مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

محبت پائي من ۾

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

شاھ لطيف جي ڪلام ۽ پيغام تي، تمام ٿورڙين ڀينر ليکڪائن ڪم ڪيو آهي، پر جن به لطيف جي ڪلام، فلسفي ۽ تصوف تي لکيو آهي ته انهن دل و جان سان، بلڪه محبت پائي من ۾، پوءِ قلمي پورهيو ڪيو آهي. اهڙين ڀينر ليکڪائن ۾ محترمه ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه جو نالو مڙنيءَ کان مٿانهون آهي. هڪ سال ۾ 52 هفتا ٿين ٿا. جيڪڏهن هڪ سال اندر، سٺ کان به سرس مضمون ۽ مقالا، ڪا ليکڪا لکي سگھي ٿي ته اُھا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه ئي آهي. انهيءَ ساڳي سال دوران، لطيفيات تي لکيل، سندس ڪتابن جو تعداد انهن کان علاوه آهي. هن وقت سندس ڪتاب “ديرو دوست جو” منهنجي مطالعي هيٺ آهي. ڪتاب ۾ مضمونن ۽ مقالن جو جيڪو تخليقي، تحقيقي، تاريخي، تشريحي ۽ ترتيبي سلسلو سهيڙيل آهي، اهو تعريفي آهي. انسان جڏهن قلم کڻي ٿو، اکڙين کي اوجاڳا ڏئي ٿو ۽ پريت سان پورهيو ڪري ٿو ته اهو اَمُلھه ھجي ٿو. جيڪڏهن اڳيان توريندڙ تجويز وارو آهي، يعني سچو صحيح صراف آهي ته اهو پورهيو اڻ توريو اگھامي وڃي ٿو.
مُحَبَّتَ پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙِيا جَنِ
تَنِ جو صَرافَنِ، اَڻ تورِيو اَگھائِيــو.
لطيف جي شاعريءَ ۾، جيڪا تصوف جي اُپٽار ۽ پالوٽ ٿيل آهي، ان بابت ڪيترن ئي قلمڪارن، پنهنجي پنهنجي قلم کي جُنبش ۾ آندو آهي. شاھ جي شاعريءَ جي جمال ۽ ڪمال کي، جنهن قلمڪار جيئن سمجھيو آهي، تنهن تيئن لکيو آهـي.
جَنِ کي جِيائِين، پِرِيَنِ پاڻُ پَسائِيو،
تَنِ کـي تِيــائِيــن، لِيئــا پائِــڻُ آئِيــا.
ڪتاب “ديرو دوست جو” ۾، هڪ هنڌ لکيل آهي ته “لاکيڻي لطيف، پورهيت جي هٿن کي، سونَ سان ڀيٽيو آهي. محنت سان مشروط حياتيءَ کي، سُستي ۽ غفلت کان بچائڻ جو ڏس ڏنو آهي. لطيف سرڪار جي سڄي ڪلام جي اُڀياس مان پتو پوي ٿو ته پاڻ اَنيڪ هنڌن تي، پنهنجي قوم کي، محنت، مشقت، ڪوشش ۽ جُستجُوءَ جو شعور ڏيندي، سنڌ جي ئي ماحول مطابق، سنڌي عام طبقي جي ذڪر سان، پورهئي جي عظمت بيان ڪئي آهي.” شاھ سائين، لوھارن جي ڪرت کي هن ريت بيان ڪري، سندن مان مٿانهون ڪري ٿو:
ڪَٽُ ڪَڙھي، لوھُ ٻَري، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَـنِ،
مُترڪَنِ مُنھُ ڪَڍِيا، سانداڻِيُون سَنڪَنِ،
اَڄُ پُــڻ آڳــڙِيَــنِ، مــيــڙو آهــي مَــچَّ تــي.
منهنجو ذاتي مُشاھدو آهي ته ماڻهوءَ جي تحرير ڳالھائيندي آهي. ماڻهوءَ جي لکت مان پتو پوندو آهي ته ھُو ڪهڙي طبيعت جو مالڪ آهي؟ جذباتي آهي، يا ٿڌو آهي؟ ان لکت واري گفتگوءَ کي، پڙهندڙ پنهنجي ڪنن سان نه، بلڪه اکڙين سان ٻُڌندو آهي.
ڪي ڪي تحريرون ڪڙڪ ٿينديون آهن، ته ڪي ڪي تحريرون ڪُـومـل ٿينديـون آهـن.
ڪي ڪي تحريـرون راڪ ٿينديـون آهـن، ته ڪـي ڪـي تحريـرون ريشـم ٿينـديـون آهـن.
ڪي ڪي تحريرون پنڊ پهڻ ٿينديون آهن، ته ڪي ڪي تحريرون مکـــڻ ٿينديــون آهــن.
ڪي ڪي تحريرون نيزا ٿينديون آهن، ته ڪي ڪي تحريرون نرم نفيس ٿينديـون آهن.
مون کي ڊاڪٽر صاحبه جون تحريرون، نرم، نازڪ ۽ مکڻ جهڙيون مُلائم لڳنديون آهن. اهڙين ڀينر ليکڪائن کي، ثقافتي ۽ ادبي ادارن پاران نوازڻ گھرجي. “لطيف ايوارڊ” جو اُجراءُ 1980ع کان شروع ٿيو آهي. جيستائين مون کي ياد ٿو پوي ته سال 2015ع تائين، صرف ٻن ڀينر ليکڪائن کي، ادب ۽ تحقيق جي ميدان ۾ “لطيف ايوارڊ” ڏنا ويا آهن. هڪ محترمه پروفيسر امينا خميساڻي صاحبه کي 2002ع ۾ ۽ ٻيو محترمه ج.ع منگھاڻي صاحبه کي 2007ع ۾. انهن 35 سالن جي ڊگھي عرصي ۾، بلڪه هيل تائين 45 سالن جي طويل عرصي ۾، ڪيتريون ئي ڀينر ليکڪائون، لطيف شناسيءَ جي موضوع تي پاڻ مڃائي چڪيون آهن. انهن ۾ محترمه ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه جو نالو به نمايان نظر اچي ٿو. جيڪڏهن ثقافتي ۽ ادبي ادارا، انصاف جي ترازوءَ ۾ تڪ تور ڪن، ته ڊاڪٽر صاحبه به “لطيف ايوارڊ” جي مستحق نظر اچي ٿي. سندس لطيفيات تي لکيل ڪتابن ۾ “آديسين ادب، آهي اکڙين ۾”، “عالم سڀ آباد ڪرين” ۽ “ديرو دوست جو” نمايان نظر اچن ٿا. ان کان علاوه لطيفيات تي لکيل مضمونن ۽ مقالن جو تعداد سوَنَ ۾ آهي. ان ڪري ڊاڪٽر صاحبه جو قدر، سندس حياتيءَ ۾ ئي ٿيڻ گھرجي.
ڪَتــي مَتــي آئِيُــون، ڪَــري تَنــدُ تَيــارُ،
اُٽَلَ اوڏاھِين ٿِئي، جيڏانهن پِرِينءَ پارُ،
ڪاپائِتِي قَرارُ، پـورھئـي مـان پِـرائِيــو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو