مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ميرٽ، احتجاج، سنڌ جو مستقبل ۽ سنڌ حڪومت جي سرد مهري!

Tariq Rajper ليکڪ، ڪالم نگار

بي.ايس انگلش اسڪالر، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ انگريزي ادب ۽ لسانيات جي شعبي ۾ آخري سال جو شاگرد.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي وقت بوقت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي بدعنواني، سفارش ۽ ميرٽ جي لتاڙ جا الزام لڳندا رھيا آھن. سنڌ جا تعليم يافته نوجوان نتيجن بعد روڊن، رستن تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي خلاف احتجاجي مظاھرا پڻ ڪيا آهن ته عدالتن جا دروازا پڻ کڙڪايا آھن. صحافي امداد سومري دي فرائيڊي ٽائيمز ۾ شايع ٿيل پنهنجي مضمون “Merit in Question: SPSC Once Again Under the Shadow of Scandal” ۾ لکي ٿو ته ايس پي ايس سي گذريل ٻن ڏهاڪن کان تڪرارن جي ور چڙهيل رهي آهي. سندس موجب 2003ع ۽ 2013ع جي گڏيل مقابلي وارن امتحانن (CCE) ۾ بي ضابطگين ۽ مبينا سفارش سبب عدالتي مداخلت ٿي ۽ امتحاني عمل رد ٿيو. جڏهن ته 2022ع ۾ ايس ايس ٽي پيپر ليڪ اسڪينڊل دوران ايف آءِ اي جي جاچ ۾ به سنگين بي ضابطگين جون دعوائون سامهون آيون. امداد سومرو لکي ٿو ته، بار بار سڌارن جي دعوائن باوجود ايس پي ايس سي تي ميرٽ، شفافيت ۽ احتساب بابت سوال اڄ به برقرار آهن. سنڌ حڪومت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن آڏو خاموش بڻيل آھي. شاگردن جي مسئلن تي سنڌ حڪومت ڌيان ڏيڻ کان قاصر رھي آھي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت مخلصي، نيڪ نيتيءَ، سچائي ۽ ايمانداريءَ سان سنڌ جي شاگردن سان بيھي ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي جاچ پڙتال ڪرائي، ته کير جو کير، پاڻيءَ جو پاڻي ٿي ويندو. مطلب، خبر پئجي ويندي ته الزام درست آھن يا بي بنياد. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏيڻ ڪا معمولي ڳالهه ناھي. ان امتحان لاءِ شاگرد پنھنجو رت ست ڏيئي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ، سالن جا سال، تياريون ڪن ٿا ۽ پنھنجي عمر جو سونھري وقت امتحان پاس ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳائي ڇڏين ٿا، پر نتيجا سندن لاءِ حيران ڪندڙ ثابت ٿين ٿا. نتيجا اچڻ بعد ھڪ ڳالھه صاف ظاھر ٿئي ٿي ته سنڌ جو شاگرد حقن خاطر ميرٽ جي لتاڙ خاطر روڊن تي نڪري احتجاج ڪري ٿو يا وري عدالت سڳوريءَ سان اميدون وابسته ڪري ٿو. ھڪ انڊيا جي فلم موجب، ته اڄ به جيڪڏھن ڪنھن سان ناجائزي ٿئي ٿي ته اھو چوي ٿو ته مان توکي ڪورٽ ۾ ڏسي رھندس. ڇاڪاڻ ته کين ڀروسو آھي ته ڪورٽ ضرور انصاف ڪندي. 2013ع جي امتحانن ۾ ھڪ واقعو ٿيو ھو، جنھن جي مان رپورٽ پيش ڪيان ٿو. اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) پاران 2013ع ۾ ورتل گڏيل مقابلي واري امتحان (CCE-2013) جا لکت وارا امتحان ۽ انٽرويو غيرقانوني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيا. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو: CCE-2013 جي لکت وارن امتحانن ۽ انٽرويوئن ۾ وڏي پيماني تي ٿيل غيرقانوني عملن ۽ بي ضابطگين کي نظر ۾ رکندي، انهن کي رد ۽ منسوخ ڪيو وڃي ٿو.” ( ڊيلي ٽائمز رپورٽ، 14 مارچ 2017)
ھن سال جي ڪھاڻي به پھريان کان ڪا مختلف ناھي. وڏي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھه اھا آھي ته جن شاگردن سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪيو، اھي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو 2024ع جو امتحان پاس ڪري نه سگهيا. سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسيءَ تازو ئي ميڊيا تي بيان ڏيندي چيو: “سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن رشوت ڇو ٿي وٺي؟ ڪڏھن به ڪنھن چيئرمين کي جيل ۾ وڌو ھجي ۽ پڇيو ھجي ته ٻارن سان ايتري ناانصافي ڇو ٿي ٿئي؟ ھڪ پٽيوالي کان ويندي ڪلارڪ، ڪلارڪ کان ويندي سورھين، سترهين گريڊ تائين جون نوڪريون ڏھ لک ويندي پنج ڪروڙ تائين رشوت عيوض ڏنيون وڃن ٿيون.” ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجه اظهارالحسن چيو: “ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين نوڪريون پئسن تي وڪرو ۽ سفارش تي ملن ٿيون.” سنڌ جي نامور اديب جامي چانڊيي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو: “سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ نوڪريون وڪرو ٿيڻ وارو ڌنڌو ختم ٿيڻ تائين جدوجھد جاري رکڻ گھرجي. پبلڪ سروس ڪميشن ۾ وڏي عرصي کان ميرٽ جي لتاڙ ۽ سياسي اثر رسوخ ھلايو پيو وڃي. ھي مسئلو صرف ھنن نوجوانن جو نه، پر پوري سماج جو آھي. ميرٽ جي لتاڙ جي ڪري ئي ادارا تباھ ٿين ٿا.” سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي سربراھ، سنڌ جي ھر مسئلي تي آواز بلند ڪندڙ سيد زين شاهه شاگردن جي احتجاجي ڪئمپ تي پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو: “ھي شاگردن ۽ نوجوانن جي مستقبل جو معاملو آھي، سڀني کي گڏ بيهڻو پوندو.”
“پنهنجي جا جنگ آ جاري سا ٿيندي نيٺ سوڀاري،
مري ويندا مڙيئي ماري سچيءَ سرهاڻ ۾ ملبو.”
گذريل ڏھن ڏينھن کان وٺي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اداري جي آڏو ٿڌي سڙڪ تي شاگردن طرفان پنھنجن حقن جي حاصلات ۽ 2024 جي امتحان ۾ ٿيندڙ ناانصافيءَ جي خلاف احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آھي. سنڌ جي شاگردن سان گڏ سنڌ جون اھم شخصيتون ڪيمپ تي پهتيون، جن ۾ سيد زين شاهه، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ، اياز لطيف پليجو، وڪيل عامر نواز وڙائچ، وڪيل ڪبير ڀيل، عمار دايو، سيف سميجو ۽ ٻيا شامل آھن. سندن پاران شاگردن جي حقن جي حاصلات لاءِ گڏ بيھڻ ۽ حمايت جو پڻ اعلان ڪيو ويو آھي، پر افسوس جي ڳالھه اھا آھي جو ھن وقت تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت جو ڪوبه نمائندو شاگردن سان ڳالھيون ڪرڻ ناھي آيو. سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي جو شاگرد اڳواڻ ذبيح الله مستوئي ڪورٽ کان ويندي احتجاجي ڪئمپ، احتجاجي ڪئمپ کان ويندي سماجي ميڊيا تي شاگردن جي حقن خاطر مسلسل احتجاجن ۾ سرفهرست رهيو آهي. سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي (SSAC) جيڪا، گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) خلاف احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ويٺي آهي ۽ مختلف مرحلن تي پُر امن احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا آھن، ان جا بنيادي مطالبا هي آهن: “CCE-2024 جا انٽرويو فوري طور منسوخ ڪيا وڃن؛ CCE-2024 جي سموري امتحاني عمل کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي؛ SPSC ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي مڪمل طور بحال ڪيو وڃي؛ سرڪاري نوڪرين جي مبينا وڪري جو سلسلو ختم ڪري ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي؛ ۽ مستقبل ۾ هر ڀرتي جو عمل مڪمل طور منصفاڻو، شفاف ۽ صرف ميرٽ جي بنياد تي يقيني بڻايو وڃي.” شاگردن جي جدوجھد جو منظر بنگلاديش ۽ انڊيا جي ملڪ ۾ ڏسي چڪا آھيون. ٻنھي ملڪن کي ڏسندي، معلوم ٿئي ٿو ته، نوجوان شاگرد جيڪڏهن پنھنجيءَ تي اچن ته وزيراعظم ۽ وزير تعليم به استعيفائون ڏئي سگھن ٿا ۽ ڪجھه ئي ڏينهن ۾ دنيا جي وڏي تحريڪ (ڪاڪروچ جنتا پارٽيءَ جيان) ٿي اڀري سگھي ٿي. وفاقي گھرو وزير محسن نقوي “جيڪڏهن پاڪستاني ڪاڪروچ به گڏ ٿي وڃن، ته سڀ ڪجهه اونڌو ڪري سگهن ٿا. اڄ جو نوجوان اسان کان ليپ ٽاپ يا ٻه ٽي ھزار نه، پر روزگار، اڳتي وڌڻ جا موقعا، ميرٽ ۽ انصاف گهري ٿو.” “۽ جڏهن ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو ته انصاف سان ڪريو.” (سورة النساء، 4:58) قرآن پاڪ جو هي اصول رڳو عدالتن لاءِ نه، پر هر اهڙي اداري لاءِ به رهنمائي آهي، جيڪو ماڻهن جي حقن ۽ مستقبل بابت فيصلا ڪري ٿو. ھاڻي سوال اھو ٿو اڀري: ته ڇا سنڌ حڪومت نوجوانن جي پُرامن احتجاج تي ڌيان ڏيندي؟ يا نوجوانن کي ڀارت جي ڪاڪروچ جنتا پارٽيءَ جيان تحريڪ ٺاھڻ تي مجبور ڪندي؟! سنڌ حڪومت کي گھرجي ته شاگردن جا مسئلا ٻڌي ڪري حل ڪري ۽ پنھنجو موقف واضح ڪري. شاگرد توھان کان پنھنجي جائز حقن جو مطالبو ڪن ٿا. ڪورٽ سڳوري جي جج صاحبان کي گذارش آھي ته سنڌ جي شاگردن سان حق ۽ انصاف ڪيو. انھن جون اميدون ڪورٽ سڳوريءَ سان وابسته آھن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي به گھرجي ته شاگردن سان انصاف ڪري ميرٽ کي ترجيح ڏئي. جيڪڏهن توهان سنڌ جي شاگردن سان حق ۽ انصاف نه ڪيو ته سماج جي بگاڙ جا ذميدار توھان هوندا. اميد ڪجي ٿي ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي شاگردن جي گڏيل جدوجهد، سنڌ جي تاريخ ۾ ھڪ اھم باب بڻجي رقم ڪئي ويندي. سڄي سنڌ اوھان سان گڏ آھي. انشاءَ الله سوڀ حق جي ٿيندي!
جِتِ نه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهِڙِي؛،
ٻِيو ٻارِيندو ڪيرُ، کاهوڙِڪِيءَ کيرَ ري؟
(سُر کاھوڙي ٢‏:٦).

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو