مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

“سرڪاري نوڪري” کي ڇڏيو خانگي شعبن جي موقعن مان فائدو حاصل ڪيو

Hazoor Bux Malik تعليمدان، ليکڪ، ڪالم نگار

بي.ايس (P.S)، سماجي مسئلن تي آواز اٿاريندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسان جي سماج ۾ نسل در نسل هڪ سوچ هلندي اچي ته ڪاميابيءَ جو مطلب صرف “سرڪاري نوڪري” آهي. اسان جا نوجوان ڊگريون هٿ ۾ کڻي سالن تائين سرڪاري نوڪرين جي انتظار ۾ پنهنجي عمر جا بهترين ۽ قيمتي سال ضايع ڪري ڇڏيندا آهن، پر ياد رکو، جتي اسان محدود سرڪاري سيٽن جي انتظار ۾ ويهون ٿا، اتي خانگي شعبي ۾ لکين رپين جي پگهارن وارا شاندار موقعا اسان جي هٿن مان نڪري وڃن ٿا. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي سوچ کي تبديل ڪريون. ان جو هڪ وڏو ۽ زنده مثال IBEX Pakistan آهي، جيڪا هڪ عالمي سطح جي مشهور ۽ معتبر ڪمپني آهي. هن ڪمپني جا پاڪستان جي مختلف وڏن شهرن ۾ آفيسون آهن ۽ ان جي هڪ وڏي برانچ ڪراچي جي مين شاهراهه فيصل تي واقع آهي. هيءَ ڪمپني صرف نوڪري نه، پر هڪ شاندار مستقبل ۽ زبردست مراعتون فراهم ڪري ٿي.
خانگي نوڪري جا وڏا فائدا: توهان ڇا وڃائي رهيا آهيو؟ گھڻا نوجوان سوچيندا آهن ته پرائيويٽ نوڪري ۾ ڪو فائدو يا تحفظ ناهي هوندو، پر نظر وجهندوَ ته معلوم ٿيندو ته IBEX پنهنجي ملازمن کي ڪهڙيون سهولتون ڏئي ٿي؟ هي ادارو شروعاتي پگهار 60,000 کان 1,00,000+ رپين تائين ڏئي ٿو، جنهن سان گڏ سالياني پگهار ۾ اضافو (Annual Increment) پڻ ٿئي ٿو.
صحت جي سهولت: ملازمن لاءِ ميڊيڪل انشورنس ۽ OPD جي مڪمل سهولت فراهم ڪري ٿو.
فنڊ ۽ مالي مدد: پروويڊنٽ فنڊ (انويسٽمينٽ جي اختيارن سان گڏ) ۽ ضرورت جي وقت قرض جي سهولت. آرامده ماحول ۽ تربيت: آفيس ۾ بهترين فرنيچر ۽ ماحول سان گڏ، نوڪري دوران مڪمل تربيت (On-job training) ڏني وڃي ٿي. ٻيون سهولتون: هفتي ۾ 2 موڪلون، گاڏي جي سهولت (Conveyance) ۽ ساليانيون موڪلون. سڀ کان بهترين ڳالهه اها آهي ته ڊگري يا تجربي جي ڪابه حد ناهي! ڪمپني واضح طور لکيو آهي ته توهان جي ماضي جي تجربي يا وڏين ڊگرين سان اسان جو ڪو واسطو ناهي. اسان لاءِ صرف اهو اهم آهي ته توهان ڪيتري محنت سان ڪم ڪري سگهو ٿا ۽ اسان جي ٽيم لاءِ ڪيترو فائديمند ثابت ٿي سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان وٽ هي ٻه بنيادي مهارتون (Skills) آهن ته توهان کي نوڪري لاءِ پريشان ٿيڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. هن جاب لاءِ ڪمپيوٽر جي بنيادي ڄاڻ (Computer Awareness) ۽ انگريزي ڳالهائڻ جي مهارت ڪافي آهي. هي موقعو سنڌ جي نوجوانن لاءِ هڪ اهم سڏ آهي ته سنڌ جا محنتي نوجوانو! چاهي توهان ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي يا سنڌ جي ڪنهن به ننڍي وڏي شهر يا ڳوٺ سان تعلق رکندا هجو سرڪاري نوڪرين جي آسري ۾ پنهنجو وقت ضايع نه ڪريو. پنهنجي پيرن تي بيهو ۽ پنهنجي خاندان جو سهارو بڻجو. سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته IBEX ڪمپني ۾ سومر کان جمعي تائين روزانو واڪ ان انٽرويو هلي رهيا آهن.
پنهنجو سي وي کڻو، انگريزي ۽ ڪمپيوٽر جي صلاحيتن کي تيار ڪريو ۽ اڄ ئي مين شاهراهه فيصل، ڪراچي تي واقع انهن جي آفيس پهچي انٽرويو ڏيو. پنهنجي مستقبل کي پنهنجي هٿن سان روشن ڪريو! هيءَ نوڪري نه صرف شاندار مستقبل، پر زبردست مراعتون (Perks) فراهم ڪري ٿي. هر ڪنهن لاءِ موقعو: ميٽرڪ کان گريجوئيشن تائين تعليم!. هن ڪمپني جي سڀ کان وڏي خاصيت اها آهي ته هتي مختلف پوسٽن جي نوعيت موجب تعليمي قابليت ميٽرڪ (Matriculation) کان شروع ٿي انٽرپاس ۽ گريجوئيشن (Graduation) تائين وڃي ٿي، يعني جيڪڏهن توهان صرف ميٽرڪ يا انٽر پڻ پاس آهيو، تڏهن به توهان پنهنجي لائق پوسٽ تي اپلاءِ ڪري سگهو ٿا ۽ پنهنجي ڪيريئر جو شاندار آغاز ڪري سگهو ٿا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو