مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نوڪريءَ جي سوچ کان اڳتي وڌو، ڪاروبار جي راهه اختيار ڪريو

Hazoor Bux Malik تعليمدان، ليکڪ، ڪالم نگار

بي.ايس (P.S)، سماجي مسئلن تي آواز اٿاريندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسان مان گهڻا ماڻهو زندگيءَ ۾ ڪاميابي، سڪون ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، پر اڪثر اسان جي سوچ صرف “نوڪري” تائين محدود هوندي آهي. جيڪڏهن اسان واقعي پنهنجي زندگي بدلائڻ چاهيون ٿا ته اسان کي صرف نوڪري جي انتظار ۾ ويهڻ بدران پنهنجي ڪاروبار، هنر ۽ صلاحيتن تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ هميشه لکين يا ڪروڙين رپين جي ضرورت نه هوندي آهي. دنيا جا ڪيترائي ڪامياب ڪاروباري ماڻهو تمام ننڍڙي سرمائي يا بغير سرمائي جي پنهنجي قابليت، محنت، علم ۽ سٺي رهنمائي سان شروعات ڪري اڄ عالمي سطح تي ڪاميابي حاصل ڪري چڪا آهن. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي ڪيترن ئي يونيورسٽي شاگردن جي سوچ صرف نوڪري حاصل ڪرڻ تائين محدود هوندي آهي. هو سالن جا سال تعليم تي خرچ ڪن ٿا، سخت محنت ڪن ٿا، پر مناسب رهنمائي نه ملڻ سبب اهو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن نوڪري نه ملي ته سندن مستقبل ختم ٿي ويندو. حقيقت ۾ اهو سوچڻ ئي سڀ کان وڏي ناڪامي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان نوجوانن کي ڪاروباري سوچ، جدت، خود اعتمادي ۽ نون موقعن بابت آگاهه ڪريون. اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ آن لائين ڪاروبار، فري لانسنگ، زرعي ڪاروبار، ننڍيون صنعتون ۽ مختلف خدمتون اهڙا شعبا آهن، جتي گهٽ سيڙپڪاري سان به سٺي آمدني حاصل ڪري سگهجي ٿي. ڪاميابي هڪ ڏينهن ۾ حاصل نٿي ٿئي، پر مستقل محنت، صبر، سکيا ۽ صحيح منصوبابندي سان ماڻهو آهستي آهستي مالي طور مضبوط بڻجي سگهي ٿو. هر وڏو ڪاروبار به ڪنهن ننڍڙي شروعات مان ئي جنم وٺندو آهي. اچو ته پنهنجي سوچ کي تبديل ڪريون. صرف نوڪري ڳولهڻ بدران روزگار پيدا ڪرڻ جو خواب ڏسون. جيڪڏهن اسان پنهنجي صلاحيتن تي يقين رکون، نوان خيال اختيار ڪريون ۽ محنت جاري رکون ته ڪوبه سبب ناهي جو اسان مستقبل ۾ هڪ ڪامياب ڪاروباري، ملينئر يا بلينئر نه بڻجي سگهون.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو