قومن کي دلاسا ۽ آٿتون نه گهرجن
اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته پاڪستان اندروني طور تي هڪ نهايت ڪمزور رياست آهي، جنهن ۾ پشتون ۽ بلوچ آباديءَ جو هڪ قابل ذڪر اهڙو حصو آهي جيڪو پاڪستان کي دل سان پنهنجي رياست نٿو مڃي ۽ انهيءَ حقيقت کان منهن موڙڻ مسئلي جو حل ناهي. رياست جي اڪابرن به انهن کي اعتماد، شراڪتداري ۽ برابري واري ترقي جي وسيلي پاڻ سان گڏ ڳنڍڻ ۾ ڪو غير معمولي ڪردار ادا نه ڪيو آهي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجھه ڪري سگهجي ٿو، شرط اهو آهي ته مسئلي کي محض حفاظتي پسمنظر ۾ ڏسڻ جي سياسي نقطهءِ نظر سان به ڏٺو وڃي. ان سڄي فهرست ۾ ان ڳالهه جي ترجيح هجڻ گهرجي ته غربت ۾ ورتل علائقن جو سائنسي بنيادن تي جامع سروي ۽ معاشي تجزيو ڪيو وڃي ۽ اهو معلوم ڪيو وڃي ته ڪيتري آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، ڪيترا ماڻهو جهوپڙين ۾ رهن ٿا، تعليم، روزگار، پيئڻ جي پاڻي، بنيادي انفرااسٽرڪچر ۽ پيداواري وسيلن تائين انهن جي حقيقي پهچ ڪيتري حد تائين آهي. انهن سڀني جي ڊيٽا گڏ ٿيڻ گهرجي. جيستائين رياست وٽ زميني حقيقتن تي مشتمل معاشي نقشو موجود نه هوندو، تيستائين ترقياتي منصوبا صرف انگن اکرن جي راند رهندا. ان کانپوءِ ترقي يافته صوبن ۽ وڏن شهرن جي ترقياتي بجيٽ ۾ مناسب ڪٽوتي ڪري هنگامي بنيادن تي پٺتي پيل علائقن کي ترقي ڏيارڻ ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي. معاشي فلسفو به اهوئي ٻڌائي ٿو ته سرمائيڪاري اتي ڪئي وڃي جتي محرومي سڀ کان وڌيڪ هجي. ڇاڪاڻ ته اڻبرابري صرف آمدني جو فرق ناهي، بلڪه رياست ۽ شهري جي وچ ۾ بي اعتماديءَ جو سبب به بڻبي آهي. جڏهن رياست وسيلن جي ورهاست ۾ انصاف جو عملي مظاهرو ڪري ٿي ته محروم طبقن جي اندر شراڪتداري جو احساس پيدا ٿئي ٿو ۽ اهوئي احساس ڪنهن به رياست جي استحڪام جو حقيقي بنياد بڻبو آهي. ڪارل مارڪس انهيءَ حقيقت ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو ته ڪوبه ازم، چاهي اهو ڪيتروئي شاندار ڇو نه هجي، ماڻهن کي مطمئن نٿو ڪري سگهي، جيستائين اهو انهن جي معاشي حالت کي تبديل ڪرڻ جي انقلابي حيثيت نه رکندو هجي. محض نظريا، نعرا ۽ حب الوطني جا لقب ان وقت تائين پائيدار اثر پيدا نٿا ڪن، جيستائين انهن جو عملي اظهار حقيقي ماني، تعليم، صحت، روزگار ۽ انساني وقار جي صورت ۾ سامهون نه اچي.
رياست جي اصل طاقت فوجي وسيلن کان اڳي انهيءَ معاشي انصاف ۾ لڪل هوندي آهي، جيڪو پنهنجي شهري کي اهو احساس ڏياري ٿو ته هن جو مستقبل روشن آهي ۽ هن ئي رياست سان لاڳاپيل آهي. انهيءَ لاءِ رياست کي گهرجي ته پهرين هو پنهنجو گهر ٺيڪ ڪري. ايئن نه ٿئي ته ندي ٺاهيندي ٺاهيندي ڪا وير اچي ۽ سڀ ڪجھه وهائي ساڻ کڻي وڃي ۽ اوهان افسوس سان هٿ مليندا رهجي وڃو. ياد رکو حڪمران، ليڊر ۽ ويهين گريڊ جا سرڪاري ملازم نه عوام جا چاچا ماما هوندا آهن ۽ نه ئي عوام جو پٽ يا ڀائيٽو، انهن جي وچ ۾ هڪ ئي رشتو هوندو آهي ۽ اهو آهي معاشي رشتو. جيڪڏهن اوهان معاشي رشتي ۾ اشتراڪيت پيدا نٿا ڪريو ته پوءِ مادي تاريخ ۾ ٻه طبقا قائم ٿي ويندا آهن، هڪ ظالم جيڪو سدائين حڪمران ۽ سرمائيدار هوندو آهي ۽ ٻيو عوام جيڪو سدائين مظلوم ۽ تاريخ ٺاهڻ وارو هوندو آهي. چوڻ جو مقصد ته انهن کي آٿتون ۽ وعدا نه، بلڪه معاشي انصاف گهرجي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟