ڪوهه پيمائي، تفريح يا موت جي راند
ڪوهه پيمائي جبلن تي چڙهڻ، سفر ڪرڻ ۽ انهن کي سر ڪرڻ جي هڪ دلچسپ ۽ مشڪل راند يا فن آهي. ان ۾ مختلف حالتن جهڙوڪ: پٿرن ۽ گليشيئرن تي چڙهڻ شامل آهن. جيئن ته اھا راند تمام مشڪل ۽ خطرناڪ راند آھي، ان ڪري ان لاءِ خاص جسماني تندرستي (فٽنس) ۽ تربيت جي ضرورت پوندي آهي. ھن سان گڏ انھن چوٽين کي سر ڪرڻ دوران موسم جو پڻ خاص خيال رکڻو پوندو آهي. جيئن ته اھي چوٽيون تمام اوچيون ۽ برف سان ڍڪيل ھجن ٿيون ۽ انھن تي آڪسيجن جي شديد کوٽ ھوندي آھي، ان ڪري ھنن کي سر ڪرڻ وارن ڪوهه پيمائن کي پاڻ سان حفاظتي سامان گڏ کڻي هلڻو پوندو آهي، جنھن ۾ حفاظتي بوٽ، عينڪون، دستانا، ٽوپيون، رسا، آڪسيجن سلينڊر ۽ برف ھٽائڻ لاءِ بيلچا ۽ ڪھاڙيون شامل ھونديون آھن. ان کان علاوه مٿي پھچڻ ۾ جيئن ته ڪافي ڏينھن لڳي ويندا آھن ان کي نظر ۾ رکندي ڪوهه پيمائن کي کاڌ خوراڪ، گرم بسترا ۽ ڪيمپنگ جو سامان به ساڻ کڻڻو پوندو آھي. جيئن ته اھڙين چوٽين تائين پھچڻ لاءِ ڪو خاص رستو موجود نه ھوندو آھي، ان ڪري ھنن ڪوهه پيمائن جي لاءِ رستو وڃائجي وڃڻ، پير ترڪي پوڻ، رسن ذريعي اوچائيءَ تي چڙھڻ دوران رسن جو ٽٽي پوڻ ۽ شديد برفاني طوفانن جن کي “ايوالانچ” چيو ويندو آھي، جي اوچتو اچڻ جھڙا خطرناڪ موقعا موتمار ثابت ٿيندا آھن. ڪوهه پيمائي اھا خطرناڪ راند آھي، جنھن دوران اڪثر ڪري ڪوهه پيمائن جي معمولي ۽ پھرين غلطي به معاف نه ٿيندي آھي. دنيا ۾ سمنڊ جي سطح کان 8 ھزار ميٽر ۽ ان کان مٿي 14 چوٽيون آهن جن کي “ايٽ ٿاؤزنڊر” سڏيو ويندو آهي. انھن چوٽين مان 5 پاڪستان ۾ موجود آھن جن ۾ ڪي ٽو، نانگا پربت، گاشر برم 1، گاشر برم 2 ۽ براڊ پيڪ شامل آھن. ڪي ٽو جي اوچائي 8,611 ميٽر آھي ۽ اھا چوٽي ڪراڪرم جابلو سلسلي ۾ گلگت بلتستان ۽ چين جي بارڊر تي موجود آهي. ڪي ٽو کي “وحشي پھاڙ” پڻ چيو ويندو آھي، جو انگن اکرن موجب چوٽي سر ڪرڻ وارن ڏھن ڪوهه پيمائن مان سراسري طور ھڪ ڪوهه پيما پنھنجي حياتي وڃائي ويھندو آھي، چاھي اھو ڪيترو ئي تجربيڪار ڇو نه ھجي. ھن جو وڏو مثال محمد علي سدپاره جو آھي، جيڪو پاڪستان جي ڪوهه پيمائيءَ ۾ ھڪ تمام وڏو نالو ھو ۽ ھن کان اڳ 14 منجھان 8 وڏيون چوٽيون سر ڪري چڪو ھو. نانگا پربت 8,126 ميٽر اوچي چوٽي آھي، جنھن کي قاتل پھاڙ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. ھماليا جي جابلو سلسلي ۾ ديامير جي علائقي ۾ واقع آهي. نانگا پربت جي چوٽيءَ کي 450 کان 500 ڀيرا سر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنھن دوران 60 ڪوهه پيما پنھنجيون حياتيون وڃائي ويٺا. گاشر برم (1)8080 ميٽر اوچي چوٽي ڪراڪرم جي جابلو سلسلي ۾ موجود آهي. براڊ پيڪ نالي چوٽي پڻ ڪراڪرم تي ڪي ٽو جي ويجھو موجود آهي، جنھن جي اوچائي 8,051 ميٽر آھي. گاشر برم (2) 8,035 ميٽر اوچي چوٽي آھي ۽ اھا پڻ ڪراڪرم جي جابلو سلسلي ۾ واقع آهي.
دنيا جي ڪوهه پيمائن لاءِ پاڪستان جون اھي چوٽيون بي پناھ ڪشش رکن ٿيون ۽ ھر سال ڪيترائي ڪوهه پيما اھي چوٽيون سر ڪرڻ لاءِ پاڪستان ڏانھن رخ ڪن ٿا، جن مان ڪجھه ته پنھنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪري وٺن ٿا ۽ ڪيترائي ئي موت جي منھن ۾ ھليا وڃن ٿا. جولاءِ 2026 جي 30 تاريخ تي براڊ پيڪ تي ڪوهه پيمائيءَ جي ھڪ ڪوشش دوران برفاني طوفان ۾ 10 ڪوهه پيمائن جي ھڪ ٽيم ڦاسي پئي جنھن جي اڳواڻي نيپال جو جڳ مشهور ڪوهه پيما نرمل پرجا ڪري رھيو ھو. نرمل پرجا اھو ڪوهه پيما آھي، جنھن 2019 ۾ دنيا جون 14 ئي وڏيون چوٽيون (ايٽ ٿاؤزنڊر) صرف 6 مھينن ۽ 6 ڏينھن اندر سر ڪيون. ھن جو اھو رڪارڊ ڪوبه ڪوه پيما نه ٽوڙي سگھيو آھي. برفاني طوفان ۾ ڦاسڻ کانپوءِ ھنن ڪوهه پيمائن جو ڪوبه پتو نه پئجي سگھيو آھي. ميڊيا مطابق ٽن ڪوهه پيمائن جا لاش ملي چڪا آھن، جن مان ھڪ عورت ڪوهه پيما نادرا احمد، جنھن جو تعلق عمان سان آھي، نيپالي ڪوهه پيما پور بھادر ۽ آمريڪا جي عورت ڪوهه پيما ساره ملوري گيز شامل آھن. هيستائين اٺن ڪوهه پيمائن جا مڙهه ملي چڪا آهن، جڏهن ته ٻه ڪوهه پيمائن جي ڳولها يا انهن جي مڙهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. انديشو آھي ته اھي ٻه ڪوهه پيما به پنهنجي زندگيءَ جي بازي هارائي چڪا هوندا. حڪومت ھنن ڪوهه پيمائن کي ڳولهڻ لاءِ پنھنجا محدود وسيلا استعمال ڪري رھي آھي، پر ھن ڏس ۾ حڪومت کي گھڻو ڪجھه ڪرڻ جي ضرورت آھي جن ۾ ڪوهه پيمائن لاءِ وڌ ۾ وڌ سهولتون ۽ ايمرجنسيءَ لاءِ جديد ساز و سامان جو بندوبست اولين ترجيح آھي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟