مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اميتاڀ بچن جي آتم ڪٿا (قسط ستين)

Abdul Sattar Laghari استاد، ليکڪ، مترجم

ايم.اي سنڌي، مترجم، مختلف ڪتاب مرتب ڪندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

14- پريس جو 15 سال بائيڪاٽ ۽ ان کانپوءِ:
منھنجي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته مون پريس جو بائيڪاٽ ڪيو ھو، حقيقت بلڪل ان جي برعڪس آھي. اصل ۾ ايئن ٿيو ته ھڪ دفعي دليپ ڪمار ھڪ مئگزين شو جو بائيڪاٽ ڪيو، مون دليپ ڪمار جو ساٿ ڏنو. مئگزين وارن کي جڏھن خبر پئي ته بائيڪاٽ دليپ ۽ اميتاڀ وارن ڪرايو آهي ته انھن اسان تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو، آھستي آھستي اھو جھيڙو وڌندو ويو. آخرڪار بيزار ٿي مون سڄي پريس جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ۽ اھو 1982ع منھنجي حادثي تائين جاري رهيو ۽ آخرڪار 1990ع ۾ بائيڪاٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
1990ع: فيبروري ۾ “اگني پٿ” ريليز ڪئي وئي ۽ فلم جو شو پونا ۾ ڪيو ويو، جنھن ۾ خاص مھمان طور شو سينا جي اڳواڻ بال ٺاڪري کي گھرايو ويو. ٻيو شو ڪلڪتي ۾ ٿيو، جنھن جو خاص مھمان وزير اعليٰ جيوتي باسو ھو. مارچ ۾ اسان پنھنجي گھر ۾ ھولي ملھائي. اخبارن جا فوٽوگرافر پڻ آيا، مون کين چيو ته توھان اسان جا مھمان آھيو، ھتي ڪا به فوٽوگرافي نه ڪيو. انھيءَ مھيني انڪم ٽيڪس وارن مون تي ٽي ڪروڙ ويھه لکن جو ڪيس ڪيو، جيڪو مون ٽن قسطن ۾ ادا ڪيو. اپريل ۾ مون کي ڪيترائي ڀيرا ملڪ کان ٻاھر وڃڻو پيو، مون ھڪ سوئيڊش اخبار “ڊاجينز نيھٽر” تي ازالي جو ڪيس ڪيو، ان دوران منھنجون مصروفيتون وڌي ويون، جنھن ڪري آئون ميڊيا کان پري ٿي ويس. مئي مھيني ۾ منھنجي ڀاءُ بنٽي مون کي منٿون ڪري 1982ع کان به وڌيڪ زبردست ۽ وڏي اسٽيج شو ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ورتو. ان سيريز جو نالو اميتاڀ بچن ورلڊ ٽور 1990ع رکيو ويو. آمريڪا ۾ جائينٽس اسٽيڊيم مائيڪل جيڪسن ۽ ميڊونا جھڙن فنڪارن جي پروگرامن لاءِ مشھور آھي. آئون پھريون ايشيائي ھئس، منھنجو پروگرام اتي ٿي رھيو ھو. ھن پروگرام تي 2 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيو ۽ پروگرام ڪامياب رھيو. جون ۾ سياسي ۽ شخصي حوالي سان ڪيترائي مسئلا ٿيا، مون ھن مھيني ۾ فلم “ھم” لاءِ مشھور گيت “جھما جھما” فلمبند ڪرايو. ان کان اڳ اھڙي ئي قسم جو ھڪ گيت “تمنا تمنا” فلم “ٿانيدار” ۾ فلمايو ويو هو، انھي تي جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي ڪرڻ وارا پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، فنڪار، اداڪار، ميوزڪ ڪمپنيون ۽ پريس وارا شامل ھئا، ھي پنھنجي نوعيت جي منفرد جھيڙو ھو. جولاءِ ۾ مون ڊاجينز نيھٽر خلاف ڪيس کٽي ورتو، ان اخبار جي ڪري منھنجي بدنامي ٿي. 21 جون 1990ع ڇنڇر جو ڏينهن آئون ڪڏهن به نٿو وساري سگھان، ان ڏينهن تي منھنجا مداح ايئرپورٽ تي گلدستا ۽ گلن جا ھار کڻي منھنجي آجيان لاءِ پھتا ھئا. وطن واپس اچڻ تي ان کان اڳ مون کي ايڏي خوشي نه ٿي ھئي. آگسٽ ۾ “آج ڪا ارجن” کي سپر ھٽ قرار ڏنو ويو، ڊائريڪٽر ڪي سي بوڪاڊيا جي ھي پھرين فلم ھئي، ھو ڏاڍو خوش ھو، ڊسٽري بيوٽرن جو چوڻ هو ته فلم جي ڪاميابي جي ڪري بوفورس اسڪينڊل مان بچي نڪتو ھئس. سيپٽمبر 1990ع ۾ لنڊن ۾ ھڪ اسٽيج شو ٿيو، اسٽيج شو ڪرڻ مون کي ھميشه ڏکيو لڳندو آهي. اسٽيج تي وڃڻ کان پنج منٽ اڳ گرين روم ۾ ويھي ڀڄڻ جو سوچي رھيو ھوندو آھيان ۽ ھميشه ايئن ئي سوچيندو آهيان ته ھي منھنجو آخري اسٽيج شو آھي. آڪٽوبر ۾ منھنجو جنم ڏينهن آهي، آئون پنھنجي سالگره پنھنجي خاندان سان ملھائيندو آھيان. ان سال آئون مالديپ ۾ پنھنجي آزادي جي سلور جوبلي ملھائي رھيو ھئس، مون کي تقريب لاءِ دعوت ڏني وئي ھئي. نومبر ۾ مون کي ھڪ مباحثي ۾ شرڪت ڪرڻي پئي، ان جو اھتمام ڪلڪتي ۾ ڊيلي گراف ڪيو ھو، مباحثي جو موضوع “جھڙي عوام تھڙا حڪمران” ھو. ھن مباحثي ۾ سيد شھاب الدين، يش ونت، دليپ پڊگائونڪر شامل ٿيا. مون ھن مباحثي ۾ شامل نه پئي ٿيڻ چاھيو. ھن مھيني ۾ مون آئي لو بمبئي شو ۾ شرڪت ڪئي. شو کان ھڪ ڪلاڪ پھرين منھنجي زال ۽ آئون راج ڀون ۾ وزيراعظم سان گڏ سانجھاندو ڪري رھيا ھئاسين. خبر پئي ته شو ۾ ڪا تخريبڪاري ٿي سگھي ٿي، مون کي شو ۾ شرڪت ڪرڻ گھرجي، ان ڪري مون کي وڃڻو پيو. جيئن ئي مون اسٽيج تي قدم رکيا، گوڙ ڪندڙ خاموش ٿي ويا. ايئن پھريون ڀيرو نه ٿيو ھو ۽ ان کانپوءِ به ڪافي دفعا ٿيو. ڊسمبر ۾ “ھم” فلم مڪمل ٿي ۽ ميوزڪ ڪمپني ايڇ ايم وي ٻڌايو ته فلم جا گيت گھڻو مشھور ٿيا آهن، ھن مھيني ۾ سوئس عدالت منھنجي ڀاءُ کي بوفورس اسڪينڊل مان بري ڪري ڇڏيو، اسان نئون سال بنٽي سان لنڊن ۾ ملھايو.
1991ع: جنوري ۾ مون ڏکڻ آفريڪا جي ٻن شھرن جوهانسبرگ ۽ ڊربن ۾ ٻن شاندار پروگرامن ۾ شريڪ ٿيس. منھنجي اچڻ واري ڏينهن تي ايئرپورٽ تي ڪيترائي ماڻھو گڏ ٿيا ھئا، ماڻھو منھنجي ڪار تي چڙھي ويا. اسان جي رھائش جو بندوبست مھاراڻي ھوٽل ۾ ٿيل ھو، جيڪا ايئرپورٽ کان 20 منٽن جي مفاصلي تي واقع ھئي، پر ھوٽل تي پھچڻ ۾ ٻه ڪلاڪ لڳي ويا. شو ۾ سٺ ھزار ماڻھن شرڪت ڪئي. فيبروري ۾ فلم “هم” ريليز ٿي، دھلي جي سري فورٽ اسٽيڊيم ۾ ھن فلم جو پريميئر شو ٿيو، وزيراعظم چندر شيکر خصوصي مھمان طور شريڪ ٿيو، وزيراعظم پنھنجي تقرير ۾ منھنجي تمام گهڻي تعريف ڪئي، آئون هميشه وانگر پنھنجي تعريف ٻڌي شرمائيندو رھيس. فلم “هم” جا چار سئو پرنٽ ريليز ڪيا ويا، جيڪو ھندستاني فلم جو وڏو رڪارڊ آھي. مخالفن “هم” فلم جي ڪاميابي جي ڪري تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. مون به انھن جو ڄمي مقابلو ڪيو. اپريل ۾ مون کي نيشنل ايوارڊ سان نوازيو ويو، ھي ايوارڊ مون کي فلم اگني پٿ ۾ بھترين اداڪاري ڪرڻ تي ڏنو ويو. جيا دھلي ۾ پارٽي جو اھتمام ڪيو، مون پنھنجي ڌيءَ شويتا سان رقص ڪيو، ٻي ڪنھن سان نه ڪيو، ان تي ڪجھه عورتون ناراض ٿي پيون. نقاد ھڪ ڀيرو ٻيهر مون کي ايوارڊ ملڻ تي تنقيد ڪرڻ لڳا، سندن چوڻ هو ته مون کي ايوارڊ نه ملڻ گھرجي ھا. ڇو ته آئون ڪنھن به صورت ۾ ايوارڊ جي لائق ناھيان. ھن مھيني منھنجي فلم “عجوبا” ريليز ٿي. مئي مھيني ۾ انڊيا اي بروڊ نيوز سروس آئي اي اين ايس خلاف ڪيس جي سلسلي ۾ لنڊن ويس، ھن ڪيس ۾ تمام گهڻو وقت لڳو، منھنجا مداح پريشان ٿي ويا ھئا، پر عدالت سڳوري منھنجي حق ۾ فيصلو ڏئي سڀ کي حيران ڪري ڇڏيو. عدالت آئي اي اين ايس کي حڪم ڏنو ته منھنجي ساک کي نقصان پهچائي ويو آهي، ان ڪري نقصان جي تلافي ۾ 80 ھزار پائونڊ ادا ڪيا وڃن. آئون وطن پھچي پنھنجي ڪاميابي جو جشن ملهائي رھيو ھئس ته خبر پئي، راجيو گانڌي کي قتل ڪيو ويو آهي. جون جولاءِ دھلي ۾ گذاريم، ان دوران منھنجي باري ۾ سياست ۾ واپسي جا افواھ ڦھلايا ويا، اخبارن ۾ پڻ منھنجي سياست ۾ اچڻ جي حوالي سان ڪيتريون ئي خبرون شايع ڪيون ويون. ممبئي اچڻ کانپوءِ آئون ھڪ مھينو ڪنھن سان به نه مليس. آگسٽ ۾ اندرجيت فلم ريليز ٿي. حسب معمول منھنجي نقادن ھن فلم تي به تنقيد ڪئي. سيپٽمبر ۾ منھنجي آفيس مان اھو اطلاع ڏيڻ جي باوجود ته آئون پنھنجي خاندان سان آمريڪا ۾ آھيان. منھنجي باري ۾ اھي خبرون ھلايون ويون ته آئون لنڊن ۾ راجيو گانڌي جي خاندان سان گڏ آھيان. ان دوران ڪيترائي پروڊيوسر پنھنجن پنھنجن فلمن جي معاهدي لاءِ ايندا رھيا، مون ڪنھن سان به ھا يا نه، نه ڪئي. ڊسٽريبيوٽرن پڻ فلم جي ڪاميابي ۾ منھنجي موجودگي ڄاڻائي رھيا ھئا. نومبر ۾ فلم “اڪيلا” ريليز ٿي. مون ھن فلم ۾ پڻ پوليس انسپيڪٽر جو ڪردار ادا ڪيو، ھن ۾ منھنجو نالو وجي ھو. ڊسمبر ۾ خدا گواهه فلم جي ڪلائيمڪس جي شوٽنگ لاءِ نيپال وڃڻو پيو، نيپال ۾ آئون شديد بيمار ٿي پيس ۽ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويس. سڀني کي منھنجي ڳڻتي ورائي وئي، آخرڪار صحتياب ٿيس، منھنجي صحتيابي تي ڊاڪٽر پڻ حيران ٿي ويا. 1982ع ۾ پڻ ھڪ موقعي تي ڊاڪٽرن مون کي مئل قرار ڏنو ھو ۽ پوءِ منھنجو جيئرو ٿيڻ ھڪ معجزو قرار ڏنو ويو.
1992ع جنوري، فيبروري ۾ دنيا جي چئن وڏن شهرن ايمسٽرڊيم، قاھره، دمشق ۽ لنڊن ۾ منھنجي فلمن جي نمائش ڪئي وئي. مون ووگن شو ۾ به شرڪت ڪئي. ھن پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ وارو آئون پھريون ايشيائي ھئس. برطانوي وزيراعظم جان ميجر مون کي ڊنر جي دعوت ڏني، جيڪا برطانوي پارليامينٽ لاءِ ھڪ مسئلو ٿي پئي، ليبر پارٽي جي آسٽن مچل جان ميجر دارالعوام ۾ اچي وضاحتي بيان ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ۽ پڇيائين ته اسان ڪنزرويٽو پارٽي کي ڪيتري رقم ڏني آهي. ھن چيو ته مون کي ڊنر ان ڪري ڏنو ويو ته جيئن برطانيا ۾ آباد ھندو رياستن کان ووٽ حاصل ڪري سگھجي. مئي ۾ “خدا گواھ” جا 261 پرنٽ ريليز ٿيا. بمبئي ۾ ھن فلم جي نمائش دوران ڪيترن ئي سئنيمائن جي ٻاھران ماڻھن تي لاٺي چارج ڪئي وئي. ھن فلم جو پريميئر شو ايڏو زبردست ٿيو ھو جو ھندستاني فلمي صنعت جو ماضي جيئرو ٿي پيو. آگسٽ ۾ ٽي وي شو شروع ٿيو، منھنجي چاھيندڙن ھن شو کي منھنجي ڪيريئر جو ھڪ ٻيو سنگ ميل قرار ڏنو. سيپٽمبر ۾ مون شريمان عاشق جي ميوزڪ ريليز تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ھي پھرين تقريب ھئي، جنھن ۾ منھنجي ڏاڙھي رکيل ھئي ۽ ان کانپوءِ منھنجي ڏاڙھي تي سڄي ملڪ ۾ بحث شروع ٿي ويو. اھو پھريون ڀيرو ٿيو ھو جو ڪنھن اداڪار پنھنجي وڌندڙ عمر متعلق اھڙو اظھار سر عام ڪيو ھجي. دراصل اھڙن فرسوده رواجن کي ٽوڙڻ منھنجي عادت بڻجي چڪي ھئي. آڪٽوبر ۾ منھنجي پنجاھين سالگره ھئي، منھنجي خاندان ان موقعي تي ھڪ وڏي پارٽي جو اھتمام ڪيو. ھي پارٽي تاج ھوٽل بمبئي ۾ منعقد ڪئي وئي. ھن تقريب ۾ اھم سماجي شخصيتن، اداڪارن ۽ صحافين کانسواءِ چائلڊ اسٽارن کي پڻ دعوت ڏني وئي ھئي. نومبر ۾ افواھ پکيڙيا ويا ته آئون ڪلڪتي ۾ قديم ترين اخبار “امرت بازار پتريڪا” خريد ڪرڻ وارو آھيان. ھي افواهه ان وقت پکيڙيا ويا جڏھن مون اگني پٿ جي پريميئر جي موقعي تي اخبار جو دورو ڪيو ھو. ان کانپوءِ ڪلڪتي جي ھڪ ٻي اخبار جي آفيس ويس ته وري ٻيو افواھ اٿاريو ويو ته مون کي بمبئي جو شيرف ڪيو پيو وڃي. ڊسمبر ۾ ھندو بنياد پرستن بابري مسجد کي شھيد ڪري ڇڏيو، جنھن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ افراتفري پيدا ٿي وئي. فلمي صنعت ۾ پھريون ڀيرو امن لاءِ عملي قدم کنيو. سڀني مشھور اداڪارن ۽ فلمسازن امن مارچ ڪيو، ھن امن مارچ جو مقصد ڀائيچاري ۽ مذھبي رواداري کي ھٿي ڏيڻ ھو. مون ھن مارچ ۾ پنھنجي ٻنھي ٻارن سان گڏ شرڪت ڪئي.
1993ع: سنيل دت، وھتما چوڪ تي ڪيترن ئي اداڪارن ۽ فلمسازن سان گڏجي بک هڙتال ڪئي، ان وقت آئون ملڪ کان ٻاھر ھئس، پر بک ھڙتال ۾ شرڪت نه ڪرڻ ڪري مون تي تنقيد ڪئي وئي. 14 مارچ تي ٽي وي ايشيا جي نشريات جو باقاعده شروعات ٿي. ان سلسلي ۾ ھيلنسلي پيلس ھوٽل نيويارڪ ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. افواھ پکيڙيا ويا ته ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان وڏي سيٽلائيٽ چئنل ۾ جلد ئي ٽي وي ٽائيڪون روپرٽ مرڊوڪ به سرمائيڪاري ڪندو. مئي ۾ مون انيل ڪپور، سري ديوي، انوپم کير ۽ آنند جي سان گڏ اتر آمريڪا جي ڏهن ۽ برطانيه جي ٻن شھرن ۾ ڪامياب اسٽيج شو ڪيا. جولاءِ ۾ ٽورنٽو ۾ شو ڪيم. ڪجھه سماج دشمن عنصرن منھنجي شو ۾ ڏڦير ڦهلائڻ جي ڌمڪي ڏني، سيڪيورٽي لاءِ 200 پوليس آفيسرن کي پئسا ڏئي گھرايو ويو. جڏھن مان جھما جھما ڌن تي رقص ڪري رھيو ھئس ته اھا ڪنھن کي خبر نه ھئي ته ڌمڪين جي ڪري آئون ڪيترو پريشان ھئس! جڏھن شو مان واپس ھوٽل تي پھتس ته خبر پئي ته بابا واش روم ۾ پير ترڪڻ جي ڪري زخمي ٿي پيو آهي ۽ کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ان کانپوءِ ھر ھفتي ھندستان ويندو ھئس، پنج ڏينھن بمبئي ۾ رھي ۽ ھفتي جا ٻه ڏينھن آمريڪا ايندو ھئس، اھي منھنجي لاءِ انتھائي پريشاني وارا ڏينھن ھئا. نومبر ڊسمبر ۾ مون شوبز کان پري رھڻ جو اخبارن ۾ باقاعده اعلان ڪيو.
1994ع: جولاءِ ۾ منھنجي ڪيريئر جا دلچسپ سال پورا ٿيا، ان دوران مون “سات ھندستاني” کان “خدا گواهه” تائين 98 فلمن ۾ ڪم ڪيو.
1995ع: آنڌرا پرديش جي وزيراعليٰ اين ٽي راما رائو “بوبلي سھم” جو سئو روزه جشن ملهائي رھيو ھو. ھن مون کي خاص مھمان طور شرڪت جي دعوت ڏني. انھيءَ سال اميتاڀ بچن ڪارپوريشن لميٽيڊ جي نالي سان مون ھڪ تفريحي تجارتي ڪمپني قائم ڪئي. ان ڪمپني نوجوان اداڪارن لاءِ اسٽار ٽريڪ جي نالي سان ھڪ پروگرام شروع ڪيو. ھن سال مون کي رتنا پرسڪار ايوارڊ ڏنو ويو. آڪٽوبر ۾ منھنجي سالگره تي اميتاڀ بچن ڪارپوريشن لميٽيڊ طرفان تاج ھوٽل بمبئي ۾ ھڪ پارٽي منعقد ڪئي وئي. اليڪٽرانڪس جي وڏي ھندستاني ڪمپني بي پي ايل سان منھنجي ڪمپني جو معاهدو ٿيو.
1996ع: فيبروري ۾ ڊائريڪٽر اندر ڪمار جي گھر سندس سالگره جي تقريب ۾ عامر خان ۽ ماڌوري ڊڪشٽ سان گڏ شريڪ ٿيس. طويل عرصي کانپوءِ ڪئميرا جي سامهون آيس. مارچ ۾ پنھنجي گھر ۾ ھولي جو تھوار ملھائڻ لاءِ ھڪ پارٽي جو اھتمام ڪيو ويو. هميشه وانگر ھن دفعي به اسان جي گھر ٻاھران ڪيترائي ماڻهو ھولي جون واڌايون ڏيڻ لاءِ پھتا ھئا. جولاءِ ۾ چينل وي منھنجي پريميئر البم اي بي سي نشر ٿيو. ھي البم لنڊن ۾ ڊجيٽل اسٽيريو تي تيار ڪيو ويو ۽ ھن ۾ منھنجي ميوزڪ ڪمپني دي بگ بي مارڪيٽ ڪيو ھو. سيپٽمبر ۾ پنج ھدايتڪارن پنھنجي فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ مون سان معاھدو ڪيو. آڪٽوبر منھنجي سالگره جو مھينو آھي. ھن سال مون پنھنجي سالگره نه ملھائي، ڇو ته ھن سال منھنجي سھري وفات ڪئي. ھن سال اسان حسن جو مقابلو ڪيو، ان لاءِ اسان ھڪ وڏو اسٽيج تيار ڪيو، ڇت پڻ مضبوط تيار ڪئي وئي. ھن پروگرام جا سڀ ڪم ڪمپنين جي حوالي ڪيا ويا. ڊسمبر ۾ ڪي سي بوڪاڊيا “لال بادشاهه” فلم ٺاھڻ جو اعلان ڪيو، ھن مھيني اي بي سي ڪارپوريشن پنھنجي پھرين فلم “تيري ميري سپني” جو پريميئر احمد آباد ۾ ڪيو. ڊيوڊ ڌون جي فلم “ڇوٽي ميان بڙي ميان” جي نمائش پڻ ٿي، ھن فلم ۾ گووندا مون سان گڏ ڪم ڪيو ھو. فلم انڊسٽري سائيڪلون جي متاثرن لاءِ حيدرآباد ۾ ھڪ ڪرڪيٽ مئچ منعقد ڪيو. مون کي ھڪ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو. منھنجي زال جيا کي حڪومت طرفان راجيه سڀا لاءِ ٽڪيٽ ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي، پر مون انڪار ڪيو.
1997ع: ھن سال منھنجي ڌيءَ شويتا جي شادي نکل نندا سان ٿي، ھي پيار جي شادي ھئي. شاديءَ کان ھڪ مھينو اڳ ٻنھي جي ڪنھن تقريب ۾ ملاقات ٿي ۽ ٻنھي جي ھڪٻئي سان محبت ٿي وئي ۽ پوءِ ھڪ مھيني کانپوءِ اسان ٻنھي جي شادي ڪرائي ڇڏي. منھنجي پيءُ ۽ ماءُ منھنجي ڌيءَ کي سندس شاديءَ تي تمام گھڻيون دعائون ڏنيون. ٻي ڏينهن تي دھليءَ ۾ پريانيڪا گانڌي جي شادي ھئي. منھنجي فلم “مرتيو داتا” گھڻي ڪامياب نه ٿي، البته فلم جو گيت نانانانانا ري… تمام گھڻو مشھور ٿيو. ان کانسواءِ منھنجي البم “ابي بي بي” جا گيت “آئير بائير ڦٽي” کي ايم ٽي وي ميوزڪ وڊيو ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو. ريکا سان منھنجي شادي جون خبرون گردش ڪرڻ لڳيون، ھن ئي سال جيا فلمي دنيا ۾ واپسي ڪئي. ھن گووند نھالاڻي جي فلم “ھزار چوراسي ڪي مان” ۾ ڪم ڪرڻ جو معاھدو ڪيو. آگسٽ ۾ مون کي گرينڊ مارشل طور نيويارڪ ۾ ھندستاني جي يوم آزادي جي پريڊ ۾ خاص دعوت ڏني وئي.
1998ع: ھن سال منھنجو پٽ اڀيشيڪ بچن فلمن ۾ آيو، اڀيشيڪ کي جي پي دتا پنھنجي فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. فلم ميجر صاحب جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيس، جيا جي پنجاھين سالگره تي بنارس ۾ پوڄا جي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ سڀني ڀاتين شرڪت ڪئي. ھن سال منھنجي بابا جي آتم ڪٿا جي انگريزي ترجميIn the afternoon life جي دھلي ۾ مھورت ڪئي وئي.
1999ع: آڪٽوبر ۾ “بڙي ميان ڇوٽي ميان” ريليز ٿي، نقادن منھنجي مقابلي ۾ گووندا جي پرفارمنس جي گھڻي تعريف ڪئي. مارچ ۾ “لال بادشاهه” ريليز ٿي، فلم جي ڊائريڪٽر ڪي سي بوڪاڊيا فلم ريليز ٿيڻ کان ڪجھه وقت اڳ منھنجي خلاف ميڊيا ۾ بيان ڏنو ۽ پوءِ منھنجي ڪاميابي جو اعتراف ڪيائين. مئي ۾ پدمليا جي فلم “سوريا ونشم” ريليز ٿي، ھي فلم نو مھينن ۾ تيار ڪئي وئي هئي. جولاءِ ۾ اي بي سي ڪارپوريشن ۽ سھارا جي وچ ۾ گڏيل معاھدو ٿيو. ان کانسواءِ ھن ئي مھيني ۾ اي بي سي ڪارپوريشن جي آڊيو سيڪشن ۽ ٽي سيريز جي وچ ۾ گڏيل معاھدو ٿيو. فلم “ھندستان ڪي قسم” ۾ مون صوبيدار جو ڪردار مھمان اداڪار طور ڪيم. ھن فلم جو ھيرو اجي ديوگن ھو. ھن فلم ۾ منھنجي پرفارمنس کي پسند نه ڪيو ويو. اڳئين مھيني ميھل ڪماري جي فلم “ڪھرام” ريليز ٿي، جنھن ۾ منھنجي ڪردار کي گھڻو ساراهيو ويو.
…(هلندڙ)…
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو