مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

قومون رڳو سرحدن سان نه، پر پنهنجي يادگيرين ۽ تاريخ سان زنده رهنديون آهن

Kalavanti Raja ڪالم نگار

سياسي ۽ سماجي ڪارڪن، اقليتن ۽ عورتن لاءِ جاکوڙيندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

قومون رڳو پنهنجي سرحدن سان نه، پر پنهنجي يادگيرين ۽ تاريخ سان زنده رهنديون آهن. سرحدون نقشا ٺاهينديون آهن، پر يادگيريون ۽ تاريخ قومن جي اندروني جاگرافيءَ کي جنم ڏينديون آهن. ڪنهن قوم جو اصل وطن رڳو اها زمين ناهي، جنهن تي سندس پير بيٺل هجن؛ وطن ان مٽيءَ جي خوشبو، ان ٻوليءَ جي موسيقي، انهن قبرن جي خاموشي، انهن دريائن جي رواني، انهن لوڪ ڪهاڻين جي سچائي ۽ انهن نسلن جي قربانين جو مجموعو آهي، جيڪي وقت جي وهڪري ۾ گذري وڃن ٿيون، پر پنهنجي وجود جا نشان ايندڙ نسلن لاءِ ڇڏي وڃن ٿيون. سنڌ کي جيڪڏهن انهيءَ فڪري اک سان ڏسون ته سنڌ رڳو هڪ انتظامي صوبو نظر نه ايندي، پر هڪ اهڙو تهذيبي تسلسل محسوس ٿيندو، جيڪو سنڌوءَ جي پاڻيءَ سان گڏ وهندو آيو آهي. موهن جي دڙي جي خاموش سرن کان وٺي شاهه لطيف جي بيتن تائين، ٿر جي واريءَ کان وٺي سنڌوءَ جي زرخيز ميدانن تائين، سنڌ جي سڃاڻپ ڪيترين ئي نسلن، ذاتين، قبيلن، ٻولين، عقيدن ۽ ثقافتي تجربن جي گڏيل تخليق آهي. ان ڪري سنڌ کي سمجهڻ لاءِ سنڌ جي ڪنهن هڪ برادريءَ کي سمجهڻ ڪافي ناهي ۽ ڪنهن هڪ برادريءَ جي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ به سنڌ جي وسيع تهذيبي پسمنظر کان ٻاهر نڪري نٿو سگهجي.
انهيءَ پسمنظر ۾ “پنهوار” نالو هڪ اهم تاريخي ۽ فڪري سوال بڻجي سامهون اچي ٿو. پنهنجيـوار، پنھور، پنوار، پرمار، پَوار، پونوار، پووار ۽ ٻين مشابه نالن جا روپ مختلف علائقن ۾ ملن ٿا. جڏهن ته راجسٿان، مالوا، سنڌ، پنجاب، ٿر ۽ چولستان جي تاريخي ۽ سماجي منظرنامي ۾ انهن نالن جا مختلف حوالا به ملن ٿا. انهن سڀني نالن کي هڪ ئي نسب جو قطعي ثبوت قرار ڏيڻ علمي طور درست نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته نالا وقت، ٻولي، علائقي ۽ سماجي استعمال سان تبديل ٿيندا رهيا آهن، پر انهن نالن جي ڊگهي جاگرافيائي موجودگي هڪ اهڙي تاريخ ڏانهن ضرور اشارو ڪري ٿي، جنهن ۾ جديد سياسي سرحدن کان گهڻو اڳ انسان، خاندان، مالوند قافلا، واپاري ۽ سماجي گروهه هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ڏانهن اچ وڃ ڪندا رهيا. شايد اهوئي سبب آهي جو پنهنجيـوار جي تاريخ کي رڳو ذات يا برادريءَ جي سوال تائين محدود ڪرڻ، ان جي امڪاني تاريخي وسعت کي ننڍو ڪرڻ برابر آهي. پنهوار هڪ نالو به آهي، پر ان کان اڳ هڪ يادگيري آهي؛ ۽ هر يادگيري وانگر ان کي به تحقيق، سوال ۽ تحفظ جي ضرورت آهي.
پنهوار نالي جي باري ۾ سنڌي لساني روايتن ۾ اهڙيون تشريحون پڻ ملن ٿيون، جيڪي ان کي پهون جهڙن لفظن ۽ مالوند زندگيءَ سان ڳنڍين ٿيون. اهڙي تشريح مان مالوند يا چوپائي مال سان لاڳاپيل ڪنهن سماجي پسمنظر جو امڪان ظاهر ٿي سگهي ٿو، پر لفظ جي اشتقاق کي ڪنهن به خاندان جي مڪمل نسلي سڃاڻپ جو قطعي ثبوت سمجهڻ درست نه ٿيندو. تاريخ جذبي سان نه، ثبوت سان مضبوط ٿيندي آهي؛ ۽ تحقيق جي عظمت ان ڳالهه ۾ آهي ته جتي ثبوت موجود هجي، اتي يقين سان ڳالهائجي ۽ جتي سوال باقي هجن، اتي سوال کي سوال ئي رهڻ ڏجي. شايد اسان جي برادرين کي تاريخ لکڻ جي هن اصول جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اسان اڪثر پنهنجي ماضيءَ کي ياد ڪرڻ وقت ان کي هڪ شاندار داستان ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. اسان چاهيون ٿا ته اسان جا ابا ڏاڏا بادشاهه هجن، جنگي سورما هجن، عظيم فاتح هجن ۽ اسان جي هر روايت کي هزارين سال پراڻي عظمت سان ڳنڍيو وڃي، پر حقيقي تاريخ ان کان وڌيڪ حسين ۽ وڌيڪ پيچيده هوندي آهي. هڪ هاريءَ جي محنت، هڪ مالوند جي لڏپلاڻ، هڪ عورت جي خاندان بچائڻ واري جدوجهد، هڪ استاد جو ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ڪرڻ، هڪ مزدور جو شهر اڏڻ ۽ هڪ عام انسان جو پنهنجي اصولن لاءِ بيهڻ به تاريخ آهي. تاريخ رڳو تختن جي ڪهاڻي ناهي؛ تاريخ انهن هٿن جي ڪهاڻي به آهي، جن تختن هيٺان زمين سنڀالي.
هتي اچي پنهوار جي تاريخ سنڌ جي وڏي تاريخ سان ملي ٿي. سنڌ جي ڌرتيءَ تي صدين کان مختلف برادريون آباد رهيون آهن. ڪنهن جا واسطا درياءَ سان رهيا، ڪنهن جا ريگستان سان؛ ڪنهن زراعت کي زندگي بڻايو، ڪنهن مالوند زندگيءَ کي؛ ڪنهن واپار ڪيو، ڪنهن هنر، تعليم يا خدمت کي پنهنجو رستو بڻايو. انهن سڀني گڏجي سنڌ جي سماجي ۽ ثقافتي بناوٽ کي جنم ڏنو. ان ڪري سنڌي سڃاڻپ کي صرف رت جي رشتن سان ماپڻ، ان جي ثقافتي معنيٰ کي محدود ڪرڻ آهي. سنڌي هجڻ، سنڌ جي تهذيبي تجربي ۾ شريڪ هجڻ جو نالو به آهي.سنڌي سڃاڻپ ڪنهن هڪ خاندان يا برادريءَ جي جاگير ناهي؛ اها هڪ وسيع ثقافتي ڇانوَ آهي، جنهن هيٺ مختلف تاريخون گڏجي هڪ وڏي تهذيبي ڪهاڻي بڻجن ٿيون. پنهنجيـوار هجي يا ميگھواڙ، سومرو هجي يا سما، هاليپوٽو هجي يا ڪا ٻي برادري، هر نالو سنڌ جي وڏي انساني ڪهاڻيءَ جو هڪ ممڪن باب آهي ۽ سنڌ جي عظمت انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته ان جا اهي سڀ باب گڏجي پڙهيا وڃن.
انهيءَ تهذيبي تجربي کي سڀ کان گهري، سڀ کان انساني ۽ سڀ کان ادبي زبان شايد شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڏني. شاهه لطيف سنڌ جي تاريخ کي رڳو بيان نه ڪيو؛ هن سنڌ جي روح کي آواز ڏنو. سندس شاعريءَ ۾ ريگستان به آهي، درياءَ به؛ وڇوڙو به آهي، وصل جي آس به؛ ڏک به آهي، جدوجهد به؛ عشق به آهي ۽ انساني وقار به. سندس ڪردارن کي پڙهندي اسان کي خبر پوي ٿي ته شاهه لطيف لاءِ انسان جي عظمت سندس طاقت ۾ نه، پر سندس سچائي، وفا، صبر ۽ پنهنجي مقصد سان وابستگيءَ ۾ آهي. انهن ڪردارن مان مارئي جو مقام سنڌي شعور ۾ غير معمولي آهي. مارئيءَ کي رڳو هڪ لوڪ ڪهاڻيءَ جي ڪردار طور پڙهڻ، شاهه لطيف جي فڪر کي ننڍو ڪرڻ آهي. مارئي هڪ علامت آهي پنهنجي مٽيءَ سان وفا جي، پنهنجي ماڻهن سان تعلق جي، پنهنجي سڃاڻپ کي دولت سان نه مٽڻ جي. وٽس محلن جي مقابلي ۾ ماروئڙن جي سادي زندگي آهي، پر سندس چونڊ اسان کي ٻڌائي ٿي ته وطن مادي آسائش کان وڌيڪ قيمتي ٿيندو آهي. وطن جاءِ آهي، جتي انسان جي يادگيريءَ جون پاڙون کتل هونديون آهن. هتي ڀٽائي جي مارئي وطن دوستيءَ جي اها معنيٰ ڏئي ٿي، جيڪا انتهائي اهم آهي. وطن دوستي نعرو نه، ذميواري آهي. وطن دوستيءَ جو مطلب صرف وطن سان محبت ڪرڻ نه، پر ٻين قومن ۽ برادرين کي برابر سمجهڻ پنهنجي تاريخ کي بنا ڪنهن تعصب جي پيش ڪري محفوظ ڪرڻ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ان جي علم ۽ ثقافت کي زنده رکڻ آهي. جيڪو شخص سنڌ سان محبت جو دعويٰ ڪري، پر پنهنجن ٻارن کي سنڌي ٻوليءَ کان پري ڪري ته ان تي وطن دوستيءَ بابت سوال ضرور پيدا ٿئي ٿو. جيڪو شاهه لطيف جو نالو وٺي، پر سندس شاعريءَ ۾ موجود انسان دوستي، رواداري ۽ مزاحمت کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪري ته سندس تعلق شاهه جي نالي تائين محدود رهي ٿو ۽ جيڪو پنهنجي ذات يا برادريءَ جي عظمت جون ڪهاڻيون ٻڌائي، پر پنهنجن وڏن جا نالا، ڳوٺن جون تاريخون، قربانيون محفوظ نه ڪري، اهو پنهنجي تاريخ کي وسارڻ جي عمل ۾ شامل آهي.
اسان وٽ هڪ تاريخي الميو آهي، بادشاهن جا نالا محفوظ آهن، پر ڪيترن عام ماڻهن جا نالا گم آهن؛ حڪمرانن جون جنگيون ڪتابن ۾ آهن، پر انهن جنگين ۾ مارجي ويل عام ماڻهن جو ڪٿي ذڪر ناهي. وڏن سياسي نالن جا مجسما آهن، پر انهن ماڻهن جا نشان ڪٿي آهن، جن پنهنجن ڳوٺن، اسڪولن ۽ ادارن لاءِ جدوجهد ڪندي زندگي ڏني؟ خاص طور تي انهن برادرين لاءِ، جن جي تاريخ گهڻو ڪري زباني روايتن ۾ محفوظ رهي آهي، هي هڪ اهم سوال آهي. هڪ ماڻهو مري ٿو ته هڪ زندگي ختم ٿئي ٿي؛ پر جڏهن ان جي ڪهاڻي به ختم ٿي وڃي ٿي ته هڪ ننڍڙي تاريخ به مري وڃي ٿي. انهيءَ ڪري اسان کي پنهنجن وڏن سان ڳالهائڻو پوندو. انهن کان پڇڻو پوندو ته ڳوٺ جا اهم ماڻهو ڪير هئا؟ تعليم، سياسي ۽ سماجي تحريڪن لاءِ ڪنهن پاڻ پتوڙيو؟ ڪير سرڪاري خدمتن ۾ ويو؟ ڪير اصولن تي قربان ٿيو؟ ڪهڙين عورتن خاندانن ۽ روايتن کي ڏکين وقتن ۾ سنڀاليو؟ اهي ڪهڙا ماڻهو هئا، جن جي خدمتن جو ذڪر نه ڪنهن اخبار ۾ آهي نه دستاويز ۾؟ انهن جا نالا لکڻ گهرجن، سندن تصويرون محفوظ ٿيڻ گهرجن، سندن آواز رڪارڊ ڪرڻ گهرجن ۽ سندن قبرون، خط، دستاويز، نسب ناما ۽ ڳوٺن جون ڪهاڻيون محفوظ ڪرڻ گهرجن.
اڄ اسان وٽ موقعو آهي، جيڪو اسان جي وڏڙن وٽ نه هو. موبائل فون هڪ اوزار بڻجي سگهي ٿو. هڪ ننڍڙي وڊيو ڪنهن بزرگ جي يادگيري محفوظ ڪري سگهي ٿي. هڪ تصوير ڪنهن وساريل خاندان جو آخري نشان ٿي سگهي ٿي. هڪ ڊجيٽل فائل اهڙو دستاويز محفوظ ڪري سگهي ٿي، جيڪو ٻي صورت ۾ هميشه لاءِ ضايع ٿي وڃي. اڄ جي پڙهيل لکيل سنڌيءَ جي ذميواري صرف پنهنجي روزگار تائين محدود ناهي؛ پڙهيل ماڻهو پنهنجي برادريءَ جو حافظو بڻجي سگهي ٿو. اديب پنهنجي قلم سان اهو ڪم ڪري سگهي ٿو، جيڪو ڪڏهن مورخ جي ڪتاب کان به وڌيڪ اثرائتو ٿيندو آهي. صحافي وساريل ماڻهن جا نالا عام ڪري سگهي ٿو. استاد شاگردن کي پنهنجي ڳوٺ جي تاريخ لکڻ لاءِ چئي سگهي ٿو. نوجوان پنهنجي موبائل سان بزرگن جا انٽرويو ڪري سگهن ٿا ۽ هر خاندان گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ٽن نسلن جي تاريخ لکڻ کان شروع ڪري سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح پنهنجيـوار جي تاريخ محفوظ ٿيندي ۽ سنڌ جي مجموعي تاريخ به.
اسان کي پنهنجي تاريخ بابت هڪ ٻيو اصول به ياد رکڻو پوندو: فخر ۽ تحقيق هڪ ٻئي جا دشمن ناهن. پنهنجي ابن ڏاڏن تي فخر ڪرڻ لاءِ ڪوڙ جي ضرورت ناهي. پنهنجي برادريءَ کي عزت ڏيڻ لاءِ ٻين کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت ناهي. پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ لاءِ ٻئي جي ڌرتيءَ کان نفرت ڪرڻ ضروري ناهي. شاهه لطيف جي عظمت به انهيءَ ۾ آهي ته کيس مقامي ۽ آفاقي بڻايو. مارئي سنڌ جي ڌرتيءَ مان اڀري، پر وطن لاءِ سندس وفا هر انسان جي دل کي ڇهي ٿي. سسئي سنڌ جي رڻ مان هلي ٿي، پر سندس تلاش انساني روح جي تلاش بڻجي وڃي ٿي. سهڻي سنڌوءَ جي لهرن ۾ لهي ٿي، پر سندس عشق جا سوال جاگرافيءَ کان مٿانهان ٿيو وڃن. اهوئي سنڌ جو اصل فڪري سرمايو آهي: پنهنجي مٽيءَ ۾ پاڙون، پر سوچ ۾ ڪائنات.
اڄ جڏهن دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي، جڏهن نئين نسل جي هٿ ۾ موبائل آهي ۽ ان جي ذهن ۾ عالمي دنيا جا بي شمار آواز داخل ٿي رهيا آهن، تڏهن سنڌ کي پنهنجن ٻارن کي صرف ماضيءَ تي فخر ڪرڻ نه، پر ماضيءَ کي سمجهڻ سيکارڻو پوندو. انهن کي ٻڌائڻو پوندو ته سڃاڻپ ورثي ۾ ملندي آهي، پر ان کي زنده رکڻ لاءِ شعور گهربو آهي. اسان جي برادرين جو مسئلو اهو ناهي ته اسان وٽ تاريخ ناهي؛ مسئلو اهو آهي ته اسان وٽ پنهنجي تاريخ کي گڏ ڪرڻ، جاچڻ ۽ لکڻ جي روايت مضبوط ناهي، جيتري هجڻ گهرجي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسين پنهنجي تاريخ جا تماشائي نه، پر محافظ بڻجون. پنهنجن وڏن کان پڇون، پنهنجي ڳوٺ کي لکون، پنهنجي ٻوليءَ کي پڙهون، شاهه لطيف کي رڳو پڙهون نه، پر سمجهون، پنهنجن شهيدن جا نالا محفوظ ڪريون ۽ پنهنجن وساريل ماڻهن جون ڪهاڻيون لکون.
جيڪڏهن اسان پنهنجن ٻارن کي رڳو پنهنجا نالا ڏينداسين ته اهي نالا ته ياد رکي سگهندا، پر انهن جي معنيٰ وڃائي ويهندا. جيڪڏهن اسان انهن کي تاريخ ڏينداسين ته اهي پنهنجو نالو به سمجهندا، پنهنجي ڌرتي به ۽ پنهنجي ذميواري به. ان ڪري پنهوار هجي يا سنڌ جي ڪا ٻي برادري، پنهنجي سڃاڻپ کي ماضيءَ جي دعوائن ۾ منجمد ڪرڻ بدران ان کي علم، تحقيق ۽ خدمت سان زنده رکڻ گهرجي. سنڌ جي مستقبل لاءِ سڀ کان وڏي خدمت اهائي آهي ته اسان ماضيءَ کي ايمانداريءَ سان محفوظ ڪريون، حال کي شعور سان سمجهون ۽ ايندڙ نسل کي اهو فڪري ورثو ڏيون، جنهن تي هو فخر به ڪري سگهي ۽ ان مان سکي به سگهي.
ڇو ته سنڌ ڪنهن هڪ خاندان، ذات يا برادريءَ جو نالو نه؛ پر هڪ گڏيل يادگيري آهي ۽ وطن دوستي ان گڏيل يادگيريءَ سان وفا ڪرڻ جو نالو آهي. جيڪڏهن ايندڙ نسل اسان کان پڇي ته اسين ڪير هئاسين ته جواب رڳو هڪ ذات يا خانداني نالو نه هئڻ گهرجي؛ پر اسان وٽ انهن کي ڏيڻ لاءِ هڪ تاريخ هئڻ گهرجي. جيڪڏهن اهي پڇن ته سنڌ اسان لاءِ ڇا هئي ته جواب رڳو هڪ نعرو نه هجي؛ اسان انهن کي ڏيکاري سگهون ته اسان ڇا محفوظ ڪيو ۽ جيڪڏهن اهي پڇن ته اسان لاءِ وطن دوستي ڇا هئي ته شايد سڀ کان سچو جواب اهو هجي اسان ياد رکيو، اسان سکيو ۽ محفوظ ڪيو، خدمت ڪئي ۽ پنهنجن ماڻهن جي يادگيريءَ کي مٽجڻ نه ڏنو. ڇو ته ڌرتيون رڳو دريائن ۽ جبلن سان زنده ناهن رهنديون؛ ڌرتيون انهن ماڻهن جي يادن سان زنده رهنديون آهن، جيڪي ان سان وفا ڪندا آهن ۽ شايد شاهه لطيف جي مارئيءَ سنڌ لاءِ اڄ به سڀ کان وڏو سبق اهوئي آهي ته جنهن ڌرتيءَ کي سڃاڻپ ڏني، ان جي يادگيريءَ سان وفا ڪرڻ ئي وطن دوستيءَ جي سڀ کان خاموش، پر سڀ کان وڏي صورت آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو