ن يا سماج لاءِ سڀ کان خوبصورت ۽ قيمتي نعمتن مان هڪ نعمت ٻولي آهي ۽ ڌرتيءَ تي هر انسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ پياري ٻولي سندس مادري ٻولي آهي. جيئن ته ٻار پنهنجي مادري ٻوليءَ سان لڳاتار واقف رھي ٿو، ان ڪري مادري ٻوليءَ کي تعليم ۽ سکيا جو بهترين ۽ آسان ذريعو چيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ انگريزيءَ کي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، پر اسڪولن ۾ تعليم جو ذريعو مادري ٻولي ئي هجڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اُها شاگردن جي سمجهه کي پروان چڙهائي ٿي انهن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي ٿي جيڪا پوءِ کين ڏکي کان ڏکي ڳالهه سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿي، سندن تخليقي صلاحيتن کي وڌائي ٿي ۽ ٻين ٻولين کي سمجهڻ ۾ به بنياد فراهم ڪري ٿي. استادن ۽ شاگردن جي وچ ۾ رابطي کي بهتر بڻائي ٿي ۽ استادن کي صحيح طريقي سان پڙھائڻ ۾ پڻ مدد ڪري ٿي.