مغلن جو اھو بادشاھ جيڪو درٻار ۾ ڪڏھن ڪڏھن الف اگھاڙو ايندو ھو، جنھن حڪم جاري ڪيو ھو ته ھندستان جي ھر حسين عورت بادشاھ جي امانت آھي، مغلن جي ھندستان ۾ حڪمراني ظھير الدين بابر طرفان سن 1526ع کان ابراھيم لوڌي کي پاڻي پٽ جي پھرين جنگ ۾ شڪست ڏيڻ کان شروع ٿي جيڪا 331 سال ھندستان تي قائم رھي. مغلن جا ڪل 19 بادشاھ رھيا. آخري بادشاھ بھادر شاھ ظفر کي 1857ع ۾ انگريزن کان آزادي جي جنگ ۾ انگريزن ھٿان شڪست ملي. مغلن جي دور ۾ انھن جي اقتدار جون حدون، سڄي ننڍي کنڊ تائين به پکڙيل رھيون، انگريز به ان دور ۾ واپار جي بھاني ھندستان ۾ داخل ٿيا. تاريخ جي ڪتابن ۾ ان سڄي دور تي مڪمل تفصيل سان روشني وڌل آھي ۽ ھندستان جي تاريخ ۾ ھر بادشاھ جي سموري دور تي مڪمل تفصيل ملن ٿا. پاڻ ھن تحرير ۾ مغلن جي صرف ھڪڙي بادشاھ جو ٿورو ذڪر ڪريون ٿا، جيڪو شاهجھان ٻئي جو پُٽ محمد شاھ رنگيلي جي نالي سان تاريخ ۾ گھڻو مشھور آھي، جنھن جو پورو نالو روشن اختر نصير الدين شاھ ھو، جنھن 1719ع کان 1748ع تائين لڳ ڀڳ 29 سال حڪمراني ڪئي ۽ 26 اپريل 1748ع تي گھڻي شراب نوشي سبب مري ويو.