سنڌ جي امر ڪردارن ۽ اهم ماڳن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ
Mahar Faqeer شاعر، ولاگر، ليکڪ
ايم.اي اڪنامڪس، 52 ڪتابن جو ليکڪ، مختلف رسالن ۽ ادبي پليٽ فارمن تي فائز رهيو.
ڪو مڃي يا نه مڃي، پر اها هڪ ڪڙي ۽ سچي حقيقت آهي ته اسان تماشي تي تاڙيون وڄائي بنا ڪنهن سوچ ويچار ۽ عمل جي زندگي گهاريندڙ قوم آهيون، اسان وٽ قدر جي ڏاڍي گهٽتائي آهي، اسان فنڪارن کي شادين ۾ پئسا ڏئي ايلاز ۽ ميڙون منٿون ڪري گهرائيندا آهيون ۽ مٿن نوٽن جو مينهن وسائيندا آهيون، اسان شاعرن جي شاعري پڙهي نوجوان نسل کي باغي ۽ انقلابي گس طرف آماده ڪندا آهيون ۽ شاعرن جي شان ۾ قصيده گوئي ڪندا آهيون، اسان لطيف جي سورمين ۽ سورمن جا قصا بيان ڪري خود کي سنڌ پرست ۽ لطيف جو پارکو محسوس ڪرائيندا آهيون، اسان جرنيلن جي جوڌائپ ۽ شهادت تي ايئن تبصرا ڪندا آهيون ڄڻ ته اسان ان جنگ ۾ تلوار کڻي شريڪ رهيا هجون، اسان وڏيون هامون ۽ ڊاڙون هڻندڙ اها قوم آهيون جيڪا ڪڏهن به ڪنهن به مسئلي تي هيستائين هڪ نه ٿي آهي. ڇو ته هتي سڀني جا پنهنجا آئين، منشور، دستور، فڪر ۽ نظريا آهن. اسان جي پاڻ ۾ ايتري ته محبت آهي جو هتي هڪ ليڊر ٻي ليڊر سان متفق نه هجڻ سبب ساڻس هٿ نٿو ملائي، ايئن ئي اسان جي تاريخ اهڙن واقعن سان ايئن ڀري پئي آهي. جيئن اڄڪلهه پاڻيءَ جي هٿرادو قلت سبب سنڌو درياءَ ۾ واري ڀريل آهي. ياد ٿو اچي ته جڏهن سوڍل فقير بيماري سبب ڳائڻ ڇڏيو هو ته ڪير لڙي به نه آيس، ايئن ئي هتي ڪيترائي شاعر، اديب، دانشور زندگي جي آخري ڏينهن ۾ بي يارو مددگار ٿي مفلسي ۽ لاچاريءَ ۾ بي نام ۽ گمنام موت مري ويا، افسوس.
هتي هن مختصر لکت جي وسيلي مڙني پڙهندڙن آڏو اهڙي حقيقت پيش ڪيان ٿو جيڪا اسان جي جيءَ کي جنجهوڙيندي، جاڳائيندي ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندي ته اسان آخر ايترا بيحس ڇو آهيون. هيٺ ڏنل تصويرن ۾ مون سنڌ جي ماضيءَ جي مختلف امر ڪردارن جي مزارن جي تصويرن کي رکيو آهي جن سان سچ ته اسان ڄڻ آمراڻو رويو رکيو آهي. پنگريو شگر ملز جي پاسي ۾ ٻن ٽن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي عظيم شاعر خليفي نبي بخش قاسم جي آخري آرامگاھ آهي، جنهن لاءِ شيخ اياز چيو هو ته “لطيف نه هجي ها ته خليفو لطيف هجي ها” ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به لکيو ته، “شاھ لطيف کانپوءِ وارا شاعر اڪثر تارن جي مثل هئا، پر خليفو پنهنجي شاعراڻي فڪر جي يگانيت جي ڪري چوڏهينءَ جو چنڊ ٿي اُڀريو ۽ اهڙي مهان شاعر ۽ عظيم هستي جي مزار ته ڏسو جو سچ ته روئڻ ٿو اچي. هتي مون ڪجھه امر ڪردارن جي نشاندهي ڪئي آهي، پر حقيقت ۾ اسان جي سنڌ جي اهڙن عظيم ڪردارن جي مزارن ۽ يادگارن سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ٿيو آهي. ڪراچي ۾ مورڙي ۽ سندس ڀائرن جون مزارون يا گڏاپ طرف ناراٿر جبل تي موکيءَ جي متارن جون قبرون، روپا ماڙيءَ جو ڪو نالو نشان ئي ڪونهي، مڪلي قبرستان جي چوطرف افغانين جا ديرا، ڀنڀور کي چوديواري ناهي، نئين ڪوٽ جي مالڪي ڪونهي، رني ڪوٽ لاوارث لڳو پيو آهي، ٺٽي واري شاهجهان مسجد جون ديوارون ختم ٿي رهيون آهن يا وري شهدادپور ۾ ڊپٽي گهٽي ۽ سرهيا پاڙي ۾ لطيف جي سهڻيءَ جي ميهار جي مزار جو ڪتبو به ٻه اڌ ٿيل آهي. جڏهن ته اتي سنڌي ادبي سنگت جي شاخ به آهي جن جو لطيف پارڪ/باغ ۾ هفتيوار ۽ پندرنهن روزه گڏجاڻي، ويهڪ ۽ مشاعرو به ٿيندو آهي. افسوس جو ڪنهن به ان ڪتبي کي تبديل ناهي ڪيو. هوڏانهن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ انگريز سرڪار سان وڙهي شهيد ٿيندڙ جنهن جو نعرو “مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون” سڄي سنڌ ۾ اڄ به هنيو ويندو آهي ان جي مزار جو ڪتبو به پراڻي حالت ۾ آهي، پر سنڌ جو آرڪيالاجي ۽ ثقافت کاتو انهن جي سارسنڀال ۾ ناڪام رهيو آهي. هتان جي سرڪار جڏهن هر سال صوفي، لاهوتي ۽ اياز ميلن تي لکين رپيا خرچ ڪري ٿي ته پوءِ سرڪار جو اهو به ذمو ۽ فرض آهي ته هوءَ اهڙن امر ڪردارن جي مزارن جي مرمت ڪرائي کين تحفظ مهيا ڪري. باقي جيڪڏهن سرڪار ۽ ثقافت کاتو ايئن ڪن لاٽار ڪندو رهيو ته اهو رويو امر ڪردارن سان آمراڻو رويو تصور ڪيو ويندو جنهن کي تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي.
هتي مون مختصر ذڪر ڪيو آهي، پر سچ ته هتي ڪوٽن، قلعن، ماڳن، مڪانن سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن اهي ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ هجن ها ته انهن جون مرمتون ڪرائي انهن مان ناڻو ڪمايو وڃي ها، پر هتي اهي قديمي ماڳ ۽ اهڃاڻ بي ڌياني، برساتن، سم ۽ ڪلر سبب ميسارجي رهيا آهن. خدارا تاريخ کي مٽجڻ کان بچايو. ڇو ته ماضيءَ سان ئي حال ۽ مستقبل جو لاڳاپو آهي. اميد ٿي ڪجي ته سرڪار ۽ ثقافتي کاتو آمراڻو رويو ختم ڪندي امر ڪردارن جي مزارن جي بقا ۽ تحفظ کي يقيني بڻائيندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟