مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اميتاڀ بچن جي آتم ڪٿا (قسط ڇهين)

Abdul Sattar Laghari استاد، ليکڪ، مترجم

ايم.اي سنڌي، مترجم، مختلف ڪتاب مرتب ڪندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

13- حسن جو عالمي مقابلو: جڏھن مون پنھنجي ڪمپني اي بي سي ڪارپوريشن جي انتظام هيٺ حسن جو عالمي مقابلو منعقد ڪيو ته سڄي ھندستان ۾ احتجاجي مظاهرا شروع ٿي ويا. احتجاج حسن جي عالمي مقابلي جي اعلان سان ئي شروع ٿي ويا ۽ تاريخ جيئن ويجھي ايندي وئي، مظاھرن ۽ احتجاجن ۾ به شدت ايندي وئي. مون پنھنجي جان جي پرواھ نه ڪئي ۽ ھي تاريخي پروگرام ڪيم. احتجاج آخر تائين جاري رھيو ۽ ڪجھه ماڻھن مون تي الزام ھنيو ته مون واعدي مطابق پروگرام جي آمدني جو ڪجھه حصو فلاحي اداري کي ناھي ڏنو. حسن جي عالمي مقابلي جو ڪاميابي سان ٿيڻ، آئون عوام جي فتح سمجھان ٿو، ماڻھن ھن مقابلي جي مخالفت نه ڪئي، احتجاج ڪرڻ وارا ڪنھن جي چرچ تي مخالفت ڪري رھيا ھئا. ھي پروگرام اي بي سي ڪارپوريشن جي سرگرمين جو حصو ھو، جيڪڏهن ھي پروگرام نه ڪيون ھا ته ٻيو ڪو ڪيون ھا. احتجاج ڪندڙن خاص طور تي عورتن جي تنظيمن منھنجا پتلا ساڙيا، خير اھو سندن جمھوري حق ھو. ڪجھه ماڻھو چون ٿا ته ھن پروگرام ۾ ڪنھن غير ملڪي فنڪار شرڪت نه ڪئي، اھو اسان ڄاڻي واڻي ڪيو ھو. جڏھن مس ورلڊ آرگنائيزيشن جي منتظمين غير ملڪي فنڪارن کي گھرائڻ جي تجويز ڏني ته اسان قبول نه ڪئي. منھنجي ذاتي راءِ اھا ھئي ته ھن پروگرام وسيلي اسان کي ھندستان جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ ھو ۽ ان مقصد تحت اسان ھن پروگرام ۾ ھندستاني فنڪارن کي شامل ڪيو. ھن پروگرام ۾ پوليس سھولت ڏيڻ بدران وڌيڪ ڏکيائي پيدا ڪئي، ڊريس ريھرسل دوران لباس کڻي ايندڙن کي روڪيو ويو. پروگرام خلاف مظاهرو ڪندڙ عورت تنظيمن طرفان مون کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، اھا به ڌمڪي ڏني وئي ته 12 عورتون اسٽيڊيم ۾ خودڪش بمبار جيڪٽ پائي حملو ڪنديون. اوما ڀارتي بيان ڏنو ته، رت جون نديون وھنديون. انھن ڌمڪين کانپوءِ سيڪورٽي وڌائي وئي، پر اھو اطلاع مون کي نه ڏنو ويو ۽ اسان سيڪيورٽي تي ٻه ڪروڙ ويھه لک خرچ ڪيا. عدالت اھا رقم اسان کي حڪومت کي ادا ڪرڻ لاءِ چيو. آئون پنھنجي عدليا جو احترام ڪيان ٿو، تنھنڪري ڪارپوريشن طرفان 15 لک ادا ڪيم. پروگرام کان ھڪ رات پھرين پوليس ڪمشنر اسان کي اطلاع ڏنو ته بقايا ٻه ڪروڙ پنج لک جمع نه ڪرايا ويا ته پروگرام ڪرڻ نه ڏينداسين. اھا جمعي جي رات ھئي، منھنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ پئسا به نه ھئا ۽ ھفتي جي پڇاڙي جي ڪري ڪنھن کان ايتري رقم گھري به نه پئي سگھيس. مون پوليس ڪمشنر سان ڳالھايو، پر ڪا به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. رات ھڪ وڳي تائين کيس مڃائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رھيس، پر ھو مڃڻ لاءِ تيار نه ھو، کيس پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ پئسا گھربل ھئا. نيٺ ڇنڇر جي ڏينهن ساڍي نوين وڳي مون پنھنجي بمبئي آفيس مان چيڪ جاري ڪرڻ لاءِ چيو، پر بينگلور پوليس چيڪ وٺڻ کان انڪار ڪيو، چيائون ته بينڪ ڊرافٽ يا سرٽيفائيڊ چيڪ ڏنو وڃي. پروگرام شروع ٿيڻ ۾ صرف اٺ ڪلاڪ باقي ھئا. ڏينھن جا يارنهن ٿيا ھئا ۽ پوليس ماڻھن کي اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو. ھاڻي سوال اھو ھو ته ڇنڇر جي ڏينهن ٻن ڪروڙن جي چيڪ لاءِ ڪير سرٽيفڪيٽ ڏئي ھا، اھا اسان جي خوشقسمتي هئي جو ڪنارا بئنڪ جي ھڪ برانچ کليل ھئي ۽ ھو اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. اھڙي طرح پوليس پروگرام شروع ٿيڻ کان ڪجھه ڪلاڪ اڳ ماڻھن کي اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني. مون کي صرف ان ڳالهه جي ڪري اطمينان ٿيو ته ھي پروگرام حسن جي عالمي مقابلي جو بھترين ۽ سڀ کان وڏو پروگرام ٿيو. ڪرناٽڪ حڪومت منھنجي مدد ڪئي، پر پوءِ اسان کي فري پاسن جي فرمائش ڪئي وئي، اسان جنھن کي به پروگرام جي حوالي سان چيو، انھن مفت پاس جي گھر ڪئي. پارڪنگ لاءِ جنھن اداري سان ڳالھايو انھن به ٻه سئو فري پاسن لاءِ چيو. پروگرام شروع ٿيڻ کان ٽي ھفتا اڳ انڪم ٽيڪس وارا آيا. انھن سڀ رڪارڊ چيڪ ڪيا ۽ پروگرام شروع ٿيڻ تائين اسان جي مٿان بيٺا رھيا، اسان ڪنھن جي به پرواهه نه ڪئي. انڪم ٽيڪس وارن کي حيرانگي ان وقت ٿي جڏهن اسان ٻن ڪروڙن لاءِ ھٿ پير ھڻڻ شروع ڪيا، جڏھن کين ٻڌايوسين ته ھي رقم پوليس وارن کي پيا ڏيون، پر انھن کي يقين نه آيو.
…(هلندڙ)….
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو