سان ايمرجنسي ٿي پئي آھي. کيس مجبوريءَ ۾ پنهنجا گرميءَ وارا ڪپڙا گروي رکڻا پئجي ويا آھن. ھو پريشان ھو ۽ ھن مون کان ڪجهه اڌارا پئسا گهريا ته جيئن سندس پوڙھي ماءُ کي خبر پوڻ کان اڳ پنهنجا ڪپڙا واپس وٺي سگهي. بظاھر ته ان مسئلي کيس واقعي پريشان ڪري وڌو ھو. بدقسمتيءَ سان مون وٽ به ان وقت پئسا نه هئا. مان ھميشه وانگر يوشيڪو کي سندس ڪجهه ڪپڙن سان گڏ گروي واري دڪان ڏانهن موڪليو. ھوريڪي کي جيتري ضرورت ھئي، اوترا کيس ڪي پئسا ڏنا، پر ھا ھڪ شيءِ رھجي وئي ھئي، سو مان يوشيڪو کي چيو ته باقي پئسن مان شراب وٺي اچي. اسان اپارٽمينٽ هائوس جي ڇت تي چڙهي وياسين، جتي اسان ٿڌڙي شام جو ڏکن ڀريل پارٽيءَ ڪئي. نديءَ مان ھوا جا ھلڪا اڻ وندڙ جهوٽا پئي لڳا.
اسان تڪليف ڏيندڙ ۽ مزاحيه اسمن ڳولهڻ جي راند شروع ڪئي. ھي راند مان پاڻ ايجاد ڪري ورتي ھئي. ان جو بنياد انهيءَ تجويز تي ته هو، جيئن اسان اسمن کي مذڪر، مونث ۽ بي جنس ۾ ورهائي سگهون ٿا، تيئن تڪليف ڏيندڙ ۽ مزاحيه اسمن ۾ به فرق ڪرڻو ھو. مثال طور: هن قائدي مطابق اھو طئي ٿيو ته ٻاڦ تي ھلندڙ بحري جهاز ۽ ٻاڦ واري انجڻ تڪليف ڏيندڙ اسم آھن، اھڙي طرح ٽرام ۽ بس مزاحيه اسم آھن. اهي ماڻهو، جيڪي ان ڳالهه جي حقيقت کي سمجهي ناھن سگهيا ته اھي واقعي ۾ به آرٽ تي بحث ڪرڻ جي لائق نه آھن، جيڪڏھن ڪنهن ڊراما نگار، جنهن پنهنجي مزاحيه ڊرامي ۾ هڪ به غمگين اسم شامل ڪيو ته کيس رڳو ان بنياد تي ئي ناڪام سمجهيو ويندو آھي. اھڙي طرح ساڳيو اصول المين ۾ مزاحيه اسم شامل ڪرڻ سان لاڳو ٿئي ٿو.
مان سوال پڇڻ شروع ڪيا. “تيار آهين؟ ته ٻڌائي تماڪ/سگريٽ ڇا آهي؟”
“تڪليف ڏيندڙ ،” هوريڪي تڪڙو جواب ڏنو.
“دوا ڇا آھي؟”
“پاؤڊر يا گوريون؟”
“سرنج.”
“تڪليف ڏيندڙ.”
“حيرت آھي! پر اھو نه وسار ته هارمون انجيڪشنس پڻ ھونديون آهن.”
“نه ان ۾ ڪوبه شڪ ناھي ته سرنج تڪليف ڏيندڙ آهي. سرنج ۾ سڀ کان پهريان ته سُئي ھوندي آهي ته پوءِ ان کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ڇا ٿي سگهي ٿو؟”
“تون کٽي وئين، پر خبر اٿئي. دوائون ۽ ڊاڪٽر حيرت انگيز طور تي ڪافي، مزاحيه ھوندا اٿئي. موت جي باري ۾ ڇا خيال آھي؟”
“مزاحيه آھي ۽ موت عيسائي پادرين ۽ ٻڌ ڌرم جي پوڄارين لاءِ برابر حيثيت رکي ٿو.”
“شاباش! پوءِ زندگي ضرور اذيتناڪ ھوندي؟”
“غلط، اها پڻ مزاحيه آهي.”
“ان صورت ۾ سڀ ڪجهه مزاحيه ٿي ويندو آهي. ھڪ ٻي ڳالهه ته ڪارٽون ٺاھڻ واري جي باري ۾ ڇا خيال آھي؟ توهان ڪنهن به صورت ۾ ان کي مزاحيه اسم سڏي نٿا سگهو نه؟“
“تڪليف ڏيندڙ، هڪ انتهائي اذيتناڪ اسم آھي.”
“ڇا مطلب؟ توهان جي باري ۾ انتهائي اذيتناڪ هڪ سٺي وضاحت آهي.”
ڪا به راند، جيڪا اهڙي حقير ۽ بي حد بري مذاق جي سطح تي اچي پهچي ته اھا نفرت جي لائق ھوندي آھي. اسان کي ان ڳالهه تي فخر آھي، جنهن کي اسان وڏي خوش طبعي واري وندر پئي سمجهيو، دنيا جي دانشورن جي محفلن ۾ ان جي ڪنهن کي سڌ ئي ناھي.
مان ساڳي طريقي جي هڪ ٻي راند ايجاد ڪري ورتي. جنهن ۾ لفظن جا ضد ٻڌائڻا ھوندا. جيئن رنگَ ڪاري جو ضد اڇو ۽ اڇي جو ضد ڪارو ٿيندو آهي. ساڳي نموني سفيد جو ضد ڳاڙھو ۽ ڳاڙهي جو ضد ڪارو آهي.
مون هاڻي پڇيو، “گل جو ضد ڇا آهي؟”
هوريڪي گَھري سوچ ۾ پئجي ويو. “مون کي ٿورو سمجهڻ ڏي. “فلاور مون” نالي هڪ ريسٽورينٽ هوندو هو. اهو ضرور چنڊ هوندو.”
“اهو ان جو ضد نه آهي، پر ان جو ھم معنيٰ آهي. ڇا ستارو ۽ تمغو ھڪ جهڙا لفظ ناھن؟ خير اھو لفظ ضد ناھي.”
“سمجهي ويس، اها ماکيءَ جي مک آهي.”
“ماکيءَ جي مک؟”
“ڇا ماکيءَ جي مک ناھي ڇا؟… ڀلا Peony گلن ۾ ڪِوليون؟”
“تون ڇا پيو ڪرين؟ ھاڻي ڪا چالاڪي نه ھلندي.”
“خبر آھي! ڪڪر جيڪي گلن کي ڍڪيندا آهن…”
“توهان انهن ڪڪرن بابت سوچيندا ھوندا، جيڪي چنڊ کي ڍڪيندا آهن.”
“بلڪل صحيح، ھوا جيڪا گلن کي تباھہ ڪري ڇڏيندي آھي. بس ته اھا هوا آهي، گل جو ضد ھوا آهي.”
“غلط جواب، ائين ٿو لڳي، ڄڻ ته ڪنهن مشهور گيت جي سٽ ھجي، تو پنهنجي اصليت سان ظاھر ڪري ڇڏي.”
“ته پوءِ، ڪنهن وڌيڪ ڳجهي شيءِ جي باري ۾ ڇا خيال آھي، جيئن ته مئنڊولين يا ستار، ڪيئن لڳو؟”
“اڃان به صحيح ناهي، گل جو ضد… توکي ڪنهن اھڙي شيءِ جو نالو وٺڻو آھي، جيڪا گل جي بلڪل ابتڙ هجي.”
“اھائي ته مان ڪوشش پيو ڪريان، ترس! ھاآآآآ… عورت. ھاڻي صحيح آ؟”
“ته پوءِ، لفظ عورت جو ھم معنيٰ ڇا ٿيندو؟”
“اندريان عضوا…”
“تون ته شاعراڻي مزاج جو نٿو لڳين، ته پوءِ اندرين عضون جو ضد ڇا ٿيندو؟”
“کير.”
“اهو ته ڪافي بهتر آهي، انهيءَ طرز جو هڪ ٻيو لفظ… شرم. لفظ شرم جو ضد لفظ ڇا آهي؟”
“بي شرمي… پر مان هڪ مشهور ڪارٽونسٽ جو نالو به وٺي سگهيس پئي.”
“ته پوءِ مسائو هوريڪيءَ بابت ڇا خيال آهي؟”
ھاڻي ان مرحلي تائين پهچندي پهچندي کلڻ جي لائق نه رهيا هئاسين ۽ اسان هڪ خاص قسم جي اداسي محسوس پئي ڪئي، ڄڻ ته مٿو سور سبب ڦاٽي رھيو هجي. اهو احساس ائين ھو، جيئن شراب پيئڻ سان نشي ۾ اچڻ بعد ٿيندو آهي.
“هاڻ بدتميز نه ٿيءُ. مان ته ڪڏهن به عام ڏوهارين وانگر گرفتار ناھيان ٿيو، جيئن توکي ڪيو ويو ھو.”
مان حيران ٿي ويس، هوريڪيءَ جي دل ۾ مون لاءِ احترام نه هو. هو مون کي هڪ اهڙو شخص سمجهندو هو، جيڪو خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪرڻ کانپوءِ ھڪ زنده لاش، بي شرم شخص ۽ بيوقوف ڀوت بڻجي ويو هجي. سندس مون سان دوستيءَ جو مقصد صرف اھو ھو ته ھو پنهنجي عياشيءَ لاءِ منهنجو ڀرپور استعمال ڪري سگهي. ان سوچ مون کي خوشي نه ڏني، پر ٿوري دير بعد مون کي احساس ٿيو ته پنهنجي باري ۾ ھوريڪيءَ مان اھڙي سوچ جي توقع ڪري پئي سگهيس. ڇاڪاڻ ته گهڻو اڳ کان، شايد ننڍپڻ کان ئي مون ۾ انساني خاصيتون ڄڻ ته گهٽ هيون ۽ مون کي اهو پڻ احساس ٿيو ته ٻين سان گڏوگڏ ھوريڪيءَ طرفان به مون لاءِ اھڙو ذلت آميز رويو جائز ھو.
مان پرسڪون ھجڻ جو مڪر ڪندي چيو، “ڏوھہ جو ضد ڇا ٿيندو؟ هي ته ڏکيو اٿئي.”
“قانون، ھي بلڪل صحيح ھوندو.” هوريڪي پوري اعتماد سان جواب ڏنو. مان سندس منهن ۾ ٻيهر ڏٺو. ويجهو عمارت تي لڳل گئس جي ڳاڙهي بتيءَ جي روشنيءَ تي نظر پئي. مون کي هوريڪيءَ جو چهرو بي رحم سرڪاري وڪيل وانگر مايوس ۽ پريشان لڳو. مون ۾ ڏڪڻي پيدا ٿي وئي.
“ڏوهه ته ڪنهن ٻئي گروپ سان تعلق رکي ٿو.” تصور ڪر ته قانون ڏوھہ جو ضد آهي!، پر شايد اھڙن سادن تصورن جي بدولت ھن “سماج” ۾ ھر شخص اطمينان واري زندگي گذاري سگهن ٿا. ماڻهن جو خيال آھي ته جتي پوليس ناھي ھوندي اتي ڏوھن جو جنم ٿيندو آھي.
“ته پوءِ، ان جو ضد ڇا ٿيندو؟ خُدا؟ اهو تنهنجي حساب سان صحيح آھي، تو ۾ ڪا ته اھڙي ڳالهه آھي، جو ائين لڳندو آھي، ڄڻ ته تو مان ڪنهن عيسائي پادري جي بوءِ پئي ايندي آھي، پر اھا مون کي ناھي وڻندي.”
“ايتري آسانيءَ سان ان مسئلي کي ختم نه ڪريون. اچ ته ٿورو گڏجي سوچي ڏسون. ڇا هي دلچسپ موضوع ناهي؟ منهنجي خيال ۾توھان رڳو هن هڪ سوال جي جواب مان ئي ڪنهن به شخص جي سڄي شخصيت جو اندازو لڳائي سگهو ٿا.”
“تون مذاق پيو ڪرين، ڏوھہ جو ضد ته نيڪي ٿيندو. هڪ نيڪ شهري ائين کڻي چئجي جيئن مان آهيان.”
”مذاق نه ڪر، نيڪي ته برائيءَ جو ضد آهي، ڏوھہ جو نه.”
“ڇا برائي ۽ ڏوهه ٻه الڳ الڳ شيون آهن؟”
“ها، منهنجي خيال ۾ الڳ آهن، نيڪي ۽ برائي ته انسانن جا ٺاهيل تصور آهن، اھي اهڙا لفظ آھن، جيڪي انسانن اتفاق سان اخلاقيات جي وضاحت لاءِ ٺاهيا آهن.”
“ڇا مصيبت آ. خير، فرض ڪجي ته ان معاملي ۾ ان جو ضد خدا آھي خُدا… خُدا. جيڪڏهن توھان سڀ ڪجهه خُدا تي ڇڏي ڏيو ته ڪڏهن به توھان سان غلط نه ٿيندو… مون کي بک لڳي آهي.”
“يوشيڪو هيٺ مٽرن جي ڀاڄيءَ پچائي رهي آهي.”
“مهرباني، مون کي مٽرن جي ڀاڄي وڻندي آھي.” هو پنهنجا هٿ ڪنڌ هيٺان رکي، فرش تي ليٽي پيو.
مان چيو، “لڳي ٿو ته توکي ڏوھہ ۾ ڪا خاص دلچسپي ناھي.”
“صحيح ٿو چئين. مان ته تو وانگر ڪو ڏوهاري نه آهيان. ٿي سگهي ٿو تہ ڪڏهن ڪڏهن ٿورو عياشي ڪندو ھجان، پر مان عورتن جو قتل ڪونه ڪندو آھيان، نه ئي وري انهن کان پئسا وٺندو آهيان.”
منهنجي دل مان مزاحمت ڀريو، پر ڪمزور ۽ بيچين آواز آيو. اُن آواز چيو ته مان ڪنهن کي به قتل ناھي ڪيو، مان ڪنهن جا پئسا ناھن کنيا… پر وري بہ، پاڻ کي خراب سمجهڻ جي دائمي عادت منهنجي مٿان حاوي ٿي وئي.
ڪنهن جي به منهن تي چئي ڏيڻ، منهنجي لاءِ بلڪل نه ممڪن ناهي ھوندو. مان پنهنجي اندر مان اڀرندڙ انهن جذبن کي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جيڪي شراب جي نشي سبب هر گهڙي ڪجهه وڌيڪ ئي خطرناڪ بڻجي رهيا هئا. بهرحال مان پنهنجي منهن ڀڻڪندي چيو، “اهڙا عمل جيڪي جيل جي سزا لائق ھجن، صرف اهي ئي ڏوهه ناھن هوندا. جيڪڏهن اسان لفظ “ڏوھ” جو اصل ضد ڄاڻي وٺون، ته مان سمجهان ٿو ته شايد ڏوھہ جي حقيقي سبب کي به سمجهي سگهون ٿا. خُدا… نجات… محبت… روشني، پر خُدا جو ضد شيطان، نجات جو ضد فنا، محبت جو ضد نفرت، روشنيءَ جو اونداھي، چڱائيءَ جو ضد برائي آھي. ڀلا… ڏوھہ ۽ دعا؟ ڏوھہ ۽ پڇتاءُ؟ ڏوھہ ۽ اعتراف؟ ڏوھہ ۽… نہ، اهي ته سڀ جو سڀ ھم معنيٰ لفظ آهن ته پوءِ ڏوھہ جو ضد ڇا ٿيندو؟”
“ڀلا جيڪڏهن لفظ ڏوھہ “crime” کي اُبتو پڙهجي… نه، ان جو ته ڪو مطلب نہٿو نڪري، پر هن لفظ ۾ ته r-i-c-e، يعني چانور، جا اکر ته آهن. ھا… چانور، مون کي بک لڳي آهي، ڪجهه کائڻ لاءِ کڻي اچ.”
“تون پاڻ وڃي ڇو نٿو کڻي اچين؟” منهنجو آواز ڪاوڙ مان ڏڪي رھيو ھو ۽ مان ان کان اڳ ائين ڪنهن کي ڏک نه ڏنو هو.
“ٺيڪ آهي، مان هيٺ ٿو وڃان، مان ۽ يوشيڪو گڏجي هڪ گناھہ ڪنداسين. اجائي بحث کان بهتر آھي ته ذاتي تجربو ڪجي. ڏوھہ جو ضد ٿيندو چانور، نه… چانور نه، اھي ته مٽر آھن!” هو نشي ۾ ايترو ڌت ھو جو لفظ نه ٺيڪ سان چئي ڪونه ٿي سگهيو.
“جيئن وڻئي تيئن ڪر، بس هتان کان نڪري وڃ.”
هو آھستي ڀڻڪيندي اٿيو، “ڏوھہ ۽ خالي پيٽ، خالي پيٽ ۽ مٽر. نه… اهي ته ھم معنيٰ آهن.”
Crime and Punishment دوستوسڪي جو ناول… انهن لفظن مون کي ڇرڪائي ڇڏيو ۽ منهنجي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ مان اندر گهڙي ويا. فرض ڪجي ته دوستوسڪيءَ “ڏوھ”“ ۽ “سزا” کي هڪ ٻئي سان گڏ ھم معنيٰ جي بدران ابتڙ لفظ سمجهي گڏي استعمال ڪيا ھجن. ڏوھہ ۽ سزا… ھي اھڙا خيال آھن، جيڪي ھڪٻئي سان بلڪل به مطابقت نٿا رکن. ائين ئي جيئن تيل ۽ پاڻي ھڪٻئي جي ابتڙ آھن. مون کي لڳو ته ھاڻي مان اھو سمجھڻ شروع ڪيو آهي ته ڪچري سان ڍڪيل، گندي تلاءَ جي تري ۾ ڪهڙا راز لڪل آھن. دوستوسڪيءَ جي ذهن جي اها افراتفري…. نه، مان اڃان تائين ٺيڪ سان ناھي سمجهيو… جنهن وقت مان اھو آواز ٻڌو، ان وقت اهڙيون سوچون منهنجي ذھن ۾ لوڏا کائيندڙ بتيءَ وانگر تجلا ڏئي رهيون هيون.
“ھي ڏس! تون وڌيڪ مٽر کڻي آيو آھين.”
هوريڪي جو آواز ۽ لهجو ئي بدلجي ويو هو. ٿوري دير اڳي ئي هو هيٺ لهي ويو هو ۽ هاڻ وري اوچتو، مون کي خبر پوڻ کان اڳ ئي واپس اچي ويو.
“ڇا ڳالهه آهي؟” مون کي ٿوري حيراني ٿي. اسان ٻئي ڇت تان لهي ٻئي ماڙ تي آياسين، منهنجي ڪمري ڏانهن ويندڙ ڏاڪڻين جي وچ تي هئاسين ته هوريڪي ھڪدم مون کي روڪيو ۽ سس پس ڪندي آڱر سان اشارو ڪري چيائين، “ڏس!”
منهنجي ڪمري جي مٿان هڪ ننڍڙي دري کليل هئي، جتان مان اندر ڏسي پئي سگهيس، بتي ٻري رهي هئي ۽ ٻه جانور نظر اچي رهيا هئا.
اکين اڳيان اوندهه ڇائنجي وئي. مان وڏا ساھہ کڻندي، پنهنجي پاڻ کي آھستي چيو، “ھي ته انسانن جي رويي جو صرف هڪ ٻيو رخ آھي. ان ۾ حيران ٿيڻ جهڙي ڪا ڳالهه ناهي.” مان ڏاڪڻين تي خوف مان بيٺو رهيس. يوشيڪو جي مدد ڪرڻ جو به ذھن ۾ خيال نه آيو.
هوريڪي زور سان کنگهيو. مان پاڻ بچائڻ لاءِ ڇت ڏانهن واپس ڊوڙيس ۽ اتي ڪري پيس. اونهاري جي رات جو، مينهن سان ڀريل آسمان ڏانهن نهاريم ته جيڪي احساس مون تي حاوي ٿيا، سي ڪاوڙ يا نفرت ۽ نه ئي وري ڏک جا ھئا. اهي احساس ته شديد دهشت جا هئا. اھڙا نه، جيڪي قبرستان ۾ ڪنهن جن يا ڀوت ڏسڻ جي ڊپ سبب پيدا ٿيا ھجن، پر اھي احساس ته ڪنهن ورثي ۾ مليل دائمي خوف جهڙا ھئا، جن کي ڪجهه لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. ائين کڻي چئجي ته اھي احساس ائين ھئا، جئين ڪنهن شنٽو مندر جي پاڪ وڻن جي جهڳٽي ۾ سفيد ڪپڙن ۾ ڪنهن ديوتا سان اوچتو اوچتو ملاقات ٿي وڃي. ان رات کان وٺي منهنجا وار وقت کان اڳ اڇا ٿيڻ شروع ٿي ويا. هاڻي پاڻ تان ئي اعتماد کڄي ويو ھو، ھر شخص تي بي انتها شڪ ٿيڻ لڳو. هن دنيا جي شين مان هر اميد، هر خوشي ۽ هر همدرديءَ کي ھميشه لاءِ ڇڏي ڏنم. اھوئي منهنجي زندگيءَ جو فيصلائتو واقعو هو. ائين لڳو، ڄڻ منهنجي وچ پيشانيءَ تي وار ڪيو ويو هجي، اھو ھڪ اهڙو ڦٽ ھو، جيڪو ڪنهن انسان سان ملڻ وقت ٻيهر اٿلي پيو ھجي.
“مون کي توسان همدردي آھي، پر اھا به اميد اٿم ته ھن واقعي توکي سبق سيکاريو آھي. مان هاڻ واپس نه ايندس. هي جاءِ ته بلڪل دوزخ آهي… پر توکي يوشيڪو کي معاف ڪري ڇڏڻ گهرجي. آخرڪار، تون به ڪا وڏي شيءِ ناهين. الله حافظ..”
هوريڪي ايترو بيوقوف نه هو، جو اھڙي شرمناڪ حالت ۾ ترسي پئي.
مان اٿي ويٺس ۽ شراب جو هڪ گلاس ڀريو. مان اونڇگارون ڏئي روئڻ لڳس، مان بيحد ۽ لڳاتارروئي پئي سگهيس.
يوشيڪو چپ چاپ پٺيان پريشان بيٺي هئي، سندس هٿن ۾ مٽرن سان ڀريل پليٽ ھئي. “هن مون کي چيو ته هو ڪجهه نه ڪندو…”
“ٺيڪ آهي، ڪجهه نه چئو. تون ٻين تي اعتبار نه ڪرڻ جي باري ۾ ايترو نٿي ڄاڻين، اچ ويهه، مٽر کائون.”
اسان گڏ ويهي مٽر کاڌاسين، مان حيران آھيان ته ڇا اعتماد به گناهہ آهي؟ اهو شخص ته هڪ اڻ پڙهيل دڪاندار هو، لڳ ڀڳ ٽيهن سالن جو ننڍي قد وارو، جيڪو مون کان ڪارٽون ٺهرائيندو هو ۽ پوءِ جيڪي ٿوري گهڻي رقم ڏيندو ھو، ان تي ڪُرڪندو ھو.
ان ۾ حيرت جي ڳالهہ ناھي ته دڪاندار ٻيهر ڪڏهن به نه آيو. مون کي ھن کان وڌيڪ ھوريڪيءَ کان نفرت ٿي. جڏهن هن پهريون ڀيرو انهن ٻنهي کي گڏ ڏٺو ته ڇت تي موٽي اچي مون کي ٻڌائڻ بدران، ھو ان وقت ڇو نه کنگهيو؟ انهن راتين ۾، جيستائين مان ان بار ۾ تڪليف سبب دانهون ڪري نه روئندو ھئس، تيستائين مان سمهي نه سگهندو ھئس ۽ منهنجي اندر ۾ سندس لاءِ نفرت وڌندي رهندي ھئي.
مان نه کيس معاف ڪيو، نه ئي وري معاف ڪرڻ کان انڪار ڪيو. يوشيڪو ماڻهن تي اعتماد ڪرڻ ۾ ڄڻ ته ماهر هئي. ھوءَ ايتري سادي ھئي، جو کيس ماڻهن تي شڪ ڪرڻ نه ايندو ھو ۽ ان سادگيءَ ئي ڏک ڏنو.
يا خدا! مان توکان پڇان ٿو، ڇا اعتماد ڪرڻ به گناهہ آهي؟
يوشيڪو جي عزت لٽجڻ، حقيقت ۾سندس ماڻهن مٿان ايتري حد تائين اعتماد ڪرڻ واري غليظ حقيقت کان گهٽ ھئي، جيڪا منهنجي لاءِ ان قدر دائمي صدمي جو باعث بڻجي وئي، جو منهنجي لاءِ زندگي گذارڻ ناقابل برداشت ٿي ويو. مون جهڙي شخص ۾ ماڻهن تي اعتماد ڪرڻ واري صلاحيت ايتري ته ٽٽي پئي آھي، جو مان بيحد ڊڄڻو ٿي پيو آھيان ۽ ھميشه ماڻهن جي چهرن تان تاثر پڙھڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان، پر ان ھوندي به يوشيڪو جو انڌو اعتبار وڻن ۾ ڍڪيل ڪنهن آبشار وانگر پاڪ صاف نظر پئي آيو. هڪ رات ئي ان پاڪ صاف آبشار جي پاڻيءَ کي پيلو ۽ غليظ ڪري ڇڏيو. بس ان رات کان وٺي يوشيڪو منهنجي هر مرڪ يا اُداسي تي پريشان ٿيڻ لڳي.
جڏهن مان کيس سڏيندو هئس ته هوءَ ڇرڪي پوندي هئي، کيس خبر نه پوندي ھئي ته ڪيڏانهن وڃي. مان جيترو به کيس کلائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس، جيترو به ھن سان مسخري ڪندو هئس، هوءَ ھميشه پريشان ۽ ڊنل رهندي هئي. هوءَ مون سان ڳالهائڻ وقت ضرورت کان وڌيڪ ادب سان پيش ايندي ھئي.
ڇا انڌو اعتبار به آخرڪار گناهہ جو سبب ٿي سگهي ٿو؟
…(هلندڙ)…
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو